Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سياست ۾ عوام جي شموليت: سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ ذميواري، ضرورت ۽ مستقبل

سياست ۾ شموليت رڳو ووٽ ڏيڻ تائين محدود ناهي، پر ان ۾ حڪومت تي تنقيد، عوامي جلسن ۾ شرڪت، سماجي تبديلين لاءِ آواز اٿارڻ ۽ ادارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جهڙا عمل شامل آهن.

عوام جي فعال شموليت سان ڪرپشن، بدعنواني ۽ غلط فيصلن کي روڪي يا انهن جو احتساب ڪري سگهجي ٿو.

عبدالله عثمان مورائي

انسان هڪ سماجي ۽ سياسي جانور آهي. هن جو وجود ڪڏهن به سياست کان الڳ نه رهي سگهيو آهي. سياست رڳو حڪومت ڪرڻ يا پارٽين سان تعلق رکڻ، وڏن وزيرن، ايم اين ايز يا پارليامينٽ جي ايئرڪنڊيشنڊ هالن تائين محدود رهڻ جو نالو ناهي ، پر اها هر ڳوٺ، هر پاڙي، هر يوسي، هر ضلعي ۽ هر صوبي ۾ هر فيصلي، هر قانون ۽ هر ريت ۽ رسم جو حصو آهي جيڪو اسان جي روزمرهه جي زندگيءَ سان جڙيل ۽ اسان تي اثرانداز ٿئي ٿو.

هڪ آزاد ۽ ترقي پسند معاشري لاءِ سياست ۾ عوام جو فعال ڪردار انتهائي ضروري آهي. بدقسمتيءَ سان، پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ گهڻا ماڻهو سياست کان پري رهڻ کي پسند ڪندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته سياست صرف سياستدانن جو ڪم آهي. پر اهو هڪ وڏو وهم آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان سياست کان پاسو ڪندا آهيون تڏهن اسان پنهنجي زندگيءَ جا اهم فيصلا ٻين جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهيون. مثال طور پاڻيءَ جي ورهاست هجي يا روڊن جي مرمت، اسڪولن ۾ استاد مقرر ٿيڻ هجي ، روزگار جا مسئلا هجن، يا اسپتالن ۾ دوائن جي گهرج، کوٽ ۽ فراهمي  هجي،  انهن سڀني معاملن جو فيصلو ڪنهن نه ڪنهن سطح تي سياسي عمل ذريعي ٿيندو آهي. تنهنڪري عام ماڻهوءَ لاءِ سياست کان پاسو ڪرڻ جو مطلب پنهنجي ئي حقن تان هٿ کڻڻ آهي.

هي مضمون اسان جي سماج ۾ مقامي، صوبائي ۽ قومي سطح تي سياست ۾ عوام جي شموليت جي اهميت تي روشني وجهي ٿو.

سياست ۾ شموليت ڇو ضروري آهي؟

سياست ۾ شموليت رڳو ووٽ ڏيڻ تائين محدود ناهي، پر ان ۾ حڪومت تي تنقيد، عوامي جلسن ۾ شرڪت، سماجي تبديلين لاءِ آواز اٿارڻ ۽ ادارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جهڙا عمل شامل آهن.

سياست ۾ عوام جي شموليت ئي جمهوريت جو بنياد ۽ ان جي روح کي جيئرو رکي ٿي. هڪ مضبوط جمهوريت لاءِ ضروري آهي ته عوام پنهنجي حقن ۽ ذميوارين کان واقف هجي ۽ حڪومت کي جوابده بڻائي. اسان جي سماج کي درپيش بنيادي مسئلا جهڙوڪ پاڻي، تعليم، صحت روزگار ۽ روڊ رستا سياسي فيصلن سان جڙيل آهن. جڏهن ماڻهو سياست ۾ حصو وٺندا آهن ته هو انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وجهي سگهن ٿا ۽ فيصلا سازي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. عوام جي فعال شموليت سان ڪرپشن، بدعنواني ۽ غلط فيصلن کي روڪي يا انهن جو احتساب ڪري سگهجي ٿو. جڏهن حڪمرانن کي خبر هوندي ته عوام سندن هر عمل تي نظر رکي رهيو آهي ته هو عوامي مفادن ۾ وڌيڪ شفافيت سان ڪم ڪندا. سياست ۾ شامل ٿيڻ سان انسان کي پنهنجي سماج کي بهتر بنائڻ جو احساس ملندو آهي. اهو نه رڳو ذاتي يا انفرادي ترقي آڻي ٿو پر سڄي سماج ۾ بهتري جو سبب بڻجي ٿو.

سنڌ ۽ پاڪستان جي حوالي سان شموليت جي اهميت

سنڌ ۽ پاڪستان ۾ سياسي شموليت جي اهميت کي ٽن سطحن تي سمجهي سگهجي ٿو: مقامي، صوبائي ۽ قومي.

1. مقامي سطح تي شرڪت (ڳوٺ ۽ شهر) تي ڇو ضروري آهي؟

سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مقامي حڪومتن جي ڪمزوري هميشه وڏي مسئلي طور رهي آهي. گهڻا ماڻهو چونڊن جي ڏينهن ووٽ ته وجهن ٿا، پر ان کان پوءِ پنهنجو ڪردار ختم سمجهن ٿا. اصل ۾ مقامي سطح تي سياست ۾ شرڪت  سڀ کان وڌيڪ اهم آهي ڇو ته ان جو سڌو تعلق اسان جي روزمره جي زندگي سان آهي.

هڪ شهر ۾ پاڻي جي کوٽ، صفائي، پاڻي جونيڪال يعني گٽر سسٽم ۽ گهٽين جي حالت جهڙا مسئلا سڌي طرح مقامي حڪومتن جي ذميواري آهي ۽ اهي يوسي ۽ ٽائون ڪاميٽي جي ذريعي حل ٿين ٿا. جڏهن ماڻهو مقامي سياست ۾ حصو وٺندا آهن ته هو پنهنجي گهر، پاڙي ۽ علائقي جي مقامي مسئلن جو سڌو حل ڳولي سگهندا آهن.

ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن ماڻهو مقامي نمائندن کان جوابدهي نه گهرندا ته اهي نمائندا پنهنجي مرضي سان ڪم ڪندا، سو ان لاء  ضروري آهي ته مقامي سطح تي ماڻهن جو سياسي شعور وڌڻ گهرجي، ان سان گهڻي قدر ڪرپشن گهٽجي سگهي ٿي ۽ ماڻهن جي بنيادي ضرورتن کي ترجيح ملي سگهي ٿي.

2. صوبي جي سطح تي سياسي شرڪت

سنڌ ۾، جتي تعليم ۽ صحت جا مسئلا تمام گهرا آهن، انھن کي حل ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي تي عوام جي نظر هجڻ تمام ضروري آهي. صوبائي معاملن ۾ عوام جو آواز اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. صوبائي سطح تي تعليم، صحت، زراعت ۽ امن امان جا معاملا سنڀاليا ويندا آهن. سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن ماڻهو سياسي طور منظم ٿيا آهن ته پنهنجن وسيلن بابت سوال کڻي سامهون آيا آهن. صوبي جي سطح تي شرڪت ان ڪري ضروري آهي جو سنڌ جي زراعت، زمينن، پاڻي ۽ ٻين انيڪ وسيلن بابت اهم فيصلا صوبائي اسيمبلي ۾ ٿين ٿا.

جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو پنهنجن نمائندن کي ذميوار نه بڻائيندا ته پاڻيءَ جي ورهاست، نوڪرين، بيروزگاري، تعليمي پاليسين يا ٻوليءَ جي تحفظ جهڙا مسئلا نظرانداز ٿيندا. صوبي ۾ قانونسازي رڳو تڏهن عوام لاءِ فائدي واري ٿيندي جڏهن عوام پنهنجن چونڊيل نمائندن تي نظر رکندو.  جڏهن عوام صوبائي معاملن ۾ دلچسپي وٺندو آهي ته صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ وزير عوام جي مسئلن کي سنجيدگيءَ سان وٺندا آهن.

3. قومي سطح تي سياست ۾ حصو (ملڪ جي سطح تي)

قومي سطح تي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي، دفاع، معيشت، وفاقي بجيٽ، قومي وسيلن جي ورهاست ، قانون سازي ۽ ٻيا اهم فيصلا ٿين ٿا. عوام جي قومي سياست ۾ دلچسپي هجڻ ضروري آهي ته جيئن حڪومت ڪنهن به قسم جي اهڙي پاليسي نه ٺاهي جيڪا عوام جي مفادن جي خلاف هجي. مثال طورڪنهن به نئين ٽيڪس يا بجلي جي قيمت ۾ واڌ جهڙن فيصلن تي عوام جي راءِ اهم آهي. اها راءِ ماڻهن کي اختيار ڏئي ٿي ته هو پنهنجي ملڪ جي مستقبل کي محفوظ ۽ بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجن نمائندن کي پنهنجي راءِ جي صورت ۾ جوابده بڻائين. سنڌ جي ماڻهن لاءِ قومي سياست ۾ شرڪت ان ڪري تمام ضروري آهي جو قومي سطح تي سياسي نمائندگي سان ئي وفاق ۾ توازن اچي سگهي ٿو. ان سان گڏوگڏ قومي پاليسين ۾ شموليت سان سنڌ جي آواز کي ملڪ جي فيصلا سازي ۾ شامل رکڻ ممڪن آهي. سنڌ جي وسيلن (گئس، ڪوئلو، پاڻي، سامونڊي بندرگاهه) قومي اهميت رکن ٿا، پر جيڪڏهن سنڌ جا نمائندا قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پنهنجو ڪردار صحيح طرح سان نه نڀائيندا ته اهي وسيلن مان فائدو نه وٺي سگهندا.

رڪاوٽون ۽ حل

بدقسمتيءَ سان، اسان جي سماج ۾ سياست ۾ شموليت جون ڪيتريون ئي رڪاوٽون آهن. ماڻهن کي سياسي عمل بابت پوري ڄاڻ نه آهي ۽ ڪيترن کي اهو احساس آهي ته سندن اڪيلو ووٽ يا راءِ ڪو فرق پيدا نٿو ڪري. ڪرپشن ۽ سياسي افراتفري به ماڻهن کي سياست کان پري ڪري ٿي. پر انهن رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جو حل هيئن ٿي سگهي ٿو ته اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ سياسي تعليم کي نصاب جو حصو بڻائڻ گهرجي ته جيئن نوجوان پنهنجي سياسي حقن ۽ ذميوارين کان واقف ٿين. نوجوانن کي سياسي بحثن ۽ سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ همٿائڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهي قوم جو مستقبل آهن. سوشل ميڊيا ۽ ٻين ڊجيٽل پليٽفارمن کي عوام ۾ سياسي آگاهي پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. ٻيو وري پوليس، عدالت ۽ اليڪشن ڪميشن جهڙن ادارن کي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ گهرجي ته جيئن عوام جو انهن تي اعتماد وڌي.

سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ نئون رويو

اسان کي سياست کي رڳو پارٽي بازي يا جذباتي نعرا سمجهڻ بدران ذميواري، جوابدهي ۽ عوامي ڀلائيءَ جي عمل طور ڏسڻو پوندو. جيڪڏهن نوجوان عورتون ۽ عام شهري سياست ۾ پنهنجي آواز سان شرڪت ڪندا ته سماجي انصاف وڌندو، وسيلن جي برابر ورهاست ممڪن ٿيندي،  جمهوريت مضبوط ٿيندي ۽ آئين ۽ قانون جو احترام وڌندو.

 سياست کان پري رهڻ جا خطرا

جيڪڏهن ماڻهو سياست کان پري رهندا، ته فيصلا صرف بااثر اشرافيه، وڏيرا يا ڪرپٽ گروهه ڪندا. عام ماڻهوءَ جي ضرورتن بدران مخصوص مفادن کي ترجيح ملندي.عدم شرڪت جي ڪري ماڻهن جي حقن ۽ وسيلن جو تحفظ ممڪن نه رهندو.

آخر ۾ حاصل مقصد ته سياست کان لاتعلقي، دراصل پنهنجي مستقبل کان لاتعلقي آهي. سنڌ ۽ پاڪستان کي اهڙي شعور ۽ عملي شرڪت جي ضرورت آهي جنهن ۾ هر شهري ووٽ ڏيڻ کان علاوه به روزمرهه فيصلا سازيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. سياست ۾ عوام جي شموليت هڪ خوشحال، پرامن ۽ ترقي يافته سنڌ ۽ پاڪستان جي تعمير لاءِ ناگزير آهي. سياست ۾ حصو نه وٺڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان پنهنجي زندگيءَ جي فيصلن تي ڪنٽرول ڇڏي ڏنو آهي. هر فرد جي شموليت سان اسان هڪ اهڙو سماج ٺاهي سگهون ٿا جتي انصاف، برابري ۽ خوشحالي هجي. اچو ته اسان سڀ گڏجي سياست کي رڳو سياسي پارٽين جو ڪم سمجهڻ بدران، پنهنجي قومي ۽ انفرادي زندگيءَ جو هڪ اهم حصو سمجهون ۽ ان ۾ فعال ڪردار ادا ڪريون.

 سياست ۾ دلچسپي نه هجڻ سان اهو مسئلو ختم نه ٿو ٿئي پر اهو پنهنجي گهر تائين اچي سگهي ٿو. مقامي،.صوبي ۽ قومي سطح تي شرڪت سان ئي جمهوريت سچي معنيٰ ۾ عوامي ٿي سگهندي ۽ سنڌ ۽ پاڪستان هڪ ذميوار، انصاف تي ٻڌل ۽ ترقي يافته سماج جي طرف وڌي سگهندا.

________________

سنڌ جي شھر مورو جوعبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو انگريازي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ باقاعدہ ڪالم لکندڙ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button