سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ چين جي لانزو يونيورسٽيءَ وچ ۾ سهڪار بابت ٺاھ
ٺاھ ھيٺ زرعي يونيورسٽي جا ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي جا شاگرد اعلي تعليم لاءِ چين وڃڻ جا موقعا حاصل ڪري سگهندا
ٽنڊوجام
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ چين جي لانزو يونيورسٽيءَ وچ ۾ تدريسي ۽ تحقيقاتي سهڪار، استاد ۽ شاگردن جي تدريسي مٽاسٽا، گڏيل تربيت، ورڪشاپس ۽ ڪانفرنسن لاءِ اڱاري ڏينھن هڪ اهم مفاهمتي يادداشتنامي تي صحيحون ڪيون ويون.
انھيءَ ٺاھ ھيٺ زرعي يونيورسٽي جا ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي جا شاگرد اعلي تعليم لاءِ چين وڃڻ جا موقعا حاصل ڪري سگهندا. مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٻنهي ادارن جي سربراھن پنھنجي ملڪن ۾ الڳ الڳ تقريبن دوران ڪيون. سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ طرفان وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، جڏهن ته لانزو يونيورسٽي جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر يانگ يونگ پنگ صحيحون ڪيون.

ٺاھ صحيح ڪرڻ جي موقعي تي زرعي يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر اورڪ پروفيسر ڊاڪٽر تنوير فاطمه مياڻو، يونيورسٽي پاران مقرر ڪيل فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر شاهه نواز مري ۽ لانزو يونيورسٽي پاران ڊائريڪٽر، آفس آف انٽرنيشنل ڪوآپريشن اينڊ ايڪسچينج مسٽرچي گانگ ۽ فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر يانگ جيوي موجود ھئا.
هي پنجن سالن جو معاهدو ٻنهي ادارن کي گڏيل تحقيقاتي منصوبا شروع ڪرڻ، شاگردن ۽ استادن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ، تربيت ۽ علمي ايڪسچينج کي هٿي ڏيڻ ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي اهل شاگردن کي لانزو يونيورسٽي چين ۾ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، جيڪي داخلا ۽ فنڊنگ جي منظوري سان لاڳاپيل هوندا. هي سهڪار خاص طور تي ٻوٽن جي نسل ڪشي ۽ جينيٽڪس، اسٽريس فزيالاجي، بائيو ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي لچڪدار زراعت جهڙن اهم شعبن تي مرڪوز هوندو، جيئن پائيدار زرعي ترقي کي علمي سهڪار ذريعي اڳتي وڌائي سگهجي.

سنڌ زرعي يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ ڪوٺايل هڪ مختصر تقريب دوران وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، پروفيسر ڊاڪٽر تنوير فاطمه مياڻو ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شاهه نواز مري ٻڌايو ته ھن معاھدي جي روشني ۾ ٻنهي ادارن وچ ۾ گڏيل سهڪار سان پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن جي گڏيل نگراني ۽ عالمي علمي منظرنامي تحت ادارن جي ڪردار کي سگھارو بڻايو ويندو،جنھن کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ گڏيل رابطا ڪميٽي ٺاهي ويندي. (پريس رليز)
______________