Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيانساني حَقَ

ملير ۾ خواجه سِرائن جو بي رحماڻو قتل – هڪ الميو، حڪمرانن ۽ سماج کان ڪجھ سوال

رت  ۾ رڱيل لاشن جي صورت ۾ ظاهر ٿيل هيءُ سانحو رڳو هڪ ڏوهاري واردات ناهي، پر سماجي بي حسي ۽ حڪومتي ناڪاميءَ جو کليل ثبوت آهي

سماج خواجه سرائن کي عزت، تحفظ ۽ زندگيءَ جو حق ڏئي،  نه ته پوءِ هن سماج کي تاريخ بي حس ۽ مرده ضمير سماج طور ياد ڪندي

مُشتاق ٽانوري

انسانيت جي تاريخ  ۾ جڏهن به ڪنهن طبقي کي حقن کان محروم رکيو ويو آهي، اتي ظلم، ناانصافي ۽ استحصال جنم ورتو آهي. اهڙي ئي صورتحال پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ڪيل سماجي گروپ، کدڙن فقيرن خواجه سرائن جي آهي. اهي ماڻهو نه صرف سڃاڻپ جي مسئلن جو شڪار آهن  پر انهن جي زندگي، روزگار ۽ عزت به هميشه خطري ۾ رهي ٿي. تازو ملير ۾ پيش آيل واقعي ۾ ٽن خواجه سرائن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو، جنهن سماج کي هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته ڇا انهن کي  واقعي سڀني وانگر  انسان سمجهيو وڃي ٿو؟

رت  ۾ رڱيل لاشن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندڙ هي سانحو رڳو هڪ ڏوهاري واردات ناهي، پر سماجي بي حسي ۽ حڪومتي ناڪاميءَ جو کليل اعتراف آهي. مقامي رهواسين موجب اڻڄاتل هٿياربندن خواجا سرائن کي گوليون هنيون، سندن لاش ڦٽا ڪيا ۽ فرار ٿي ويا. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پر اڃا تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي. هي واقعو ڪنهن هڪ شخص يا ٽن خاندانن جي الميي کان وڌي، هڪ سماجي مسئلو بڻجي ويو آهي. خواجه سرا اڳ ۾ ئي تعليم جي محرومي، روزگار ۾ متڀيد، صحت ۽ قانوني نظام ۾ نظراندازي جو شڪار آهن.هاڻي جيڪڏهن انهن تي تشدد ۽ قتل جهڙا واقعا وڌندا ته سندن بقا ئي خطري ۾ اچي ويندي.

واقعي کان پوءِ خواجه سرائن ۽ انساني حقن جي تنظيمن احتجاج ڪيو. جناح اسپتال اڳيان دانهون ڪيون ويون ته مقتولن جي وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي. پر سوال اهو آهي ته ڇا احتجاج ۽ بيانن کان علاوه ڪو عملي قدم کنيو ويندو؟ سوشل ميڊيا تي به شديد ردعمل ڏسڻ ۾ آيو، جتي ماڻهن چيو ته خواجه سرا سماج جو حصو آهن، کين تحفظ نه ڏيڻ معنيٰ آهي ته رياست پنهنجي ڪمزوري مڃي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير ۽ گهرو وزير واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته “جديد ٽيڪنالاجي” ذريعي قاتلن کي ڳولهيو ويندو. پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهڙن ڪيسن ۾ اڪثر جاچ ۽ گرفتاريون صرف ڪاغذن تائين محدود رهن ٿيون.

ملير جو هي واقعو ٽي وڏا سوال پيدا ٿو ڪري:

1. انساني برابري: ڇا هتي واقعي هر انسان جي جان کي برابري جي بنياد تي اهميت ڏجي ٿي ؟

2. رياست جو ڪردار: جيڪڏهن قانون موجود آهي پر تحفظ نه ٿو ملي، ته ان قانون جي حيثيت ڇا آهي؟

3. سماجي ذميواري: ڇا هي سماج اهڙن مظلوم گروپن سان بيٺل آهي يا کين اڪيلو ڇڏي رهيو آهي؟

هن ڪيس کي شفاف جاچ سان ڏوهارين کي سوگھو ڪري سزا ڏياري مثال بڻائڻ گهرجي، جيئن اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين. خواجه سرا جي تحفظ واري قانون تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي. پوليس ۽ عدالتن ۾ تربيت ذريعي سندن حقن بابت ڄاڻ وڌائجي. اسڪولن، ڪاليجن ۽ ميڊيا ذريعي ماڻهن کي سيکاريو وڃي ته خواجه سرا به انسان آهن. خواجه سرائن کي روزگار جا برابر موقعا ڏنا وڃن ته جيئن اهي مجبور ٿي غير محفوظ حالتن ۾ ڪم نه ڪن. سڀ کان اهم اهو آهي ته هر فرد پنهنجي دل مان سندن لاءِ عزت پيدا ڪري.

انساني تاريخ ۾ خواجا سرا صدين کان سماج جو حصو رهيا آهن. شادين ۾ دعائون ڏيڻ کان وٺي ٻارن جي ڄمڻ تي خوشي ورهائڻ تائين، انهن جي موجودگي کي ثقافتي روايت طور مڃيو ويندو رهيو آهي. پر موجوده دور ۾ به انهن لاءِ زندگي غيرمحفوظ آهي. کين مختلف نالن سان پڪاريو وڃي ٿو، پر کين “انسان” سڏڻ کان اڃا تائين هٻڪجي ٿو؟

پاڪستان جي ڇهين آدم ڳڻپ  موجب خواجا سرائن جي آبادي 21 هزار  744آهي. سنڌ ۾ هن  وقت 5 هزار  954 خواجا سرائن جي سڃاڻپ ٿي آهي ، پر سنڌ ۾ تعداد گھٽ ڏيکاريو ويو آهي، ممڪن آهي گھڻا ماڻهو آدم ڳڻپ  ۾ شمار نه ٿيا هجن.  سنڌ حڪومت هڪ تعليمي پاليسيءَ جو مسودو منظور ڪيو آهي، جنهن ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ داخلا فارم ۾ “مرد، عورت، ٽرانسجيڊر” جو آپشن شامل ڪرڻ تي بحث ٿي رهيو آهي. هڪ غير سرڪاري تنظيم جو اندازو آهي ته تقريباً 42 سيڪڙو ٽرانس ماڻهن کي صرف بنيادي تعليم حاصل آهي، انهن ۾ پڙهائي جي سطح گھٽ آهي. تقريباً 40 سيڪڙو خواجا سرائن کي تعليم تائين پهچ  ۾ رڪاوٽون آهن يا مڪمل طور تعليم حاصل نٿا ڪري سگهن.

سنڌ حڪومت 2022 ۾ ” سنڌ سول سرونٽس (اميڊمينٽ) بل 2021 “ ذريعي سرڪاري ملازمت ۾ ٽرانسجيڊر ماڻهن لاءِ 5 سيڪڙو ڪِوٽا مقرر ڪئي آهي. ڪي پي حڪومت پڻ 5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي آهي. قانوني طور تي پاڪستان ۾ “خواجه سرا تحفظ قانون 2018” موجود آهي، پر ان تي عملدرآمد نهايت ڪمزور آهي. پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا گهڻين حالتن ۾ متاثرن کي تحفظ ڏيڻ بدران سندن تذليل ڪندا آهن. آدم ڳڻپ ۾ گهڻا خواجا سرا ڳڻجي نه رهيا آهن؛ اهي دعويٰ ڪن ٿا ته حقيقي تعداد حڪومت جي انگن اکرن کان گهڻو وڌيڪ آهي. خواجه سرائن ۾ تعليم جي صورتحال تمام ڳڻتي جوڳي  آهي، گھڻا خواجا سرا يا ته پڙهيل ناهن، يا بنيادي لکپڙھ کان اڳتي نه ٿا وڌي سگهن، جنهن ڪري روزگار جا موقعا محدود ٿين ٿا. خانگي ۽ غير سرڪاري شعبن ۾ روزگار جي پاليسين ۾ مثبت قدم کنيا پيا وڃن، عملدرآمد ۽ موقعن جي دستيابيءَ ۾ اڃان به وڏيون رڪاوٽون آهن.

جيڪڏهن سماج پنهنجي سڀ کان ڪمزور ۽ لاوارث طبقي کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ته اهو پنهنجو اخلاقي وجود به وڃائي ويهي ٿو. ملير ۾ ٿيل هي قتل سماج لاءِ هڪ “آخري وارننگ” آهي، هي سماج خواجه سرائن کي عزت، تحفظ ۽ زندگيءَ جو حق ڏئي،  نه ته پوءِ هن سماج کي تاريخ بي حس ۽ مرده ضمير سماج طور ياد ڪندي. اهو وقت آهي ته سڀ گڏجي چَوَن ته هر انسان جي جان ۽ عزت برابر آهي، ڪو به ٻئي کان گهٽ ناهي.

__________________

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button