Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

پرڪاش کلناڻي، جنھن جو جيءُ وڏڙن جي جنم ڀُوميءَ سنڌ سان جُڙيل آھي

پرڪاش جو جِيءُ سنڌ ۽ سندس وڏڙن جي جنم ڀُومي ساھتي شھر ڀِريا سان اھڙو ته جُڙيل آھي جو ڀِرين ۽ سندس بزرگن سان لاڳاپيل شيون اَمُلھه خزاني جيان پاڻ وٽ نه رُڳو سانڍيندو پيو اچي پر انھن جي درشن کي عبادت برابر سمجھي ٿو

ورھاڱي وقت سندس پِتا ۽ چاچو انڊيا ۾ نوڪري ڪندا ھئا. کين سنڌ موٽڻ جو موقعو ئي ڪونہ مليو. سندس ڏاڏو ۽ ڏاڏي ڀريا مان ڪجھ ٿانوَ ۽ ٻيو ھلڪو سامان ئي کڻي سگھيا. پرڪاش جو جنم بہ بڙودا ۾ ٿيو  

نصير اعجاز

پُراڻي زماني جون شيون سانڍڻ سچ ته تاريخ کي سنڀالي رکڻ برابر آھي ۽ اھو شوق، جستجو ۽ جذبو به ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھه ھوندو آھي. اھڙيون اڻلڀ شيون جيڪڏھن پنھنجي وڏڙن جون ڇڏيل ھجن ته انھن جي اھميت اڃان وڌي وڃي ٿي. وڏڙن جي ڇڏيل شين کي سنڀالڻ ڄڻ ته بزرگن کي پنھنجي من ۾ سانڍي رکڻ آھي. اھڙو ئي ھڪ شخص آھي جنھن جو جنم ته بڙوده ھندستان ۾ ٿيو ۽ سموري حياتي اُتي ئي ھڪ ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪيائين ۽ چار پنج ورھيه اڳ رٽائرمينٽ وٺي وڃي آمريڪا ۾ آباد ٿيو، پر سندس جِيءُ سنڌ ۽ سندس وڏڙن جي جنم ڀُومي ساھتي پرڳڻي جي شھر ڀِرين (ڀِريا) سان اھڙو ته جُڙيل آھي جو ڀِرين ۽ سندس بزرگن سان لاڳاپيل ڪي شيون ڪنھن اَمُلھه خزاني جيان پاڻ وٽ نه رُڳو سانڍيندو پيو اچي پر وقت بوقت انھن جي درشن کي عبادت برابر سمجھي ٿو. اھو شخص آھي پرڪاش کلناڻي، جيڪو ڀِرين ڄائي سنڌ جي ھڪ مھان شخصيت راءِ بھادر ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ جي ھڪ سئوٽ جي خاندان منجھان آھي. ان گھراڻي  مان آئلداس کلناڻيءَ کي ٽي پُٽ چوئٿرام، موتيرام ۽ آتما رام ھئا. پرڪاش کلناڻي آتما رام کلناڻيءَ جو فرزند آھي. سندس وڏو ڀاءُ ڌڻيش کلناڻي انڊيا ۾ ئي آباد آھي. پرڪاش کلناڻيءَ سان منھنجو رابطو ڪجھ ورھيہ اڳ ئي ٿيو ھو جڏھن اھڙن سنڌي ڪُٽنبن جي ڳولا ۾ ھيس جيڪي ورھاڱي وقت ڀرين مان ھندستان يا ٻين ملڪن ڏانھن لڏي ويا ھئا.

بڙودا ھندستان ۾ رھندڙ ھريش اڳناڻيءَ وٽان فون نمبر ملڻ شرط مون پرڪاش کلناڻيءَ کي جيئن ئي نياپو ڪيو ته ويرم ئي ڪانه گذري ۽ سندس فون اچي وئي. ڪڏھن نه ملڻ ۽ نه ڏسڻ جي باوجود سندس ڳالھائڻ ۾ اھڙي پنھنجائپ محسوس ٿي ڄڻ اسان ٻئي نه رُڳو ھڪ شھر۽ ھڪ پاڙي جا پر ننڍپڻ جا دوست ھئاسين. حقيقت به اھا ھئي ته پرڪاش کلناڻي ڀلي سنڌ ڄائو نه ھو، پر سندس وڏڙا ڀرين ۾ جنھن پاڙي ۾ رھندا ھئا، اھو اسان جي پاڙي جي ڀر ۾ ئي ھو ۽ ديوان ڪوڙومل چندن مل کلناڻي ته اسان جي گھر واري گھٽيءَ مان لنگھندو، اسان جي وڏڙن سان دُعا سلام ڪندو پوءِ ئي پنھنجي گھر ڏانھن وڌندو ھو.

پرڪاش کلناڻيءَ کي ڀِرين جي ڪيترن ئي سنڌي ڪُٽنبن جي ڄاڻ ھئي، جيڪي ورھاڱي وقت لڏي ھندستان وڃي آباد ٿيا ھئا، جن سان به اُتي ئي سندس ڏيٺ ويٺ ٿي ھئي. اھڙن ڪُٽنبن مان جن جا به نالا ياد ايندا ھئس ته مون کي فون ڪري ٻڌائيندو ھو. ”ھڪ ممتاڻي ڪُٽنب ھو. اھي پنج ڀائر ھئا _ جيسو (جيسارام)، چتُرڀُڄ، خوبچند، چيلارام ۽ چندر. سندن ھڪ ڀيڻ ڪملا به ھئي ۽ اھي سڀ ڀائر بڙودا ۾ ئي رھندا ھئا ۽ سندن ڀيڻ جو پرڻو راجڪوٽ ۾ ٿيل ھو. ھڪ ٻيو ڪٽنب ٻالچنداڻين جو ھو جن مان ٽي ڀائر ڍالومل، فيرومل ۽ ڪشنچند ھئا جن جو پنھنجو ڪاروبار ھوندو ھو. انھن مان ڪشنچند سان ڪملا ممتاڻيءَ جي شادي ٿيل ھئي“، ھُن ٻڌايو.

جِست جا ٿانوَ

ڀِرين جو ھڪ ٻيو مُولچنداڻين جو ڪُٽنب به کيس ياد ھو جنھن جي چئن ڀائرن مان ٽن جا نالا ھئا ويرومل، ڪشنچند ۽ وسيو مولچنداڻي. ويرومل حڪمت ڪندو ھو، ڪشنچند جو ڪپڙي جو دُڪان ھو ۽ وسيو انجنيئر ھوندو ھو. ھڪ ٻيو ڪٽنب منگلاڻين جو ھو جن مان ٻه ڀائر ھئا ۽ انھن مان ھڪ جھامنداس بڙودا ۾ اسٽيٽ بينڪ آف انڊيا ۾ نوڪري ڪندو ھو. نارواڻين جي ھڪ ڪُٽنب جي به کيس سار ھئي جيڪو پھريائين ته دارجلنگ ھليو ويو ھو پر پوءِ اُتان لڏي ناگپور ۾ وڃي آباد ٿيو. ان ڪُٽنب جو ٿانورداس سرڪاري نوڪريءَ ۾ ھوندو ھو. ايئن ئي ريواچند وڻجاڻي ۽ ٽيڪچند بالاڻي به ڀرين جا ھوندا ھئا.

تارازي ۽ وَٽَ

مون ساڻس ڪچھريءَ ۾ جڏھن ھڪ ڀيري حشو ڪيولراماڻيءَ جو ذڪر ڪڍيو ته ٻڌايائين ته ڪيولراماڻين منجھان به ھڪ ٿانورداس ڪيولراماڻي ھو جيڪو احمدآباد ۾ ايگزيڪيوٽِو انجنيئر جي عھدي تي ھوندو ھو جڏھن ته پرسرام ڪيولراماڻي به ڪنھن سرڪاري نوڪريءَ ۾ ھو. سندن کلناڻي خاندان وارا به انڊيا ۾ مختلف ھنڌن تي وڃي آباد ٿيا جن مان ديوان ڪوڙيمل جو پڙپوٽو راج کلناڻي ولد پريم چند ولد فتح چند آھي جيڪو ممبئي پوليس جي سربراھه واري عھدي تان رٽائر ٿيو ۽ اُتي ئي آباد ٿيو. ديوان ڪوڙيمل جو ھڪ ٻيو پڙپوٽو وِجي کلناڻي دھليءَ ۾ آباد آھي جڏھن ته ڪوڙيمل جو پوٽو اشوڪ ۽ سندس گھرواري رينو، جيڪا ڪنھن زماني ۾ مشھور ڪلاڪاره ھئي، آمريڪا ۾ آباد آھن.       

گراموفون

ايئن ئي مختلف وقتن تي حال احوال ڏيندي ھڪ ڏينھن آمريڪا مان پرڪاش کلناڻيءَ واٽس ايپ تي ڪجھه پُراڻن ٿَانوَن جون تصويرون موڪلي، فون تي ڳالھائيندي چيو،”اھي ٿَانوَ سئو سال کن پُراڻا آھن، جيڪي اسان جي وڏڙن جي استعمال ھيٺ رھيا. جڏھن 1947 ۾ ورھاڱو ٿيو ته ڏاڏا سائين اھي ٿَانوَ پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڀِريا مان پاڻ سان کڻي ھندستان آيو ھو.“

”جڏھن ورھاڱو ٿيو ته منھنجو بابا توڙي چاچا سڀ انڊيا ۾ نوڪرين سان لڳل ھئا ۽ پوئتي ڀرين ۾ صرف اسان جو ڏاڏاسائين ۽ ڏاڏي رھيل ھئا، جن لڏپلاڻ مھل پاڻ سان پنھنجي استعمال وارا جست جا ٿانوَ ۽ ڪجھه ٻيو سامان کنيو ھو ۽ ھي اھي ٿانوَ آھن جيڪي ورھاڱي کان گھڻو اڳ ڳوٺ ۾ وٽن استعمال ۾ ھوندا ھئا،“پرڪاش کلناڻيءَ ٻڌايو.

ٽفن باڪس

”مون بڙودا م رھندي بہ اھي ٿانو سنڀالي رکيا ۽ جڏھن آمريڪا آيس تہ پاڻ سان کنيو آيس. اسان انھن ٿانوَن کي ايئن سنڀاليو آھي جو اڄ بہ اُھي نوان لڳن ٿا.“

پرڪاش کلناڻيءَ چيو، ”ساليانو اسان جي ڌرمي ڏڻن تي اسان اھي ٿانوَ ڪڍي پنھنجي آڏو رکي پُوڄا ڪندا اھيون. وڏڙن جون اھي شيون اسان جي لاءِ متبرڪ آھن.“

پرڪاش کلناڻيءَ جا ماتا ۽ پِتا

”توھان يقين ڪريو تہ مون پنھنجي ڏاڏا جو جوانيءَ ۾ ورتل گراموفون ۽ انھيءَ زماني جا رڪارڊ بہ سنڀالي رکيا آھن. سئو سالن کان وڌيڪ پُراڻو گرامو فون بہ پاڻ سان گڏ امريڪا کڻي آيس. ھتي اچڻ کانپوءِ ڪجھ عرصي تائين تہ اُھو باقاعدي وڄندو ھو پر پوءِ ڪجھ خرابي ٿيس. مون اھڙو ئي سئو سال پُراڻو ھڪ ٻيو گراموفون خريد ڪيو جنھن تي مان پان وٽ بچي ويل رڪارڊ ھلائي ٻُڌندو آھيان،“ پرڪاش ٻُڌايو.

پرڪاش کلناڻيءَ سان ھر ڪچھريءَ ۾ ڀرين جي پُرانن گھراڻن بابت ڪا نہ ڪا نئين ڳالھ ملندي اھي. کيس جڏھن بہ ڪا ڳالھ ياد ايندي آھي تہ فون ڪندو آھي. ھُن انھن سنڌي درسي ڪتابن جا بہ فوٽو ڪڍي موڪليا جيڪي ھُن بڙودا ۾ پرائمري درجن ۾ پڙھيا ھئا.    

______________

نصير اعجاز سنڌ جو سينئر صحافي آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button