Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسماج

لاوارث بڻيل لاڙڪاڻو ۽ ترقيءِ جي راھ تي گامزن آفريقا جا احوال

اسان وٽ نه خانه جنگي آهي، نه عالمي پابنديون پوءِ به لاڙڪاڻو تباھيءَ جا منظر پيش ڪري رھيو آھي.  شهر ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي غير تسلي بخش ان حد تائين آھي جو ھاڻي شھري پاڻ کي ڏينھن جو به غير محفوظ تصور ڪن ٿا.

روانڊا ڪينيا ۽ يوگنڊا ماضي ۾ ڪيترا ئي سال بدترين خانه جنگين کي منھن ڏيڻ کان پوءِ ھاڻي ترقي جي اھڙي راه تي گامزن آھن جنھن کي ڏسي رشڪ اچي ٿو

جنيد احمد ڏھر

لڳ ڀڳ ٽي مهينا اڳ ڪجهه دوستن سان ايسٽ آفريقا وڃڻ جو موقعو مليو. يوگنڊا، روانڊا، ڪينيا ۽ (ڪانگو جا بارڊر ايرياز جتي سالن کان خانه جنگي سبب لکين ماڻھو موت جو کاڃ بڻجي چڪا آھن) جا وستي واھڻ گھمياسين. پندرھن ڏينھن جي سفر ۾ ٽن ملڪن جا بارڊر زميني رستي ڪراس ڪندي ڪٿي به ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو، ڏينھن رات ھزارين ڪلو ميٽر سفر ڪرڻ جي باوجود ڪٿي به ڪو  بدامني، لٽ ڦر يا قتل غارت جو ڪو واقعو نه ٻڌو سين.

روانڊا ڪينيا ۽ يوگنڊا ماضي ۾ ڪيترا ئي سال بدترين خانه جنگين کي منھن ڏيڻ کان پوءِ ھاڻي ترقي جي اھڙي راه تي گامزن آھن جنھن کي ڏسي رشڪ اچي ٿو. مجموعي طور تي جي ماڻهن ۾ نظم، قانون جي پاسداري ۽ پنھنجن  شهرن کي سنوارڻ جو جذبو نظر آيو. ڪيترن هنڌن تي صفائي سٿرائي، ٽريفڪ جو نظم ۽ ڪميونٽي جي سطح تي ذميواري جو احساس موجود هو.

پر جڏهن کان لاڙڪاڻي موٽي آيا آھيون دل ھڪ عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا آھي ۽ پاڻ کي شھر جي ٻين لکين رھواسي وانگر غير محفوظ تصور ڪري رھيو آھيان.

اسان وٽ نه خانه جنگي آهي، نه عالمي پابنديون پوءِ به لاڙڪاڻو تباھيءَ جا منظر پيش ڪري رھيو آھي.  شهر ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي غير تسلي بخش ان حد تائين آھي جو ھاڻي شھري پاڻ کي ڏينھن جو به غير محفوظ تصور ڪن ٿا.

روزانه لٽ ڦر، موٽر سائيڪل چوريون، هٿياربند وارداتون ۽ منشيات جو وڌندڙ استعمال ماڻهن کي خوف ۾ جيئڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي. ميونسپل ڪارپوريشن، ضلع ڪائونسل، ٽائون ڪاميٽي ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جي ھجڻ باوجود صفائي سٿرائي جي صورتحال به ڳڻتي جوڳي آهي.

روڊن تي ڪچرو، نالن جي بندش، بدبو ۽ بيمارين جو خطرو ڇا هي اهو لاڙڪاڻو آهي جنهن کي اسان پنهنجي سڃاڻپ سمجهون ٿا؟

ارڙھن سالن کان برسراقتدار جماعت جي پنھجي آبائي ضلعي ۾ اربين روپيه بجيٽ ھجڻ جي باوجود ضلع انتظاميه سنڌ پوليس، ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ضلع ڪائونسل جي مجموعي ڪارڪردگي انتھائي مايوس ڪن رھي آھي. سڀ کان وڏو الميو شايد اهو آهي ته اسان آهستي آهستي ان سڀ شين “معمولي ڳالهه” سمجهڻ لڳا آهيون.

لاڙڪاڻو جيڪو  علم، سياست ۽ تاريخ جو مرڪز رهيو آهي. جنھن شهرسياسي اڳواڻن، دانشورن ۽ سماجي ڪارڪنن کي جنم ڏنو آهي. پوءِ اڄ اهو شهر  امن و امان، صفائي ۽ تحفظ لاءِ ڇو تڙپي رهيو آهي؟

جيڪڏهن جنگ زده ايسٽ آفريڪا جا علائقا پاڻ کي سنواري سڌاري  سگهن ٿا ته پوءِ اسان ڇو نه؟

 لاڙڪاڻي جي انتظاميه ۽ حڪمران ڌر جي سياسي اڳواڻن کي التجا آھي ته خدارا لاڙڪاڻي شھر تي رحم ڪري  لاوارث ٿيڻ کان بچايو.

______________

جنيد احمد ڏھر لاڙڪاڻي ۾ رھي ٿو. سندس ھيءُ ليک سوشل ميڊيا مانيٽرنگ سلسلي ھيٺ کنيو ويو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. نوجوان جنيد جو سٺو مضمون امپيريل گزيٽ انڊيا موجب 1907 لارڪانو کي ايشيا جو عدن سڏيو ويندو هو مون ٽن سالن ۾ لارڪانو مان فوج ۾ ڀرتي لاءِ سپاهين جو حصو ورتو آهي مون ويهه هزار کان وڌيڪ سپاهين کي فوج ۾ داخل ڪيو ۽ لارڪانو ۾ هڪ مستقل آفيس قائم ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button