جديد بحثن ۾ تاريخ جو غلط استعمال: ماضيءَ کي برتريءَ جي ثبوت طور پيش ڪرڻ
پنهنجي ماضيءَ تي فخر ڪرڻ فطري آهي، پر ان کي ٻين جي خلاف هٿيار طور استعمال ڪرڻ بلڪل الڳ ڳالهه آهي. اڄ جي انسان نه بابل تعمير ڪيو، نه اهرام اڏيا، ۽ نه ئي فونيشي واپاري رستا ڳوليا. انهن ڪاميابين جي بنياد تي اڄ جي دور ۾ ٻين کي حقير سمجهڻ سڃاڻپ جو اظهار ناهي بلڪه حقيقت کان فرار آهي.

ليکڪ: احمد صالح
مناما: هفتي کان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جنهن جا پڙاڏا بحرين جي سرحدن کان به پري تائين ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. هي نار واري علائقي ۾ هڪ اهڙو واقعو آهي جيڪو وقت بوقت هڪ ناگوار باقاعدگيءِ سان ٿيندو رهندو آهي، جنھن ۾ سطحي سوچ، ڀڙڪيل جذبات، ۽ قبائلي تعصب جو هڪ پسمانده روپ عوامي بحثن ۾ ظاهر ٿيندو آهي، ڄڻ ته تاريخ اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هجي.
هڪ عراقي ٽيليويزن پروگرام ۾، اسان جي ساٿي جعفر سلمان کي هڪ اهڙي رويي جو نشانو بڻايو ويو جنهن جي توقع اڳي ئي هئي. هڪ ٻئي مهمان سندس ملڪ جي توهين ڪندي کيس ھيٺانھون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ان کان به وڌيڪ افسوسناڪ روپ پروگرام جي ميزبان جو هو، جنهن نه صرف ان بدتميزيءَ کي روڪڻ ۾ ناڪامي ڏيکاري، پر هڪ طرح سان ان کي هٿي ڏني؛ هن جعفر سلمان جي دليلن جي مزاحمت ڪندي ان بي عزتيءَ کي صحيح قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ان لمحي ۾ تضاد بلڪل واضح هو: جعفر پنهنجي وقار سان گڏ مٿانهون ثابت ٿيو، پر اهو پروگرام پنهنجو معيار نه رکي سگهيو.
سلمان، وقت سان گڏ پاڻ کي رڳو هڪ ميڊيا تبصري نگار طور نه، پر هڪ اهڙي نموني طور مڃايو آهي جيڪو خطي جي ٽيليويزن بحثن ۾ ناياب ٿيندو پيو وڃي: هڪ سياسي تجزيه نگار جيڪو تجربيڪار آهي، جنهن جي سوچ ۾ ارتقا آهي، ۽ جيڪو سچ ڳالهائڻ کان نٿو ڊڄي. سندس طاقت صرف ان ۾ ناهي ته هو ڇا ٿو چوي، پر ان ۾ آهي ته هو ڪيئن ٿو چوي، واضح انداز، پرسڪون لهجو، ۽ مقصد سان لڳاءُ. اها ئي خوبي آهي جنهن کيس ميڊيا جي هن شور واري دنيا ۾ هڪ خاص مقام ڏنو آهي.
پر اهو واقعو ڪڏهن به صرف هڪ شخص تائين محدود نه هو. ان واقعي هڪ گهري ۽ پراڻي بيماريءَ کي وائکو ڪيو آهي: هڪ اهڙو واقعو جنهن ۾ قديم تهذيبن جي وڏائيءَ جو سهارو وٺي ٻين کي حقير سمجهيو ويندو آهي. اهو بحث، جيڪو هر بحران ۾ ورجايو ويندو آهي، هڪ ڪمزور بنياد تي ٻڌل آهي: ته تاريخي ورثو اڄ جي دور ۾ برتريءَ جو دليل آهي.
بلاشڪ، قديم تهذيبن جي عظمت تي ڪو به اختلاف ناهي. ميسوپوٽيميا، نيل جي وادي، ۽ فونيشي دنيا انساني تاريخ جا بنيادي باب آهن. حڪمراني، لکڻ، زراعت ۽ تجارت ۾ سندن خدمتون بي مثال آهن. اهي صرف ڪنهن هڪ قوم جي ملڪيت ناهن، پر پوري انسانيت جو گڏيل ورثو آهن.
تنهن هوندي به، جيڪڏهن تاريخ کي صحيح نموني سمجهيو وڃي، ته اها اهڙي سطحي استعمال جي اجازت نٿي ڏئي. اهي تهذيبون اتي اسريون جتي جاگرافيائي حالتن اجازت ڏني. انهن دريائن جي ڪنارن تي جن زندگيءَ کي سهارو ڏنو ۽ رياست سازي کي ممڪن بڻايو. اهي عروج تي پهتيون، بدليون ۽ آخرڪار ختم ٿي ويون، پنهنجي پويان اهڙا نشان ڇڏي ويون جن کي اسين اڄ هڪ ورثي طور ڏسندا آهيون، نه ڪي برتريءَ جي جيئري جاڳندي دعوي طور.
ان کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو تسلسل نه پر تبديلي هئي. لڏپلاڻ جي لهرن، فتحن ۽ ثقافتي مٽاسٽا انهن علائقن کي بار بار نئون روپ ڏنو. نوان سماج اڀريا، عروج ماڻيو ۽ وري زوال پذير ٿيا. هي تاريخ جو ڪو نئون عمل ناهي، پر تاريخ جو اصل نمونو ئي اهو آهي.
پنهنجي ماضيءَ تي فخر ڪرڻ فطري آهي، پر ان کي ٻين جي خلاف هٿيار طور استعمال ڪرڻ بلڪل الڳ ڳالهه آهي. اڄ جي انسان نه بابل تعمير ڪيو، نه اهرام اڏيا، ۽ نه ئي فونيشي واپاري رستا ڳوليا. انهن ڪاميابين جي بنياد تي اڄ جي دور ۾ ٻين کي حقير سمجهڻ سڃاڻپ جو اظهار ناهي بلڪه حقيقت کان فرار آهي.
هڪ ٻي اهم ڳالهه اها به آهي ته اهڙا بيان ڪيتريون ئي شيون نظرانداز ڪن ٿا. هر سماج دريائن جي ڪنارن تي يا گهڻن وسيلن سان پيدا نه ٿيو هو. ڪيترا ئي سماج سخت ماحول ۾ اسريا، جتي بقا لاءِ به ذهانت ۽ همت جي ضرورت هئي. انهن سماجن به پنهنجون ثقافتون، نظام ۽ رياستون جوڙيون جنهن مان ڪجهه ته، جديد تحقيق مطابق، انساني تاريخ جي قديم ترين رياستن ۾ شمار ٿين ٿيون.
قديم وقار جو اهو جنوني لڳاءُ اڄ جي سچائيءَ کي به وساري ويهي ٿو: عرب دنيا جو اڄوڪو سياسي نقشو گهڻي ڀاڱي پهرين عالمي جنگ کان پوءِ واري نظام جو نتيجو آهي. هتان جي آبادي صدين جي لڏپلاڻ ۽ ميلاپ جو نتيجو آهي. هجرت ڪو انوکو واقعو ناهي، پر تاريخ جو قاعدو آهي.
اهڙي پسمنظر ۾، قديم زماني جي بنياد تي برتريءَ جو تصور نه صرف ڪمزور آهي، پر اڄ جي دور سان مطابقت به نٿو رکي. ايڪويهين صديءَ ۾ اهڙا رويا فخر جي نشاني نہ، بلڪه ذهني جمود جي علامت آهن.
اڄ جي دور ۾ جڏهن علم تائين رسائي آسان آهي ۽ شعور وڌي چڪو آهي، اهڙي بيان بازي جو جاري رهڻ نه صرف جهالت کي ظاهر ڪري ٿو، پر ارتقا کان انڪار جي عڪاسي ڪري ٿو. ميڊيا جي پليٽ فارمن لاءِ به هي رويو ناقابلِ دفاع آهي جيڪي سنجيده هجڻ جي دعوي ڪن ٿا پر گڏوگڏ قومن جي توهين به ڪن ٿا. اهو تڏهن وڌيڪ ڏکوئيندڙ هوندو آهي جڏهن نشانو اهي رياستون هجن جيڪي فعال رھي جديد ۽ روشن خيال سماج جي اڏاوت ڪري رهيون آهن.
عالمي سطح تي اسان کي ڪيترائي مثال ملن ٿا. ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا سنگاپور جي ننڍي هجڻ کي ان جي توهين جو جواز نٿا بڻائين. يورپ ۾ موناڪو يا لڪٽنسٽائن وانگر ننڍا ملڪ پنهنجي ڪاميابين سبب عزت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. هڪ پختي نظام ۾ طاقت جو اندازو ٻين کي گهٽ ڏيکارڻ مان نه، پر گڏجي رهڻ جي صلاحيت مان لڳايو ويندو آهي.
هاڻي اصل سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته: اهڙي بيان بازي جو مقابلو ڪيئن ڪجي؟
ڇا قومن مان اها توقع رکڻ گهرجي ته اهي پاڻ کي گهٽائڻ واري انهن روايتن کي قبول ڪن؟ ڇا انهن کي جائز تنقيد طور تسليم ڪن؟ يا وري ڪنهن چونڊيل ماضيءَ جي آڙ ۾ پنهنجي ترقيءَ کي روڪي ڇڏين؟
ان جو جواب بلڪل واضح آهي. ترقي انهن جي منظوريءَ جو انتظار نه ڪندي آهي جيڪي ماضيءَ جا قيدي بڻيل هجن. نه ئي وري وقار کي انهن کان تصديق جي ضرورت هوندي آهي جيڪي ورثي ۽ حاصلات (ڪاميابي) جي وچ ۾ فرق کي نٿا سمجهن.
سچي تهذيب جي ماپ رڳو قدامت سان نه ٿي ڪري سگهجي. ان جي پرک ان معيارِ زندگي مان ٿئي ٿي جيڪو اها مهيا ڪري ٿي، انهن قدرن مان جيڪي اها اپنائي ٿي، ۽ ان شموليت مان جيڪا اها عملي طور تي پيش ڪري ٿي. ان جو عڪس انهن تعليمي نظامن ۾ نظر اچي ٿو جيڪي انسان کي بااختيار بڻائين ٿا، انهن قانونن ۾ جيڪي وقار جي حفاظت ڪن ٿا، ۽ انهن سماجن ۾ جيڪي بغير ڪنهن خوف جي تنوع کي قبول ڪن ٿا.
هن حوالي سان، خليجي ملڪن جي تجربي کي پنهنجي تناظر ۾ سمجهڻ جي ضرورت آهي. انهن جي هيءَ تبديلي اتفاقي ناهي، ان ۾ ماڻهن، ادارن، ۽ هڪ اهڙي فريم ورڪ تي سوچي سمجهي سيڙپ ڪئي وئي آهي، جيڪو روايت ۽ جديديت جي وچ ۾ توازن برقرار رکي ٿو.
تاريخ اهميت رکي ٿي، پر اها هڪ بنياد آهي، منزل ناهي.
اڳتي وڌندڙ قومون اهي آهن جيڪي ماضيءَ مان حاصل ته ڪن ٿيون پر ان ۾ قيد نه ٿيون ٿين. جڏهن ماضيءَ جو حد کان وڌيڪ ذڪر ڪيو وڃي، ته اهو اڪثر ڪري ماضيءَ جي ڪاميابين بابت گهٽ، پر حال جي خامين بابت وڌيڪ ٻڌائيندو آهي.
۽ شايد، اهو ئي اهو وهم هو جنهن جو جعفر سلمان مقابلو ڪيو، نه رڳو پنهنجي طرفان، پر هڪ وسيع ۽ ضروري سوچ جي طرفان: ته حال جي وقار تي ماضيءَ جي قصن ڪهاڻين ذريعي سودي بازي نٿي ڪري سگهجي.
________________

ڪالم نگار احمد صالح، ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري The AsiaN جي انگريزي سروس جي ٿورن سان



