پاڻي تي ڌاڙي، مهانگائي، بدامني ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف نوشھري فيروز ۾ احتجاج
لاقانونيت، 28هين آئيني ترميم ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ۽ پريا ڪماريءَ سميت اغوا ٿيل سمورين ٻارڙين جي بازيابيءَ لاءِ عوامي تحريڪ جي نوشهروفيروز ۾ احتجاجي ريلي. چشما جهلم ۽ تونسا پنجند سميت پنجاب جي سمورن ڌاڙيل واھن ۽ ڪينالن ۾ پاڻي ڇوڙ ھڪدم روڪيو وڃي، ۽ ڀاشا ڊيم سميت سمورن ڊيمن ۽ ڪينالن جو ڪم بند ڪيو وڃي، مطالبو

نوشهروفيروز
سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، وڌندڙ مهانگائي، بدامني، لاقانونيت، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ رسول بخش پليجي صاحب جي ورسي جي جلسي گاهه لاءِ مختص پلاٽ جي حصي تي قبضي خلاف عوامي تحريڪ طرفان ڇنڇر ارڙھين جولاءِ تي نوشهروفيروز ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ريلي جي اڳواڻي.عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ستار رند ۽ ٻين مرڪزي ۽ ضلعي اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، سنڌ جا آبادگار پاڻي جي شديد بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر ان جي باوجود پنجاب ۾ چشما-جهلم ۽ تونسا-پنجند لنڪ ڪئنالن ۾ زبردستيءَ پاڻي وهائي سنڌ جي حصي تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. 1991ع جي پاڻي معاهدي سميت ٻين بين الصوبائي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري پنجاب سرڪار سدائين سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هنيا آهن.
اڳواڻن چيو ته نيو جلال پور ڪئنال سميت اهڙا سڀ منصوبا جيڪي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻڻ لاءِ آندا ويا آهن سي سنڌي قوم قبول نه ڪندي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي سوديبازي سبب سنڌ جو پاڻي پنجاب جي نيو جلال پور ڪينال ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آهي، ٻه ڌاڙيل لنڪ ڪينال اڳ ۾ ٻارهوئي کليل هئا، هاڻ وري جلال پور ڪينال ۾ به پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي. مٿان ڀاشا ڊيم جو به ڪم تيزي سان جاري آهي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ فوري طور ختم ڪئي وڃي، 1945ع جي سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه موجب سنڌ کي پنهنجي حصي جو مڪمل پاڻي فراهم ڪيو وڃي، چشما-جهلم ۽ تونسا-پنجند لنڪ ڪئنالن کي بند ڪيو وڃي، ۽ نيو جلال پور ڪئنال سميت سمورا ڌاڙيل واهه ۽ ڪئنال ختم ڪيا وڃن. ڀاشا ڊيم سميت سمورن ڊيمن ۽ ڪينالن جو ڪم فوري طور بند ڪيو وڃي.
اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، بدامني ۽ لاقانونيت عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي. حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ بدران ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي زمينون ڏئي هارين ۽ آبادگارن جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن. سنڌ جي زمينن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ قبضا قبول نه ڪبا.
ريلي جي شرڪت ڪندڙن پريا ڪماري سميت سمورن اغوا ٿيل نياڻين، ٻارن، نوجوانن ۽ ٻين مغوين جي ترت بازيابي جو مطالبو ڪندي چيو ته حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائين ۽ هر مغوي کي بازياب ڪرائي. 28هين ترميم کي سنڌ خلاف سازش قرار ڏيندي هنن چيو ته هي ترميم سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش آهي. جنهن کي سنڌي قوم ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي. (پريس رليز)
___________________



