سنڌ جي ھڪ ڳوٺاڻي نياڻيءَ جي تعليم ۽ ترقيءَ ۾ اُستادن جو ڪردار
دادو ضلعي جي ڳوٺ ٻورڙيءَ واري پرائمري اسڪول کان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ وري ڪراچيءَ جي پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ ڪرمنالاجي پڙھائڻ تائين زندگيءَ جو سفر
ڪومل ھِنڱورو
منھنجي ابتدائي تعليم خديجا خانم دائود پوٽا اسڪول ٻورڙيءَ مان آھي، اسان جي ڳوٺ جي تعليم ايتري ته معياري آھي جو ٻين ڳوٺن مان ٻار پڙھڻ ايندا رھيا آھن۔
ڳوٺ ٻورڙي کي علم جي درسگاھ به چيو ويندو ھو، جيتوڻيڪ اسان وٽ تمام گھٽ وسيلا آھن پر تنھن هوندي به ڳوٺ ٻورڙي جو شاگرد توھان کي ھر شعبي ۾ اڳتي نظر ايندو. اھو سڀ انھيءَ ڪري ممڪن آھي ته اسان وٽ تمام بهترين استاد رھيا آھن .
مٿي ذڪر ڪري آئي آھيان ته منھنجي لکڻ، پڙھڻ ۽ سکڻ جي شروعات ڳوٺ ٻورڙي جي اسڪول ۾ ٿي جتي مون لکڻ جي شروعات پنھنجي اسڪول جي ميگزين ۾ هن مضمون سان ڪئي “سنڌ جا ناياب پکي”. ان مضمون مونکي قدرت سان ڳنڍيو ۽ مان فطرت کي پسند ڪرڻ لڳس. اسان جي اسڪول ۾ راند جو ڏينهن رکيل هوندو هو. مان ننڊپڻ ۾ شطرنج سکيس ۽ ان شطرنج ۾ به ھڪ سبق آھي ته توھان کي ڪيئن اڳيان مشڪل مرحلن کي منھن ڏيڻو آھي ۽ ڪيئن ڪامياب ٿيڻو آھي۔

شطرنج اڄ به منھنجي پسنديده راند آھي. اھو سڀ مان پنھنجي استادن کان سکيو پر تمام ڏک سان لکڻو پوي پيو ته اھو اسڪول اڳتي هلي بلڪل ختم ٿي ويو …… ۽ ھاڻي اتي توھان کي ھڪ خالي عمارت نظر ايندي۔
حڪومت کي اپيل آھي تي ان مسئلي کي سنجيدگيءَ سان حل ڪري ته جيئن ڳوٺ ٻورڙي جا شاگرد ان اسڪول مان فائدو وٺي سکي سگھن. مون وڌيڪ تعليم ڪي اين شاھ ڪاليج مان ڪئي جتي مون پُر اعتماد رھڻ سکيو، مان سٺو لکي ويندي ھئس پر مان اسٽيج تي ڳالھائي نه سگهندي ھئس۔ اسان جي ڪاليج ۾ ھر هفتي تقريري مقابلو ٿيندو ھو. شروعات ۾ مان ھر ان ڏينهن موڪل ڪندي ھيس جنھن ڏينھن تقريري مقابلو ھوندو ھو ته جيئن مان اڳيان اچي ڪجھ ڳالهايان نه۔۔۔پر استاد ته استاد ھوندا آھن ۽ انھن ان ڏينهن تقريري مقابلو رکيو جنھن ڏينهن مان ڪاليج آيس ھڪ ڏينهن نه آيو ٻئي ڏينهن نه آيو، پر آخر منھنجي استادن جي محنت رنگ لاتو ۽ مان دادوءَ جي ڪاليجن مان ڪي اين شاھ ڪاليج لاء انعام کٽيو. جيڪڏھن منھنجا استاد مونکي اعتماد نه ڏين ھا ته مان ڪجھ به نه ڪري سگھان ھا. پوءِ آيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪرمنالاجي شعبي ۾ جتي به تمام بهترين استاد مليا جن منھنجي زندگي کي اڃان وڌيڪ روشن ڪيو، مان پنھنجي شعبي جي پهرين ڇوڪري ھئس جنھن نوجوانن اندر خودڪشيءَ جي رجحان کي ڪيئن ختم ڪجي جي عنوان تي لکيو ۽ ٿر ۾ پنھنجي استادن سان گڏ ان تي سيمينار ڪيو.
ڪاميابي يا ناڪامي زندگي جو ھڪ حصو آھي ۽ وري زندگي پوئتي وٺي وئي، مون پاڻ کي سڀ کان پري رکيو ۽ خاموشي اختيار ڪرڻ شروع ڪئي، پر ھڪ ڏينهن منھنجي قانون جو ڪلاس ھو. مان ھڪ ڇوڪري جيڪا سدائين اڳيان، ۽ اڄ خاموش ۽ پوئين سيٽ تي ويٺي ھئس. ايئن ڪيترائي ڏينهن گذري ويا. ھڪ ڏينھن سر فرحان ببر جيڪو ڪراچي ۾ اسان کي قانون جي سکيا ڏئي رھيو ھو، مونکي چيو اڄ توھان اسان کي ڪرمنالاجي سيکاريو۔
پهريان ته مون ڳالھ کي ٽاريو پر پوءِ مون سڀني کي پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ ايئن مان پوليس ٽريننگ جي پهرين ڇوڪري ھئس جنھن اٺ ڪلاس گڏ پڙهايا۔ جيڪڏھن مونکي سٺو استاد نه ملي ها ته شايد مان وري ڪڏھن اڀري نه سگھان ها۔ اڄ استادن جي ڏينھن تي منھنجي استادن جي نانءُ جن مونکي لکڻ پڙهڻ سيکاريو ۽ مونکي اڳيان وڌڻ سيکاريو، مونکي ڪامياب ٿيڻ سيکاريو.
_____________

دادو ضلعي سان تعلق رکندڙ ڪومل ھِنڱورو ڪرمنالاجسٽ آھي ۽ حيدرآباد ۾ رھي ٿي




خوبصورت، بهترين ، پراعتماد ننڍڙي آتم ڪٿا ٻڌائي ٿي ته زندگي جي راه تي هلندي هلندي صرف ٿڪ ڀڄڻ لاء ساھي پٽي سگهجي ٿي پر آرام جو تصور نٿو ڪري سگهجي، آرام ڪرڻ ويھي رهڻ منزل جو موت آهي. منزل جيڪا توهان جي ايندڙ نسلن جي بقا جي ضامن آهي.