Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آ :  کيرٿر جي ماٿري ڪرچات ۾ ڌرتيءَ جا سُور سلڻ

ڪنھن دوست ٻڌايو ته ٿر ۾ ھڪ ٻار جي ماءُ کي جڏھن چيو ويو ته ٻار کي ٿڃ پياريندي ڪر ته ھن وراڻيو ھو: تون ٿڃ جي ڳالھه ٿو ڪرين، اسان جي اکين مان لُڙڪ به سُڪي ويا آھن ته ٿڃ ڪٿان ايندي.“

آيل راڳي رفيق فقير به ان رات حليم باغيءَ جي شاعريءَ ”سڄي رات تارن جون ڳالھيون ٻڌائي، ڀلا ڪيستائين ڪو بُک کي ڀڄائي، ٻچا ماني ماني پُڪاري مري ويا ۽ مانيءَ جي اُڊڪي ۾ ويلا ٽري ويا“ ۾ سُرن جو رُوح ڦُوڪيو ته سندس آلاپَ رات جي سانت کي چيريندا ھليا ويا ۽ ٻرندڙ مچ مان باھه جا اُلا آسمان سان احتجاج ڪرڻ لاءِ اُڀا ٿِي ٿَي ويا

نصير اعجاز

ڪراچيءَ کان 175 ڪلوميٽر پري اُتر اولھه ۾ کيرٿر جبل جي ڏورانھين ڳوٺڙي ڪرچات کان ٿورڙو ئي پريان سنڌ جي جھنگلي جِيوَت کاتي جي  ريسٽ ھائوس پھتاسين ته شام جا چار ٿيا ھئا ۽ جھنگلي جيوت کاتي جو مقامي عملو اسان جو منتظر ھو ـ اولھه ۾ پري کان ڪَرَ کنيو بيٺل کيرٿر جون سليٽي رنگ جون ٽڪريون نظر اچي رھيون ھيون ۽ سج سندن مٿان ھجڻ جي باوجود لڳو ٿي ته ڪارا اُونداھا ڪڪر کين پنھنجي ڀاڪر ۾ ويڙھيو بيٺا آھن ـ ٿاڻي بُولا خان کان ڪرچات پھچندي 72 ڪلوميٽرن جو پنڌ ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت کائي ويو ھو ڇوته ٿاڻي بولا خان کان ٿاڻي احمد خان جي ڇھن ڪلوميٽرن کانپوءِ ڏھه ٻارھن ڪلوميٽر پڪو رستو ھو ۽ باقي سموري واٽ ڪچو پيچرو وٺي منزل تي پھچڻو پيو ـ مظفر چانڊيو، اشتياق انصاري، نذير قاضي، وليد علي، مجتبى جويو، حق نواز، منظور سولنگي، نور احمد ميمڻ، راڳي رفيق فقير ۽ مان سنڌ جي ھن ڏورانھين ڏيھه کي ڏسڻ لاءِ نڪري پيا ھئاسين ـ ھڪ اڌ دوست جو اھو جبل جھاڳيل ھو پر ٻين لاءِ اھي پُر پيچ رستا نوان ھئا ـ 

ٿاڻي احمد خان کان جيئن ئي رستو مُڙي ڪرچات ڏانھن رُخ رکيوسين ته اسان جو باقي دنيا سان فون ذريعي رابطو ختم ٿي ويو ڇوته ڪنھن به موبائل فون ڪمپنيءَ جو نيٽ ورڪ ھن علائقي ۾ ڪونھي ـ بلڪل ايئن ئي جيئن کورک ھل اسٽيشن تي ويندڙ ھزارين سياح موبائل فون نيٽ ورڪ نه ھجڻ ڪري دنيا کان ڪٽجي ويندا آھن ـ ساڳي صورتحال ٿاڻي احمد خان کان اٺ ڏھه ڪلوميٽر پري گُرو ٻالپُرِي مندر واري علائقي ۾ ھئي ـ مندر جي ياترا ڪندڙ ماڻھو ته پاڻ دنيا کان پري رھڻ ايندا آھن ۽ صرف ايمرجنسيءَ جي حالت ۾ رابطي لاءِ اُتي پي ٽي سي ايل ڪنيڪشن ورتل اٿن پر باقي جَھانَ ايمرجنسيءَ ۾ ڪاڏي وڃي، انھيءَ جو ڪنھن به ڪونه سوچيو آھي ـ اسان به دعائون گھرندا ھلندا وياسين ته الله نه ڪري اسان جي ڪا گاڏي ڪٿي خراب نه ٿئي نه ته وڏي جُٺ ٿيندي جو فون ڪري ڪنھن کان مدد به وٺي نه سگھبي ـ

رستي سان گڏوگڏ بجليءَ جا ٿنڀا ۽ تارون به اسان سان گڏ ڪرچات تائين توڙي ان کان اڳتي ھلنديون رھيون پر حيرت جي ڳالھه ھيءَ ھئي ته 72 ڪلوميٽر رستي جي ٻنھي پاسي ٻنين توڙي ڳوٺن ۾ اسان کي سج جي توانائيءَ تي ھلندڙ ٽيوب ويل ھرھنڌ نظر آيا ـ گھرن ۾ به ڳوٺاڻا سج جي توانائيءَ وارا پينل ھنيو ويٺا آھن ـ “جھوپڙين ۽ ڪچن گھرن ۾ رھندڙ ماڻھن کي ٻن اڍائي ھزار رُپين جو بل ھر مھيني اچي ته اھي ڪٿان ڀري سگھندا ـ بل نه ڀرڻ جي ڪري حيسڪو (حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني) وارن سموري علائقي جي بجلي بند ڪري ڇڏي آھي،” ڪرچات ۾ جھنگلي جيوت کاتي جي ملازم ابراھيم بُرفت ٻڌايو ھو ـ “ريسٽ ھائوس جي بجلي به ڪٽيل آھي جنھنڪري اسان کي جنريٽر ھلائڻو پوندو آھي،” ھن چيو ھو ـ

ٿاڻي بولا خان ۽ ٿاڻي احمد خان کان ويندي ڪرچات تائين سمورو علائقو بصر جي فصل سبب مشھور آھي ـ اسان کي نيڻ نھار تائين بصرن جو سائو فصل ڏسڻ ۾ آيو ـ ڪن ھنڌن تي لابارو ٿي چڪو ھو ۽ بصر ڳُوڻين ۾ ڀري ٽرڪن تي رکيا پي ويا ـ واٽ تي ننڍڙن ڪچن ۽ ڪَکاوَن گھرن تي ٻڌل ڳوٺڙن ۾ اسان کي ڪنھن اسڪول يا اسپتال ۽ ڊسپينسريءَ نالي ڪا شئي ڏسڻ ۾ ڪانه آئي ۽ جيڪڏھن ڪٿي اھڙي ڪا سرڪاري ننڍڙي جاءِ ٺھيل به ھئي ته اُتي ڪا سرگرمي ڪانه ھئي ۽ در دريون بند ڏسڻ ۾ آيا ـ ٿي سگھي ٿو ته اھي سرڪاري جايون سنڌ جي ٻين علائقن وانگرن مقامي وڏيرن جي اوطاقن طور استعمال ٿينديون ھجن ـ ڪرچات شھر، جنھن جي آبادي به اڍائي ھزار کن آھي، اُتي ھڪ مڊل اسڪول آھي جتي سئو سوا ٻار پڙھن ٿا ـ اتي ئي ھڪ بنيادي صحت مرڪز به اھي جيڪو وفاقي پروگرام تحت ھلي ٿو جنھن ۾ ھڪ مقامي ماڻھو ڊسپينسر طور مقرر آھي ـ عورتن جي لاءِ ويم جي ڪا به سھولت موجود ناھي ـ ٻين ڳوٺن ۾ اسڪولن بابت سوال تي ھڪ ڳوٺاڻي ڊڄندي ڊڄندي ٻڌايو ھو:“ھا سائين آھن ـ واٽ تي جتان ملٽريءَ وارن ڏي رستو وڃي ٿو، اُتي به ھڪ اسڪول آھي ـ”  

جتي ٽيوب ويل ھليا پي، اُتي فصلن جي ساوڪ به ھئي ته ساوا وڻ به ڏسڻ ۾ آيا  جيڪي ٻنين ۾ ڇانورو ڪيو بيٺا ھئا پر باقي سڄو علائقو ته ڄڻ بُٺُ ھو ـ جھنگلي ڄاڱرن ٻيرن، ڪنڊِي ۽ کونئر ڏيندڙ گُگِرال جا وڻ ۽ ٻي نباتات جا ٻوٽا سُڪي چُڪا ھئا ـ “سائين چئن سالن کان ڪوھستان ۾ مينھن ڪونه وسيو آھي ـ جيڪو ٿورو گھڻو وسڪارو ٿئي ٿو، اھو اڻپورو آھي جنھنڪري ھرپاسي سوڪھڙي جو اثر آھي،” ابراھيم برفت ٻُڌايو ـ “برسات نه پوڻ جي ڪري زمين ھيٺان پاڻيءَ جي سطح گھٽجي وئي آھي ـ مينھن وسندو آھي ته 20 يا 25 فُٽن تي به پاڻي نڪري ايندو آھي پر ھاڻي پنجاھه کان ستر فُٽن تي پاڻي ملي ٿو،” ھن ٽيوب ويلن بابت سوال تي وراڻيو ـ

ڪرچات ويندي اسان جون ٻه گاڏيون گھڻو اڳتي نڪري ويون ته اسان جي گاڏي غلطيءَ سان اھڙي پيچري تي مُڙي وئي جنھن تي ٿورڙو ئي اڳتي گيٽ لڳل ھئي ۽ پاسي تي “ممنوعه علائقا” جو بورڊ ۽ ڪنھن ماربل ڪمپنيءَ جو نالو به لکيل ھو تنھنڪري اسان کي به موٽي ٻيو پيچرو وٺڻو پيو ھو ـ اندازو ٿيو ته سنڌ جو ھيءُ علائقو قيمتي پٿر ۽ معدنيات سان به مالا مال آھي ـ اسان کي ته اطلاع ھئا ته ھتان حڪومت کي يورينيم به مليو آھي ـ ممڪن آھي ته اھو “ممنوعه علائقو” يورينيم جي ڪري ھجي ۽ جيڪڏھن ايئن ھو ته پوءِ ھتي ڪنھن مقامي ماڻھوءَ جي روزگار جو ته سوال ئي پيدا نه پي ٿيو ـ اسان سوچيو پي ته زراعت کانسواءِ ھتان جي ماڻھن جو روزگار جو ٻيو ڪھڙو وسيلو ھوندو ڇو ته ننڍڙن ڪجھه گھرن تي مشتمل ڳوٺڙن ۾ سواءِ ڪنھن پان ٻِيڙي ۽ ٻين ھلڪين ڦُلڪين شين جي مانڊڻين جي ٻي ڪا ڪِرت ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي آئي ـ “ھتي سموريون ٻنيون زميندارن جون آھن ۽ ٻنين تي ڪم ڪندڙ سڀ ڪُڙمي آھن ـ ڪي ماڻھو ڳوٺن جي اسڪولن ۾ ماستر آھن ۽ اسان جھڙا ڪي ماڻھو جھنگلي جيوت کاتي جا ملازم آھن ـ الله جو شُڪر آھي بس گذارو ٿئي پيو،” ابراھيم برفت چيو ھو ـ

اسان پنھنجي ميزبان اسٽاف کي ريسٽ ھائوس کان به اڳتي وڃي جھنگلي جيوت ڏسڻ جي خواھش کان آگاھه ڪيو پر انھيءَ وقت ئي ريسٽ ھائوس جي مُھاڙ واري ڀِت تي انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل ھدايتن تي نظر پئي جن موجب فائرنگ، گوڙ شور يا ٻئي ڪنھن به نموني جھنگلي جيوت ۾ ٽاھُه وجھڻو ڪونه ھو ـ اسان به صرف ايستائين اڳتي وڃڻ جو فيصلو ڪيو جيستائين پري کان ھرڻن جا ولر ڏسي سگھجن ـ سرھه يا جابلو ٻڪر Ibex ۽ گڊ گھڻو اڳتي جبلن جي اُتانھين تي ھئا جتي فور ويل گاڏين کانسواءِ وڃڻ ممڪن ڪونه ھو ۽ چاڙھيون به وَروَڪڙ ۽ ڏکيون ھيون ۽ ان لاءِ به صبح جو سوير سج اُڀرڻ کان اڳ جو وقت موزون ٻڌايو ويو ـ اسان کي پنھنجي سنڌ جي سونھن ۽ ناياب جھنگلي جيوت ۾ ٽاھُه وجھي سندن سُک وڃائڻو ڪونه ھو تنھنڪري ھڪ سُونھون علي اڪبر رند پاڻ سان کڻي صرف ٽي چار ڪلوميٽر اڳتي وڃي ان ھنڌ بيھي رھياسين جتان پري کان ڪجھه سَرھ گَڊ ڏسي ٿي سگھياسين ـ اڃان به ست اٺ ڪلوميٽر اڳتي وڃڻ سان جبل جون چاڙھيون شروع ٿين ھا ـ اسان جي آڏو جابلو سلسلي جون ٻه ڪاريون ٽڪريون ڪر کنيون بيٺيون ھيون ـ “انھن مان ھڪ سنھو جبل سڏجي ٿو ڇو ته ان جون سنھيون ٽڪريون آھن ۽ ٻيو چمڙو جبل آھي جنھن جي غارن ۾ ھزارين چمڙن جو ديرو آھي،” اڪبر رند اشارو ڪندي ٻڌايو ـ اسان کي ريسٽ ھائوس جي ھال ۾ ڀتين تي سرھه ۽ گڊ جي تصويرن کانسواءِ چيتي جي تصوير به نظر آئي ھئي سو علي اڪبر کان پڇيم ته انھن جبلن ۾ چيتا به آھن؟ “نه سائين، ھاڻي ته ھتي چيتن جو نالو نشان ڪونھي،” ھن وراڻيو ـ مونکي پنھنجي مرحوم ڀاءُ جي ڳالھه ياد ائي جنھن 1970 وارين چونڊن ۾ ڪرچات ۾ ڊيوٽي ڪري موٽڻ تي ٻڌايو ھو ته کيرٿر جبلن ۾ چيتا به آھن ۽ ڳوٺاڻن موجب ڪڏھن ڪڏھن اھي ھيٺ لھي اچڻ سبب نظر به اچي ويندا ھئا ـ جيڪڏھن کيرٿر ۾ چيتن جو خاتمو ٿي چڪو آھي ته انھيءَ جو مطلب ته جھنگلي جيوت کاتو نيشنل کيرٿر پارڪ ۾ چيتن کي شڪارين جي گولين جو کاڄ ٿيڻ کان بچائڻ ۽ سندن نسل جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو آھي ـ بھرحال اطمينان جي ڳالھه ھيءَ ھئي ته سَرَھن (جابلو ٻڪرن) جو نسل وڌي 8000 تائين پھچي چُڪو آھي ـ

اسان جي آسپاس ٺوٺ سُڪل وڻ ڪوھستان ۾ سوڪھڙي جو ثبوت ھئا ـ ڪي وڻ اڃان ساوا ھئا ته ڪي پنھنجي ساوڪ وڃائيندا ٿي ويا ـ ڪي ننڍڙا جھنگلي ٻوٽا به پکڙيل ھئا جن لاءِ اڪبر رند ٻڌايو ته شينھار نالي انھن ٻوٽن جا پن ذائقي ۾ ڪوڙا ھوندا آھن ۽ مقامي ماڻھو انھن کي گھوٽي سائيءَ جي بيماريءَ جي علاج طور پيئندا آھن ـ اھڙا ٻوٽا اسان گورک جبل واري پاسي به جام ڏٺا ھئا ـ اتي ئي اسان کي ھڪ اڪيلو سُڪل وڻ به ڏسڻ ۾ آيو جنھن لاءِ اسانجي سونھين ٻڌايو ته اھو گگرال آھي جنھن مان کونئر نڪرندو آھي جيڪو ھڪ ھزار کان پندرھن سئو رُپيا في ڪلوگرام جي حساب سان وڪرو ٿيندو آھي ـ ان ننڍي قد جي سُڪل وڻ جي ٿُڙ وٽان کونئر نڪرڻ جا آثار موجود ھئا ـ ٿر ۾ گگرال جا وڻ جام آھن جتان مقامي ماڻھو ٻاھرين واپارين لاءِ وڻن کي ٽُڪو ڏئي ڪيميڪل وجھي ھٿرادو طور گھڻو کونئر ڪڍي ٿر جي ساوڪ کي ختم ڪري ماحولياتي تباھي آڻي رھيا آھن ـ اسان کي سنڌ جي سياحت ۽ ٻيلن وارن کاتن جي عملدارن تي افسوس ٿيو جن ڪروڙين رُپيا ھضم ڪري ڇڏيا پر ھنن سُھڻن علائقن ۾ ٻيلن پوکڻ لاءِ فضائي ٻيجاري ۽ اھڙين ٻين رٿائن تي عمل نه ڪيو ۽ نه ئي روڊ رستا ٺھرائي سياحت کي ترقي وٺرائي ـ اسان سموري علائقي ۾ سنگ مرمر ۽ گرينائٽ جھڙن قيمتي پٿرن جي بي مُلھائتو پکڙيل ٽُڪرن توڙي سوڪھڙي جي شڪار وڻن ۽ ٻوٽن جي تباھيءَ تي افسوس ڪندا واپس ريسٽ ھائوس روانا ٿياسين ـ انھيءَ مھل سوني ٿالھه جھڙو سج اولھه ۾ کيرٿر جي سنھڙي جبل ۾ لھڻ جي تيارين ۾ ھو ۽ ٻئي پاسي اوڀر وارين ٽڪرين مان چوڏھينءَ جو چنڊ نروار ٿي رھيو ھو جنھن کيرٿر جي ھن ماٿريءَ جي سونھن وڌائي ڇڏي ھئي ـ

ريسٽ ھائوس لڳ مچ ڪچھريءَ جو انتظام ٿيل ھو جتي مچ ٻارڻ لاءِ سُڪل ڪاٺين جو ڍير رکيو ويو ھو ـ ھتي وڻ وڍڻ تي بندش ھئي پر اھي ڪاٺيون انھن ٻوٽن ۽ وڻن جون ھيون جيڪي سوڪھڙي سبب پنھنجي پاڙُن تائين سُڪي ختم ٿي چُڪا ھئا ـ

اسان جي مچ ڪچھري ڇا ھئي، بس شاعري ۽ راڳ جي شڪل ۾ ويٺي سنڌ جا سُور سَلياسين ـ ڪنھن دوست ٿر ۾ بُک، بدحالي ۽ بيمارين وگھي مرندڙ ٻارن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته زندگي ۽ موت جي ڇڪتاڻ ۾ ڦاٿل ھڪ ٻار جي ماءُ کي جڏھن چيو ويو ته ٻار کي ٿڃ پياريندي ڪر ته ھن وراڻيو ھو:“تون ٿڃ جي ڳالھه ٿو ڪرين، اسان جي اکين مان لُڙڪ به سُڪي ويا آھن ته ٿڃ ڪٿان ايندي”ـ اھو ٻُڌي اسان جي ھانءَ تي ڄڻ ته ڪنھن مُڪ وھائي ڪڍي ھئي ۽ اکين مان لُڙڪ وھي پيا ھئا ـ وري جنھن مھل شاعر منظور سولنگيءَ سڀني دوستن جي فرمائش تي پنھنجو نظم “ڪُل جُڳ کان به پراڻي آھي، سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي” سُرن سان آلاپڻ شروع ڪيو ته سنڌ جي غريب ماروئڙن جي گھرن ۾ فاقه ڪشيءَ جي منظر نگاريءَ تي به اسان لُڙڪ روڪي نه سگھياسين ـ ٿر مان آيل راڳي رفيق فقير به ان رات حليم باغيءَ جي شاعريءَ ”سڄي رات تارن جون ڳالھيون ٻڌائي، ڀلا ڪيستائين ڪو بُک کي ڀڄائي، ٻچا ماني ماني پُڪاري مري ويا ۽ مانيءَ جي اُڊڪي ۾ ويلا ٽري ويا“ ۾ سُرن جو رُوح ڦُوڪيو ته سندس آلاپَ رات جي سانت کي چيريندا ھليا ويا ۽ ٻرندڙ مچ مان باھه جا اُلا آسمان سان احتجاج ڪرڻ لاءِ اُڀا ٿِي ٿَي ويا ـ

سنڌ جون درد ڪھاڻيون ٻڌي اسان سڀ ڏکويل ھئاسين ـ شاعر دوست مظفر چانڊئي ان ڪيفيت کي پنھنجي شاعريءَ ۾ ھنن لفظن سان چِٽيو:

ڳڙن ڳوڙھا ڳلن تان ٿا، کلان مان کيرٿر سان ڪيئن !

 وطن منھنجو ڊنل آھي، اکڙين جيئن ڀِنل آھي ـ

چڙھي چوٽيءَ ڪنايان ٿو، ھٿڪڙيون به وڄايان ٿو

نٿي چيخ نڪري ڇو، نٿي چنگھاڙ ٻُڌجي ڇو ؟

اسان کي ماٺ ٿي ماري، ۽ ڪن لاٽار پئي ڪن ڦاڙي ـ

سندس شاعري اسان جي سماج جي بيحسي ۽ بيوسيءَ جي عڪاسي ٿي ڪئي پر منظور سولنگيءَ جي نظم جي ھنن سِٽن وانگر اسان کي به ايمان ھو ته:

ھا پر ھڪڙو ڏينھن به ايندو، سنڌ سڄيءَ ۾ ڦيرو ايندو

موھن وارو ماريل ماڻھو، جذبن سان گڏ جيئرو ٿيندو ـ

اسان دلين ۾ سنڌ اندر تبديليءَ جي اُميدن جا ڏيئا ٻاري اڌ رات جو ڪاٽيجز ۾ وڃي سمھي پياسين جتي سڄي رات ڪمرن جي درن کي تالا ۽ ڪُڍيون لڳل نه ھيون جو ڪوھستان ۾ مثالي امن قائم آھي ـ  

________________

نصير اعجاز سينئر صحافي، محقق ۽ ادب، ٻولي، تاريخ ۽ سفرنامن تي مشتمل ڏھن ڪتابن جو مصنف آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button