سنڌو نديءَ جو ماضي ۽ حال تاريخ جي آئيني ۾
نه صرف رگ ويد ۾ سنڌوءَ جي ساراھ جا اشلوڪ رچيا ويا پر ڀڳتين ۽ لوڪ شاعري ۾ پڻ ھن کي وڏو مان مرتبو ڏنو ويو
سنڌوءَ جي پاڻي تي لڳل ڌاڙن جي تاريخ جي شروعات تہ 1859ع کان ٿي ھُئي. پر ان تاريخ کي ڇڏي جيڪڏھن پاڪستان جي قيام کان وٺي موجود وقت تائين جي تاريخ جو جائزو وٺجي تڏھن بہ سنڌوءَ جي پاڻي تي ايترا ڌاڙا لڳل ھوندا جو چڱا خاصا جلد تيار ٿي ويندا.!
رشيد احمد خاصخيلي
دنيا جا ڏاھا اُن ڳالھ جي وڏي ساراھ ٿا ڪن، تہ سنڌو جھڙي ديالو نديءَ دنيا منجھ پنھنجو مٽَ پاڻ آھي “پوري دنيا جي ھڪ عاليشان ندي ”سنڌو“ اولھ تبت ۾ ڪيلاش جبل کان (جيڪو ڌرتيءَ جي سطح کان سترھن ھزار فوٽَ اوچائي تي آھي) شروع ٿئي ٿي. سنڌو ندي انيڪ اوچا، اوچا جبل جھاڳيندي لداخ وٽ ھندوستاني علائقي اندر داخل ٿئي ٿي. اِن جي ڊيگھ تقريبا ٻہ ھزار ميل آھي. جا چين کان شروع ٿي ھندستان مان لنگھندي پاڪستان جي اترئين علائقي کان ٿيندي سنڌ کي سرسبز ڪندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سنڌ جي ٿڃ سنڌو جنھن وقت سکر ۾ لائڊ بئراج وٽ پھچي ٿي تہ ان مان وھندڙ پاڻيءَ جو مقدار مصر جي نيل نديءَ جي سالياني وھڪري کان ٻيڻو ۽ آمريڪا جي ڪولوراڊو نديءَ کان ڏھوڻو ھوندو آھي. سنڌو نديءَ جو ھڪ نظارو ھماليہ جي مھان ھُئڻ جي نشاندھي ڪري ٿو تہ ھماليہ جبل جو ھڪ نظارو وري اِن ڳالھ جي پڪَ ڏياري ٿو تہ “سنڌو” ڪيڏي نہ وشال ندي آھي. جيڪا ڪيترائي اوچا اوچا پھاڙ اُڪري ڪيترائي ھزارين ننڍا وڏا وھڪرا ساڻ کڻي پنھنجو سفر مڪمل ڪري ٿي.!”
سنڌو ندي ھُجي يا دنيا جون ڪيتريون ئي نديون انھن جي تاريخ ۾ وڏي اھميت رھي آھي. تاريخ جا ورق ورائي جي اکين آڏو آڻينداسين تہ ڪيتريون حقيقتون چٽيون ٿي بيھنديون تہ جيڪي بہ تھذيبون اُسريون اُھي دريائن جي ڪنارن تي ئي آباد ٿيون. تھذيبن جي واڌ ويجهه ۽ جياپي لاءِ دريائن جو اھڙو ئي ڪردار رھيو آھي، جھڙو ڪردار ھڪ ماءُ جو پنھنجي اولاد لاءِ ھوندو آھي.
ايلائيس البينيا، جو چوڻ آهي ته “ھن نديءَ کي پنھنجي سفر دوران ڪيترن ئي نالن سان سڏيو وڃي ٿو. اُھي نالا يقيني طور آمرن جي نالن کان وڌيڪ سھڻا آھن، سنڌ ۾ اُن کي کي “ڀورالي” ندي بہ سڏيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ تہ ميداني علائقي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ اھا ندي پنھنجي مرضي سان سمنڊ ڏانھن سفر ڪندي ھئي ۽ ڪڏھن ڪٿان تہ ڪڏھن ڪٿان پئي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي ھئي، ميداني علائقي ۾ ان نديءَ جي ئي مرضي ھلندي ھئي ھتان جا ماڻھو ان کي “سمنڊ” بہ سڏين ٿا اھي نالا ان کي ان جي وسعت ڪري ڏنا ويا آھن ۽ اھا ندي ماٿرين ۽ تھذيبن کي جنم ڏيندي رھي آھي. افغانستان جي ڀر وارن (خيبرپختونخواه) سرحدي صوبي جي علائقي ۾ ان جو نالو “نيلاب” آھي، نيري پاڻي جي ڪري مٿس اھو نالو پيو آھي. “شير دريا” بہ سڏيو وڃي ٿو ۽ “اباسين” يعني درياھن جي پيءُ جو لقب بہ مليل اٿس. جابلو وھڪرن دوران اتي جا ماڻھو مختلف ٻوليون ڳالھائن ٿا ۽ مختلف مذھبن جا پيروڪار آھن ۽ ان جي ڪري نالا بہ مختلف اٿس. بلٽي سنڌو ندي کي “گيمتُش” يعني عظيم ٻوڏ ۽ سوفو (Tsah-fo) يعني نر ندي سڏين ٿا. لداخ ۽ تبت ۾ ان کي سنگي سامپو (Senge tsampo) يعني شير دريا سڏيو وڃي ٿو. اڄ ورھاڱي ۽ فوجي سرحدي چوڪين جي ڪري ھن درياھ جي ماڻھن کي ھڪ ٻئي کان ڌار ڪيو ويو آھي پر پوء به اتي جا ماڻھن جا قديم لڳ لاڳاپا اڃا به برقرار آھن.”
قومن جي شروعاتي زندگيءَ بابت، تاريخي دستاويزن ۾ڄاڻايل آهي؛ “ دنيا جون پهريون تهذيبون چئن وڏين ندين جي سرشتن تي ٺهيون جتي زمين ڀلي هئي ۽ ريج لاءِ پاڻي سولائي سان ملي سگهيو ٿي. موافق حالتون رکندڙ اهي چار نديون هي هيون؛ ميسو پوٽيميا (عراق) ۾ دجلا فرات،
مصر ۾ نيل ندي، سنڌ ۾ سنڌو ندي، ۽ چين ۾ هونگ ندي.” رگ ويد جا شلوڪ اڄ به ان ڳالهه جا شاهد آهن ته سنڌ جي ماڻهن جيڪڏهن وڌيڪ ڪنهن شئي کي پويتر سمجهيو ۽ اُن جي پرستش (عبادت) ڪئي ته اُها فقط سنڌو ندي ئي هئي.
ايلائيس البينيا ان عبادت متعلق چوي ٿي تہ “سنڌ جي صحرائن کان تبت جي پھاڙن تائين ھاري ان نديءَ جي پوڄا ڪن ٿا ۽ شاعر ان جي ثنا خواني ۾ مصروف آھن ايتري عبادت ۽ ثنا خواني ڪنھن بہ ديوتا جي يا سياستدان جي نه ٿي ڪئي وڃي جيتري سنڌو نديءَ جي ڪئي وڃي ٿي.”
هن نديءَ جي شان ۾ رگ ويد ۾ ڪيترائي اشلوڪ ان وقت جي ڪوين (شاعرن) کليل دل سان رچيا آهن، جيڪي هنن جي ديار دليءَ ۽ پنهنجي نديءَ سان محبت جي ساک ڀرين ٿا، نه صرف رگ ويد ۾ سنڌوءَ جي ساراھ جا اشلوڪ رچيا ويا پر ڀڳتين ۽ لوڪ شاعري ۾ پڻ ھن کي وڏو مان مرتبو ڏنو ويو، ڪلاسيڪل شاعري کان ويندي جديد شاعري تائين سنڌوءَ جون پوٿيون ور ور ڪري شاعرن، جي تخيل جو حسين پاسو رهيون آهن، هيٺ سنڌو، جي واکاڻ ۾ رچيل رگ ويد جي ڪوين جا ڪجهه اشلوڪ ڏجن ٿا؛
اي سنڌو!
تنهنجي پاڻيءَ جي ڇوهه جو آواز،
ديولوڪ تائين وڃي ٿو،
سنڌوءَ جون تجليدار لهرون
اُن جي بي انت، رفتار کي
ظاهر ڪن ٿيون.
جيئن برسات اڳيان وڌندي
بادلن مان گجگوڙ پيدا ڪندي آهي،
تيئن سنڌو به بئل (ڏاند) وانگ
گجگوڙ اڳيان وڌي ٿي.
هڪ اشلوڪ ۾ ته رشي اَنن ندين جا نالا کڻي چوي ٿو؛
گنگا، جمنا، سرسوتي، شتودري،
پَرشڻي، ماروڌورڌا اَسڪِني وِتستا،
اَرجيڪا ۽ سس موها نديون
توهان کي سنڌو نديءَ جي ساراهه
سويڪار ڪرڻ کپي.
***
سِڌي وهندڙ سفيد رنگ واري
۽ چمڪاٽ ڪندڙ سنڌو
تنهنجو وهڪرو تيز آهي،
اجهل سنڌو!
تون تکي ۾ تِکي ۾ تَکن ۽
ڪرشمن جهڙن گهوڙن وانگر
تيز هلندڙ آهين
تون چترا ناريءَ جهڙي سُندر آهين.
***
سنڌو گهوڙن سان مالا مال آهي
سنڌو رٿن سان مالا مال آهي
سهڻن ٺهيل زيورن سان
مالا مال آهي
اِها اَناج، پشم،
هر هميشه سرسبتر
شيشم جي وڻن سان
ڀرپور آهي
هن شڀ نديءَ جي ڪنارن تي
ماکي پيدا ڪندڙ گُل پيدا ٿين ٿا.
مٿين استين کي پڙهڻ کان پوءِ اسان اُهو اندازو ڪري سگهون ٿا ته هتان جي رهاڪن لاءِ سنڌو ڪيتري اهميت واري ندي رهي آهي، هن نديءَ جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته اڄ به هن کي ڪائنات جي ويهن وڏين ندين ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.!
ايلائيس البينيا، لکي ٿي ته “مون جيڏانھن منھن ٿي ڪيو ان پاسي مون کي سنڌو نظر ٿي آئي، اتي جا واپاري پنج ھزار سال اڳ ميسوپوٽميا سان وڻج واپار ڪندا ھئا. فارسي جي ھڪ شھنشاھ ڇھين صديءَ قبل مسيح ۾ ان جو نقشو بہ چٽيو آھي. گوتم ٻڌ تخت ۽ تاج تياڳڻ کانپوءِ سنڌو جي ڪنارن تي اچي رھيو ھو. يوناني بادشاھ ۽ افغان سلطان بہ وڏا لشڪر وٺي ان جي ڪنارن تي آباد شھر فتح ڪندا رھيا. سک مت جي باني گرو نانڪ تي بہ ان ۾ ڇوڙ ڪندڙ ھڪ نديءَ ۾ اشنان ڪندي حقيقتن جي راز جي اپٽار ٿي ھُئي.!”

تاريخ جا پيرا کڻندڙ ان راءِ تي متفق راءِ آهن ته “ عراق ۽ مصر وارين وائلي دريائي ماٿرين وارين تهذيبن ۾ نديون ماڻهن جي جي زندگين ۾ ايڏي ته اهميت رکنديون هيون جو ندين سان گڏو گڏ علائقن جا رهاڪو، کين ديوتائن جو جو درجو ڏئي پوڄيندا هئا.” دريائن کان سواءِ مٿيان ماڻهون ڪڏهن به شاندار تهذيبن کي جنم نه ڏئي سگهن ها، هنن جيڪڏهن سُڌريل تهذيبن جا ابتدائي بناد رکيا ته اُن پُٺيان به دريائن جو وڏو سُوڀارو ڪردار ڏسڻ ۾ اچي ٿو. “ هر سيپٽمبر ۾ نيل ۾ سيلاب ايندو هوجيڪو آبپاشي لاءِ پاڻي جو تمام گهڻو مقدار آڻيندو هو، ٻوڏ جو پاڻي جيئن ئي آهستي آهستي هيٺ لهندو هو ته ته نيل جي ڀرواريون ٻنيون گپ ۽ لٽ جي تهن ۾ سان ڀرجي وينديون هيون، جنهن سان زمين زرخيز ٿي پوندي هئي. ۽ ججها فصل ڏيندي هئي. هزارين سال اُهي حالتون رهيون. دجلا، فرات، نيل، سنڌو ۽ هونگ جي ڀر واران علائقن ۾ پيدا ٿيندڙ ججهن فصلن جي ڪري ماڻهن جو تعداد به وڌيو جيئن ته هاڻي ماڻهوءَ کي کاڌي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت نه هئي. تنهن ڪري هاڻي ڪجهه ماڻهو پنهنجو واڌو وقت ٻين ڪمن ۾ لڳائي سگهيا ٿي. نتيجي ۾ انهن ندين جي ماٿرين جي رهاڪن هزارين سالن ۾ آهستي آهستي ترقي ڪري اُها شي ٺاهي جنهن کي اسان تهذيب سڏيون ٿا.” دريائن هڪ پاسي اوائلي رهاڪن کي وقت جي فرصت ۽ گذر معاش جا ڪيترائي ذريعا مهيا ڪيا، ته ٻئي پاسي ساڳي دريا هنن جي تجارت لاءِ پڻ ڪم اچڻ لڳا ۽ ڏسندي ڏسندي ڪيترائي بندر گاهه جُڙي راس ٿيا، جن بندرن تي ڏور ڏيساور جي ٻيڙن لنگر پئي هنيا، ڪيترا ٻيڙا آئي پئي ڪيترا ويا پئي، هاڻ دريائن تي جُڙيل بندرن تي همعصر تهذيبن، سان ڪيترين ئي شين جي مٽا سٽا ٿيڻ لڳي، ۽ تهذيبن جي ترقي ۾ وڌيڪ سُڌارا اچڻ لڳا. هي دريائن جي بندرن جو اوج هو، جڏهن انسان، اڃا سامونڊي سفر کان ڪوهين ڏور هو سامونڊي سفر جا قصا دريائن جي سفر جي ڀيٽ ۾ ڄڻ ڪلهه جا قصا هجن. پرتگالين، اسپينين، فرانسين ۽ برطانوي ماڻهن ڄڻ ڪالهه ئي ته سمنڊن کي پرکيو هو. پر اُن جي ڀيٽ ۾ ڪيتريون ئي صديون اڳ تجارت جي درامد ۽ برامد لاءِ زميني ۽ دريائي رستا ئي هڪ ذريعو هئا..
سنڌوءَ نديءَ جي دلڪشين ۽ ان سان ٿيل ويساھ گھاتين جي تاريخ جا ورق تہ نھايت ڊگھا آھن، انھن کي پرکڻ لاءِ اسان کي ايلائيس البينيا, جھڙي حساس دل، انگريز اليگزينڊر برنس، جھڙيون گڏ ڪيل شاھديون ۽ بي بي سي اردوءَ جي نمائندي رضا علي عابديءَ جھڙو سنڌوءَ جي ڪناري ٿيل پنڌ ۽ ادراڪ کپي. جيئن اسين اُنھن جي حساسيت، ادراڪ ۽ ڪيل پنڌ کي مدي نظر رکي سنڌوءَ کي تاريخ جي آئيني ۾ ڏسي سگهون.
لداخ کان کارو ڇاڻ تائين ھاڻوڪي وھندڙ سنڌو درياءَ تاريخ جا ڪيترائي ور وڪڙ سٺاَ آھن ھن جي سيني تي جتي مھاڻا سوار رھيا آھن، تہ ساڳي ھن جي سيني تي ڪيترين ئي جنگي فوجنَ بہ شھسواري ڪئي آھي.! جڏهن ننڍي کنڊ ۾ انگريزن پير پاتا ته سنڌ سان گڏ سنڌوءَ جو ساهه به ٻوساٽجڻ لڳو، شروعات ته گورن ڪئي جڏهن هو هتان بسترا ٻڌي واپس انگلستان هليا ويا تڏهن به سنڌو آزاد نه ٿي سگهيو ڇو ته گورن پنهنجي پويان پنهنجا مسند نشين ڇڏيا هئا جن ساڳيو سلسلو اڄ تائين جاري رکيو آهي. هاڻ ساڳي ندي جڏهن لائڊ سکر بئراج وٺ پهچي ٿي ته هن جي دامن ۾ ايترا وهڪرا ئي نه ٿا رهن جن جي ڀيٽ مصر جي نيل نديءَ جي ساليانه وهڪرن ۽ آمريڪا جي ڪولوراڊو نديء جي ڏهوڻن وهڪرن سان ڪري سگهجي. ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ وسندڙ آبادي پاڻي جي کوٺ سبب ڪيترن معاشي مسئلن جي ور چڙهي وئي آهي سو سڀ ڪجهه اسان جي اڳيان آهي. سمنڊ ۾ درياهه جي مٺي پاڻي جي ڇوڙ کي وريهه وهامي ٿا وڃن، ۽ سمنڊ هر آئي ڏينهن ناراض ٿي ڪيتريون ئي ڇوڙ جي ڀرپاسي واريون زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي. ڇوڙ واري علائقي جي ماضيءَ جي تاريخ پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هي علائقو ماضيءَ ۾ سنڌو نديءَ جي ڇاڙن جي وڏن وهڪرن جو ڀليڪار هو ۽ ايترو ته سُکيو ستابو هيو جو سڪندر يوناني کي به هن علائقي تي ڪاهه ڪرڻي پئي جنهن جا پيترائتا احوال اسان کي جنرل هينگ جو ڪتاب ٻڌائي ٿو ( جنهن جو ترجمو سائين عطا محمد ڀنڀرو ڪيو هو، سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو نالي سان جيڪو پهريون دفعو 1995 ع ۾ شايع ٿيو هو ۽ ٻيو دفعو 2014ع ۾)
برنس جي لکيل راءِ آھي تہ “سنڌو جنھن وقت سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي آھي تہ سندس ۽ سمنڊ جي ڀيٽ جي سنوت ۾ ڪو خاص فرق ڪونہ رھندو آھي. دنيا جي ھي ندي ائين آرام سان ڇوڙ ڪندي آھي جيئن مھان سنڌو ندي ڪري ٿي.“ برنس سنڌو جي ھن ريت بہ واکاڻ ڪئي آھي حقيقتن مان گنگا نديءَ کان سنڌوءَ جي چوڏار شاھديون اڃا بہ وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. جڏھن سنڌو صفا لاٿ ۾ ھوندي آھي تہ بہ سندس وھ تک اڍائي ميل في ڪلاڪ ھوندي آھي، ۽ سندس اونھائي 15 فٽن کان گھٽ ڪانہ ھوندي آھي.” پر هاڻ اُهي وهڪرا سنڌ وکان ڌاڙا هڻي ڦريا ويا آهن.!
سنڌوءَ جي پاڻي تي لڳل ڌاڙن جي تاريخ جي شروعات تہ 1859ع کان ٿي ھُئي. پر ان تاريخ کي ڇڏي جيڪڏھن پاڪستان جي قيام کان وٺي موجود وقت تائين جي تاريخ جو جائزو وٺجي تڏھن بہ سنڌوءَ جي پاڻي تي ايترا ڌاڙا لڳل ھوندا جو چڱا خاصا جلد تيار ٿي ويندا.!
پاڪستان جي پھرين وزير اعظم لياقت علي خان جڏھن سنڌو ندي ۽ ان جي سٿ وارين ندين (جھلم، چناب، راوي، بياس ۽ ستلج) کي آقا پنجاب حوالي ڪيو ھو تہ ڇا ان وقت اسان جا وڏڙا ھڪ احتجاج جي صورت ۾ اڳيان نه آيا ھئا.!؟ خير لياقت علي خان کي ڇڏيون (عالمي تاريخي جلنڌر مھا سازش) ۽ پاڪستان جي اٽارني جنرل جڏھن اسٽي آڊر وٺڻ کان انڪار ڪيو، جنھن جي پڄاڻي بعد پنجاب جي مسلمانن وڏين رڙين ڪوڪن سان ھائي گھوڙا ڪري ھندوستان سان اندروني طور گڏجي کين ٽي درياھ وڪڻي ڏنا.! ڇا ان وقت ڪا دانهن نه ٿي هئي.؟ خير ان کي بہ ڇڏجي ون يونٽ جي آڙ ۾ جيڪي سنڌ جي پاڻي تي راتاھا لڳا ڇا تڏھن بہ سنڌ واسي انھن راتاھن لاءِ گڏجي نه اٿيا هئا.! (ھتي منھنجو سوال ون يونٽ دوران سنڌ جي پاڻي تي لڳل ڌاڙي جي پسمنظر ۾ آھي) ان کان علاوہ بہ سنڌ جي پاڻي تي ھر ڏينھن ڪيترائي ڌاڙا لڳندا رھيا آھن.( جيئن ارسا ايڪٽ جي آڙ هيٺ سنڌو درياءَ مان نئون ڪئنالن ڪڍڻ جو سازشون ٿي رهيون آهن.) پوءِ اُھي ڌاڙا ڊيمن جي صورت ۾ ھُجن يا سياست جي آڙ ۾ اسان جي جدوجھد ۽ آواز ڇا انھن خلاف ناهن رهيا؟ جيڪڏهن رهيا آهن، ته انهن جي روڪ وقتي ئي ڇو ٿي آهي.؟ سبب ته اسان جي جدوجهد جا پاسا به وقتي ئي رهيا آهن. پر ٿيڻ ته ائين گهرجي ها تہ انهن ڌاڙن خلاف مسقتل بنيادن تي تحرڪ ۾ رهڻ گهرجي ها. خير ماضي ۾ ڇا وهيو واپريو اُن کي هڪ پاسي رکي جي اسين اڄ به پاڻ کي منظم انداز ۾ پيش ڪري سنڌوءَ جو ساٿ ڏيون ته سنڌوءَ کي وڌيڪ ڌاڙن کان بچائي سگهون ٿا. اُهو عام اصول آهي ته، ڪنھن بہ بربادي ڀڃ ڊاھ کي جي ڪا شئي دنيا ۾ بچائي سگھي آھي يا بچائي سگھي ٿي تہ اُھا ھڪ منظم ھُئڻ جي سگھ هڪ منظم تنظيم ئي آھي. ڀلي پوءِ اُھا بربادي تباھي پاڻيءَ جي صورت ۾ ئي عيان ڇو نہ ٿي. جيڪڏھن ان کي روڪڻو آھي تہ اسان کي منظم ٿيڻو پوندو.!
ايلائيس جي ڳالهه کي مدي نظر رکجي “ توڙي جو اڄ ھي درياھ رسمي طور موجود آھي، قديم سنسڪرت جي اشلوڪن ۽ انگريزن جي راڄ دوران ان کي جيڪا حيثيث حاصل ھئي تنھن ۾ ھنيئر ڪجھ گھٽتائي ضررور ٿي آھي. انگريز راڄ دوران مقصد ۽ سفري سھولتن حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌو نديءَ کي کي بچاءُ بندن ۾ قيد ڪيو ويو ۽ فوجي آمريت جي ڏينھن ۾ ان تي ڊيم اڏيا ويا، ان جا اثر رھواسين تي بہ پيا. ھاڻي ان نديءَ جي ڪنارن تي انسانيت بدران وحشت جو راڄ آھي. اڄ جڏھن آئون سنڌو ندي بابت سوچان ٿي تہ مون کي اُھي قديم سنسڪرت جا اشلوڪ ياد پون ٿا جيڪي پوڄارين جي زبان تي ھوندا ھئا اھڙا ئي گيت يوناني سپاھين ۽ صوفي درويشن جي زبان تي به رھيا صدين جو سفر ڪندي اُھي لفظ اڄ جڏھن اسان تائين پھچن ٿا تہ اھو احساس ڏيارين ٿا تہ سڀ ڪجھ ختم ٿي رھيو آھي.”
آخر ۾ آئون ھينري لورين جي ان اقتباس سان اتفاق ڪريان ٿو“ مان سمجھان ٿو تہ ھي ڳالھ اوھان سڀ چڱي ريت سمجھي سگھو ٿا ڄمڻ واري گھڙي کان وٺي ساري زندگي تنظيم سان گڏ ھلندي آھي. بلڪ ايئن بہ چئي سگھجي ٿو تہ ماءُ کي پيٽ ٿيڻ شرط تنظيمي عمل شروع ٿي ويندو آھي.! ھي دنيا جنھن ۾ اسان رھون ٿا ھي ڪائنات يا اسان جي چوڌاري موجود ھر شئي ھڪ تنظيمي روپ ۾ موجود آھي. اسان جون سڀ سرگرميون پوءِ اُھي اسان جي پيٽ پارڻ لاءِ ھُجن يا دل وندرائڻ يا ٻني مقصدن لاءِ انھن ۾ رٿابندي ۽ تنظيم موجود ھوندي آھي.
ھڪ ڳور ھاري عورت حمل سان لاڳاپيل خاص ماھر ڊاڪٽرن جي صلاح مشوري سان غذائي علاج ۽ ڪِري ڪندي آھي. ٻار ڄمڻ کان پوءِ خاص طريقي سان کير پياريو، وھنجاريو، سمھاريو، ۽ آرام ڪرايو ويندو آھي. ھنيئن بہ چئي سگھجي ٿو تہ ٻارڙي جي کاڌ خوراڪ سوچيل ويچاريل مرڪب جي اصول مطابق ھوندي آھي. جڏھن ٻار اسڪول وڃڻ شروع ڪندو آھي تہ ھن کي وڌيڪ ضبط رٿابندي ۽ نظيم کي منھن ڏيڻو پوندو آھي. اھو سلسلو ان وقت تائين جاري رھندو آھي جيستائين ڪانڌي سندس لاش کي ھڪ منظم نموني سان کڻي وڃي سندس آخري رسمون ادا ڪندا آھن. تنھن ڪري اسان کي ماءُ جي پيٽ ۾ رھڻ کان وٺي مرڻ گھڙي تائين اڳتي نڪرڻ جي مقصد سان منظم طبقي سان جاکوڙ ڪرڻي آھي ۽ ھر ڏک سک جي ھر سرگرمي ۾ حصو وٺڻو آھي. تنھن ڪري سڀ کان پھريان اسان کي سوچڻ ويچارڻ گُھرجي. لورين جي ڳالهه کي مدي نظر رکي چئبو ته سوچ ويچار نھايت ضروري بہ آھي تڏھن ئي ڪنھن منظم سگھ کي جنم ڏئي سگھجي ٿو ۽ ڪيترين ئي بربادين کان بچي سگھجي ٿو.
________________
ليکڪ ڄامشوري سنڌ ۾ رھي ٿو



