پنھنجي ئي شھر ۾ سياح: سونھن ۽ ثقافت اسان جي ويجهو ئي هوندا آهن
جيڪي ماڻهو اسٽاڪهولم ۾ رهن ٿا ۽ هتان جي ڪيفي ڪلچر سان واقف آهن، انهن لاءِ به روزمره جي عادتن مان ٻاهر نڪرڻ ۽ شهر کي هڪ سياح جي نظر سان ٻيهر دريافت ڪرڻ ۾ هڪ الڳ خوشي ۽ منفرد مزو آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن پنهنجي ئي شهر ۾ ڄڻ ڪو سياح يا مهمان هجي.

سئيڊن مان عبدالله عثمان مورائي لکي ٿو
اسٽاڪهولم جهڙي شهر ۾ جتي جديد زندگي پنهنجي تيزي، خاموش مهارت ۽ نفاست سان اڳتي وڌندي ۽ هلندي رهي ٿي، اتي هڪ ٻيو وچٿرو ۽ قدرتي ماحول به موجود آهي، جيڪو پاڻ کي سست ٿي آهستگي اختيار ڪري ويهڻ ۽ خاموشيء سان قدرتي ماحول جي تمام ويجهو ويهي ساهه کڻڻ ۽ انهن لمحن ۽ گهڙين کي محسوس ڪري پاڻ اندر ماڻڻ جي دعوت ڏئي ٿو. اهو لمحو ۽ گهڙي شايد سئيڊن جي “فيڪا” (Fika) واري روايت ۾ بهترين نموني سمايل نظر اچي ٿي. فيڪا رڳو چانهه ڪافي پيئڻ ۽ ڪيڪ پيسٽري کائڻ جو هڪ وقفو ناهي پر هي هڪ گڏجي ويهي ماحول مان لطف اندوز ٿيڻ جو ثقافتي طريقو آهي. هي ڪو تڪڙ وارو ڪم ناهي هوندو، پر بنيادي ۽ گهرن انساني لاڳاپن جو نالو آهي. هيء ڏينهن جي مصروفيتن مان هڪ ڄاڻي واڻي ۽ ارادي طور پنهنجي لاء ورتل وقت ۽ وقفو آهي، جنهن ۾ ڪافي، چانهه، مشروبات، پيسٽريون ۽ سڀ کان اهم ته هڪ ٻئي سان ڳالهيون يعني ڪچهري شامل آهن.
پر جيتوڻيڪ جيڪي ماڻهو اسٽاڪهولم ۾ رهن ٿا ۽ هتان جي ڪيفي ڪلچر سان واقف آهن، انهن لاءِ به روزاني جي روٽين ۽ روزمره جي عادتن مان ٻاهر نڪرڻ ۽ شهر کي هڪ سياح جي نظر سان ٻيهر دريافت ڪرڻ ۾ هڪ الڳ خوشي ۽ منفرد مزو آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن پنهنجي ئي شهر ۾ ڄڻ ڪو سياح يا مهمان هجي.

پنهنجي ئي شهر ۾ سياح بڻجڻ جو خيال هڪ خاموش سحر رکي ٿو. اهو سحر جيڪو پاڻ کي دعوت ڏئي ٿو ته واقفيت کي تجسس ۾ تبديل ڪريو، رڳو گذري لنگهي وڃڻ بدران اوسي پاسي جي شين جو مشاهدو ڪريو ۽ انهن شين کي به ساراهيو ۽ قدر ڪريو جيڪي روزمره جي تڪڙ ۾ نظرانداز ٿي وڃن ٿيون يا شايد پاڻ ڄاڻي واڻي انهن کي مصروفيت جي ڪري نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيو.
اسٽاڪهوم ۾ روايتي بيڪرين ۽ “ڪونڊيٽورير” (Konditorier) يعني ڪلاسڪ سويڊش بيڪرين جو هڪ مالا مال ۽ وسيع ڄار آهي، جيڪي پنهنجي بهترين ڪيڪ، پيسٽريز ۽ مختلف مٺاين جي ڪري مشهور آهن. هتي بيڪنگ يعني ڪيڪ پيسٽريون ٺاهڻ جو رواج رڳو پيشوراڻي بورچي خانن تائين محدود ناهي، پر گهرن ۾ به زنده آهي جتي خاندان نسل در نسل ترڪيبون ۽ رسمون اڳتي وڌائين ٿا. تمام نفيس پرنسيس ڪيڪ کان وٺي تندور مان تازو نڪتل سنامن يعني دالچني وارن بنز تائين، سئيڊن جي ماڻهن جو بيڪري جي شين سان تعلق ۽ لاڳاپو ثقافتي به آهي ته تمام گهڻو ذاتي به. منهنجي لاءِ، هي کائڻ پيئڻ جي ذائقن سان گڏوگڏ نئين جائين کي ڳولڻ، سندن اڏاوت، قدرتي ماحول سان ويجهڙائي کي پرکڻ جو هڪ مسلسل ۽ جستجو سان ڀرپور هڪ جاري سفر پڻ آهي.
هن ڀيري، اهو سفر اسان کي “ڪونڊيٽوري ليران” (Konditori Lyran) ڏانهن وٺي ويو، هڪ اهڙي جاءِ جيڪا ڪيفي کان وڌيڪ ماضي ڏانهن هڪ واپسي لڳي ٿي. پرنيلا ۽ گنبرٽ سان گڏجي مان هڪ ننڍڙي ڊرائيو تي نڪتس ۽ رڳو ويهه منٽن جي فاصلي تي ڊرائيونگ ڪري اتي پهتاسين. جيتوڻيڪ فاصلو گهٽ هو، پر انتظار ۽ تجسس ان کي هڪ ننڍڙي موڪل ۽ پڪنڪ بڻائي ڇڏيو.

ڪونڊيٽوري ليران هڪ دلڪش، تاريخي ڪاٺ جي هلڪي ڦڪي رنگ جي ولا يعني گهر ۾ واقع آهي. اهڙو رنگ جيڪو سج جي روشنيءَ جهڙو لڳي ٿو. 19هين صديءَ ۾ ٺهيل هي عمارت پنهنجي اندر تاريخ جو احساس رکي ٿي ۽ ان جي بناوٽ ڄڻ ڪنهن ٻئي دور جون ڪهاڻيون ٻڌائي ٿي. اندر وڃڻ شرط مهمانن يا کڻي چئجي گراهڪن جو استقبال روايتي سئيڊش بيڪ ٿيل شين جو هڪ وڻندڙ مجموعو ڪري ٿو جنهن ۾ ڪريمن ۽ بلو بيريز سان سينگاريل ڪيڪ، مکڻ واريون پيسٽريون، بسڪيٽ، چانهه، پيئڻ جي شين، مختلف قسم جا سينڊوچ ۽ يقيناً بهترين طريقي سان تيار ڪيل ڪافي شامل هجي ٿي. انهن شين جي تازي ۽ وڻندڙ خوشبو ڀر پاسي جي ماحول کي وڌيڪ دلڪش بڻائي ٿي. هر شيءِ ۾ اصليت، سادگي، محنت ۽ محبت سان سنڀاليل روايت جو احساس ملي ٿو.
هي ڪيفي ميلارن ڍنڍ (Lake Mälaren) جي ڪناري تي هڪ تمام سهڻي هنڌ واقع آهي، هي ڍنڍ سئيڊن جي وڏين ۽ اهم ڍنڍن مان هڪ آهي. ميلارن ڍنڍ رڳو پاڻي جو هڪ ذخيرو ناهي، پر هن علائقي جي سڃاڻپ آهي، جيڪا ڪيترن ئي علائقن تائين پکڙيل آهي ۽ ننڍن ٻيٽن سان ڀريل آهي، جيڪي ڄڻ ڪنهن خاموش راز وانگر تري رهيا هجن. ان جو پرسڪون پاڻي بدلجندڙ رنگن سان آسمان جو عڪس ڏيکاري ٿو. ان جي ڪناري تي بيهي ماڻهو شهر جي محدود زندگي ۽ سوڙهه جي مقابلي ۾ هڪ کليل خوبصورت احساس، آزادي ۽ وسعت محسوس ڪري ٿو.
جيئن توقع ۽ اندازو هو، ليران جي ڀرسان پارڪنگ محدود ۽ مفت نه هئي ۽ ان جي مقبوليت کي ڏسندي اتي جلد پهچڻ مناسب هو. اسان کي بنا گهڻي تڪليف جي جاءِ ملي وئي، شايد اهو ان ڪري جو اسان اتي وڃڻ جو وقت سٺو چونڊيو هو يعني صبح جو سوير. ان ڏينهن موسم ٿڌ ۽ گرميءَ جو هڪ عجيب ميلاپ هئي، ڇانو ۾ اڃا اسڪينڊينيوين سياري جي ٿڌڪار هئي پر اس ۾ بهار واري وڻندڙ موسم هئي.

اسان هڪ اهڙي ميز جي چونڊ ڪئي جيڪا سامهون ڍنڍ ڏانهن کليل هئي ته جيئن اسان مڪمل طور تي قدرتي منظرن مان لطف اندوز ٿي سگهون. ويهڻ جا انتظام اندر ۽ ٻاهر ٻنهي هنڌن تي ڪافي هئا. اندر، ڪيفي هڪ گرم ۽ خاموش ماحول پيش ڪري ٿو جيڪو خاموشيء سان ويهي ڪو ڪتاب پڙهڻ يا هلڪي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ زبردست ۽ ڀرپور هو. ٻاهر، زندگي وڌيڪ چمڪندڙ ۽ رنگين هئي. ڪي جوڙا کائيندي ۽ پيئندي کلي رهيا هئا، ڪي دوست پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا، ڪي خاندان اتي ٻارن سان گڏ آيل هئا ۽ ڪجهه ماڻهو وري پنهنجي اڪيلائي ۽ پنهنجي پاڻ سان وقت گذارڻ مان لطف اندوز ٿيندي نظر آيا. اهو انساني زندگيءَ جو هڪ ننڍڙو پر مڪمل عڪس هو.
اتي اوسي پاسي ۾ قدرت ۽ فطرت به ڄڻ خاموش جشن ملهائي رهي هئي. ڊگهي سياري کان پوءِ وڻ ٻيهر ساوا ٿيڻ لڳا هئا ۽ وڻن جا پن هوريان هوريان ڦٽي ظاهر ٿي رهيا هئا. ڪيفي جي ٻاهران رستو ۽ زمين بجري جي وڏن ڪنڪري پٿرن سان ڍڪيل هئي، جيڪا ان جي ڳوٺاڻي ماحول ۽ حسن ۾ واڌارو ڪري رهي هئي، جڏهن ته چوڌاري گل ۽ ٻوٽا ۽ ننڍڙا رستا منظر کي وڌيڪ دلڪش بڻائي رهيا هئا. ڍنڍ پري تائين پکڙيل هئي، هڪ ٻيٽ، پوءِ وري ٻيو ڍنڍ ۾ نظر ايا ٿي.
هن جاءِ جا ننڍا ننڍا تفصيل به ايترا ئي دلڪش ۽ تمام دلچسپ هئا جيترو مجموعي منظر. هڪ ڪاٺ جو پراڻو ڦيٿو، شايد ڪنهن وقت ۾ اهو ڪنهن گھوڙي گاڏي جو حصو هجي، هڪ سينگار ۽ سجاوٽي نشان طور اتي رکيل هو. ڀرسان هڪ پراڻي ڪپڙا سبڻ جي سلائي مشين جي ٽيبل به موجود هئي، جيڪا ماضي جي ياد ڏياري رهي هئي. اهي شيون رڳو سينگار نه هيون، پر ڄڻ تاريخ جا گم ٿيل ٽڪرا هئا، جيڪي ماحول کي وڌيڪ معنيٰ ڏيندا هجن. عمارت جو پيلو رنگ چوڌاري ٽڙيل پکڙيل پيلن گلن سان تمام گهڻي خوبصورتي سان هم آهنگي پيدا ڪري رهيو هو جيڪو تمام گهڻو فطري هو.

ڪونڊيٽوري ليران جي عملي جن ۾ گهڻي قدر سهڻيون ڇوڪريون هيون انهن جي اخلاق ۽ محبت اسان جي تجربي کي وڌيڪ خوشگوار ۽ ان کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. عملو بنا ڪنهن ڏيکاءُ جي تمام مددگار، گرم جوش، مهربان، مناسب ڌيان ڏيڻ، نه گهڻو مداخلت ڪندڙ ۽ نه ئي بي پرواهه هو، اهي بلڪل متوازن مهمان نوازي سان اسان جي ميزباني ڪري رهيا هئا. جڏهن اسان اتي ويٺي ڪيڪ پيسٽريء جو مزو وٺندي ڪافي ۽ چانهه پي رهيا هئاسين ۽ هڪ ٻئي کي قصا ٻڌائي رهيا هئاسين، تڏهن اهو احساس ٿيو ته هي رڳو هڪ ڪيفي جو دورو نه هو پر هي پنهنجي ماحول ۽ پنهنجي چوڌاري دنيا کي هڪ ٻي ۽ نئين اک سان ڏسڻ ۽ واقفيت ۾ حيرت ڳولڻ جو نالو هو.
جڏهن اسان واپس روانا ٿياسين، تڏهن هڪ خاموش اطمينان ۽ تسلي هئي ته جيتوڻيڪ اسان گهڻو پري نه ويا هئاسين، پر اسان جو هيء سفر تمام هڪ معنيٰ ڀريو سفر هو. پنهنجي ئي شهر کي سياح جي نظر سان ڏسڻ هڪ سادو خيال ضرور لڳي سگهي ٿو پر ان ۾ هڪ گهرو سبق لڪل آهي ته خوبصورتي، ثقافت ۽ تجربا اڪثر اسان جي ويجهو ئي هوندا آهن پر ضرورت ان ڳالهه جي هوندي آهي ته رڳو انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهرڳولي غور سان ڏسڻ جي خواهش، همٿ ۽ شوق هجي.
۽ پوء ڪڏهن ڪڏهن، هڪ پيالي ڪافي، چانهه ، ڪيڪ جو ٽڪرو ۽ ڍنڍ جو ڪنارو ئي ڪافي هوندو آهي.
_________________
سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو. soomro.sweden@gmail.com



