سنڌ جا حڪمرانو! ھڪ ڏينھن نيٺ توھان جو اقتدار ختم ٿي ويندو
اقتدار هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو، عهدو به رهڻو ناهي، پر عوام جي دلين ۾ پيدا ٿيل عزت ۽ محبت نسلن تائين زنده رهندي. تاريخ صرف انهن حڪمرانن کي ياد رکندي، جيڪي تصويرن ۾ نه، پر مٽيءَ جي خوشبوءَ ۾، ماڻهن جي وچ ۾، سندن هٿن ۾ هٿ ڏئي، سندن اميدن جا ساٿي بڻيا.
جڏھن ڪو سنڌ جو وڏو وزير چونڊيو وڃي ٿو ته هُو رڳو هڪ شهر جو نه، پر سموري صوبي جو ذميوار بڻجي وڃي ٿو، جتي شايد اڄ به ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي، معياري تعليم، بنيادي صحت، روزگار، روڊن، انٽرنيٽ ۽ انساني وقار جهڙين سهولتن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.

سُئيڊن مان عبدالله عثمان مورائي لکي ٿو
ڪنهن به جمهوريت ۾ حڪمران جو اصل امتحان سندس آفيس، تقريرن يا افتتاحي تقريبن سان نه، پر عام ماڻهن جي وچ ۾ موجودگي، انهن جي مسئلن جي سڌي ڄاڻ ۽ انهن جي درد کي محسوس ڪرڻ سان ٿيندو آهي. اقتدار جو اصل حسن تڏهن ظاهر ٿيندو آهي، جڏهن حڪمران پنهنجن شهرن جي روشنيءَ کان ٻاهر نڪري، پٺتي پيل علائقن جي اونداهين ۾ پهچي، ماڻهن سان گڏ ويهي، انهن جون ڳالهيون ٻڌي ۽ انهن جي اکين ۾ لڪل اميدن کي پڙهي.
سنڌ، پاڪستان جي قديم تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ جو امين صوبو آهي. هي رڳو ڪراچي يا حيدرآباد تائين محدود ناهي، پر ٿرپارڪر جي ريگستانن، ڪوهستان جي جبلن، ڪشمور جي ڪنڊن، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، دادو، ڄامشورو، سيوهڻ، مٽياري، هالا، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، بدين، سجاول، ٺٽو، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ، نوشهروفيروز، خيرپور، گهوٽڪي، سکر، روهڙي، پنو عاقل، ڪوٽڏيجي، محرابپور، ڪنڊياري، مورو، نصيرآباد، ميهڙ، جوهي، واهي پانڌي، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ، مٺي، ڇاڇرو، ڏيپلو، ڇور، جهڏو، ڪوٽ غلام محمد، سامارو، ماتلي، گولاڙچي، چوهڙ جمالي، جهنگ شاهي، گهارو، ڪيٽي بندر، شاهه بندر، ٻيلو ۽ هزارين ننڍن ڳوٺن ۽ وسندين تي مشتمل آهي.
سنڌ جو وڏو وزير جڏهن چونڊيو وڃي ٿو ته هو رڳو هڪ شهر جو نه، پر انهن سڀني علائقن جو به ذميوار بڻجي وڃي ٿو، جتي شايد اڄ به ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي، معياري تعليم، بنيادي صحت، روزگار، روڊن، انٽرنيٽ ۽ انساني وقار جهڙين سهولتن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.
گذريل ڏهن سالن دوران وڏي وزير جي حيثيت سان مسلسل اقتدار ۾ رهڻ هڪ وڏو سياسي تجربو آهي. اهڙي ڊگهي مدي دوران يقيناً ڪيترائي ترقياتي منصوبا شروع ٿيا هوندا، ڪيترن ادارن ۾ سڌارا آيا هوندا ۽ ڪيترن شعبن ۾ ڪم به ٿيو هوندو. پر هڪ سوال اڃا به ذهن ۾ اڀري ٿو ته ڇا حڪمران پاڻ انهن ماڻهن وٽ به ويو، جن لاءِ اهي منصوبا ٺاهيا ويا؟
ڇا ٿرپارڪر جي ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ ۾ کليل ڪچهري ٿي، جتي عورتن، هارين، استادن ۽ نوجوانن بنا ڪنهن پروٽوڪول جي پنهنجون ڳالهيون ٻڌايون هجن؟
ڇا ڪوهستان جي جبلن ۾ رهندڙ ماڻهن سان ويهي اهو پڇيو ويو ته سندن ٻارن کي اسڪول ڇو نٿا ملن؟
ڇا ننگرپارڪر جي ريگستان ۾ ڪنهن ماءُ کان اهو معلوم ڪيو ويو ته هوءَ پنهنجي ٻار کي علاج لاءِ ڪيترائي ڪلوميٽر پري ڇو کڻي وڃي ٿي؟
ڇا دادو يا جوهي جي ڪنهن هاري سان اها ڳالهه ڪئي وئي ته پاڻي جي کوٽ ۽ زمين جي مسئلن سندس زندگي ڪيئن متاثر ڪئي آهي؟
ڇا ڪيٽي بندر يا شاهه بندر جي مهاڻن کان سندن روزگار، سمنڊ جي تبديلي ۽ موسمياتي اثرن بابت راءِ ورتي وئي؟
ڇا گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ يا ڪشمور جي نوجوانن سان ويهي تعليم، منشيات، بيروزگاري ۽ مستقبل بابت کليل ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي؟
ڇا سنڌ جي ڪنهن تعليمي اداري ۾ اوچتو وڃي اتي جي شاگردن سان ڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي؟ اتي شاگردياڻين جا مسئلا سڌا سنوان ٻڌا ويا؟
حڪمراني رڳو فائيلن، بريفنگن ۽ سرڪاري رپورٽن سان مڪمل نٿي ٿئي. اصل حقيقت ته ان وقت سامهون اچي ٿي، جڏهن حڪمران ڪنهن ڳوٺ جي اوطاق تي ويهي، ڪنهن اسڪول جي ڀڳل بينچ تي ويهي يا ڪنهن هاري جي زمين تي بيهي، ماڻهن جي اکين ۾ ڏسي انهن جي دلين جون ڳالهيون ٻڌي.
سنڌ کي اڄ صرف ترقياتي اسڪيمون نه، پر سماجي سجاڳي جي به ضرورت آهي. جيڪڏهن وڏو وزير پاڻ مختلف ضلعن جو دورو ڪري تعليم جي اهميت تي نوجوانن سان ڳالهائي ها، والدين کي ٻارن جي اسڪول وڃڻ جي ترغيب ڏئي ها، عورتن جي تعليم بابت شعور پيدا ڪري ها، غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتلن (ڪاروڪاري) خلاف واضح پيغام ڏئي ها، ٻارن جي شادين، منشيات، قبائلي تڪرارن ۽ سماجي برائين خلاف عوامي مهم هلائي ها ته شايد ان جا اثر ڪيترن قانونن کان وڌيڪ طاقتور ٿين ها.

سنڌ جي سياسي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جيڪي اڳواڻ ماڻهن جي دروازن تي ويا، انهن ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي. اقتدار جو اصل وقار پروٽوڪول ۾ نه، پر ان محبت ۾ هوندو آهي جيڪا عوام پنهنجي اڳواڻ لاءِ محسوس ڪري.
ڪراچي يقيناً سنڌ جي معاشي راڄڌاني آهي. هتي رهڻ ۽ انتظامي معاملن کي ڏسڻ ضروري آهي، پر جيڪڏهن وڏو حصو وقت رڳو ڪراچي ۾ گذري ته عام ماڻهوءَ جي ذهن ۾ اهو تاثر پيدا ٿيڻ فطري آهي ته ڄڻ حڪومت جو دائرو به رڳو ڪراچي تائين محدود ٿي ويو آهي. جڏهن ته سنڌ جي هر ضلعي، هر تعلقي ۽ هر ڳوٺ کي برابر اهميت ملڻ گهرجي.
هڪ وڏي وزير جي حيثيت سان جيڪڏهن هر مهيني ڪجهه ڏينهن مختلف ضلعن ۾ عوامي ڪچهريون منعقد ڪيون وڃن، مقامي ماڻهن سان بنا رسميت جي ملاقاتون ڪيون وڃن، اسڪولن، اسپتالن، زرعي زمينن ۽ مارڪيٽن جو اوچتو جائزو ورتو وڃي ته نه صرف مسئلن جي صحيح تصوير سامهون ايندي، پر عوام جو اعتماد به وڌندو.
افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته ڪيترائي صلاحڪار حڪمرانن کي صرف انهن هنڌن تي وٺي وڃن ٿا، جتي افتتاح، جلسا يا ڪئميرا موجود هجن. جڏهن ته هڪ سچو صلاحڪار اهو هوندو آهي جيڪو حڪمران کي انهن وسندين ڏانهن وٺي وڃي، جتي شايد ڪڏهن به ڪنهن وڏي عهديدار جا قدم نه پيا هجن.
سنڌ جي ماڻهن کي رڳو اعلانن جي نه، پر موجودگي جي ضرورت آهي. کين اهو احساس گهرجي ته سندن حڪمران سندن درد کي سمجهي ٿو، سندن ڳوٺن کي سڃاڻي ٿو ۽ سندن ٻارن جي مستقبل بابت فڪر مند آهي.
اقتدار هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو، عهدو به رهڻو ناهي، پر عوام جي دلين ۾ پيدا ٿيل عزت ۽ محبت نسلن تائين زنده رهندي. تاريخ انهن حڪمرانن کي ياد رکندي، جيڪي هوائي تصويرن ۾ نه، پر مٽيءَ جي خوشبوءَ ۾، ماڻهن جي وچ ۾، سندن هٿن ۾ هٿ ڏئي، سندن اميدن جا ساٿي بڻيا.
اڃا به وقت آهي. جيڪڏهن باقي رهيل عرصي دوران سنڌ جي هر ڪنڊ، هر ڳوٺ ۽ هر پٺتي پيل علائقي ڏانهن باقاعده دورا، عوامي ڪچهريون ۽ سڌي رابطي جي روايت قائم ڪئي وڃي ته اهو نه رڳو هڪ سياسي قدم هوندو، پر عوامي خدمت جو اهڙو مثال به هوندو، جيڪو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ احترام سان ياد رکيو ويندو.
ڇو ته آخرڪار هڪ وڏي وزير جي عظمت ان جي آفيس جي سائيز سان نه، پر ان فاصلي سان ماپي ويندي آهي، جيڪو هن پنهنجي ۽ عام ماڻهوءَ جي وچ ۾ ختم ڪيو.
_________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو. soomro.sweden@gmail.com



