Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

اُٿو! سماج کي بدلايو، پنھنجي جيئڻ جو ڪو ڪارج ڳوليو

صرف جيئڻ ۽ ڪنھن مقصد سان جيئڻ جو فرق ڪھڙو آھي؟ فلسفياتي، سماجي ۽ نفسياتي جائزو ۽ اثر

رُڳو جيئڻ وارو انسان دنيا جي دٻاءُ، اقتصادي مسئلن يا سماجي رواجن جي غلاميءَ ۾ هلندو رهي ٿو

مقصد سان جيئڻ جو مطلب آهي زندگيءَ کي ڪنهن وڏي معني، مقصد يا اصول سان جوڙڻ. اهو مقصد سماجي خدمت به ٿي سگهي ٿو، علم ۽ تعليم ۾ حصو وٺڻ به ٿي سگهي ٿو

عبدالله عثمان مورائي

انساني زندگيءَ جو سفر جڏهن شروع ٿئي ٿو ته ٻار جي حيثيت ۾ اسان لاءِ جيئڻ جو مطلب رڳو کاڌو، راند ۽ ننڊ هوندو آهي. پر جيئن جيئن شعور وڌي ٿو تيئن تيئن انسان کي محسوس ٿئي ٿو ته صرف جيئڻ (Surviving) ۽ مقصد سان جيئڻ (Living with Purpose) ٻه بلڪل مختلف شيون آهن. هي فرق ئي زندگيءَ کي معني بخشي ٿو يا وري بي معني بڻائي ڇڏي ٿو. زندگيءَ جي رستي تي هر انسان هلندو رهي ٿو پر هن سفر ۾ ٻن قسمن جا مسافر ملندا آهن. هڪ اُهي جيڪي فقط رستا طئہ ڪندا آهن ۽ ٻيا اُهي جيڪي هر وءِک جو مقصد ڄاڻندا آهن. اها ئي حقيقت آهي رڳو جيئڻ ۽ مقصد سان جيئڻ جي وچ ۾.

رڳو جيئڻ هڪ اهڙو وجود آهي جنهن ۾ روزانو معمول جو دائرو طئه ٿيل هوندو آهي. صبح جو اٿڻ، ڪم ڪرڻ، کائڻ پيئڻ ۽ رات جو سمهي پوڻ جنهن ۾ ڪو به گهرو يا بامعني مقصد نه هوندو آهي. ان قسم جي زندگيءَ ۾ ماڻهو اندروني سڪون ۽ خوشيءَ کان محروم رهندا آهن. ان جي ابتڙ مقصد سان جيئندڙ ماڻهو پنهنجي وجود جي معني کي ڳولي لهندا آهن. انهن کي خبر هوندي آهي ته هو ڇا لاءِ جيئرا آهن ۽ انهن جي زندگيءَ جو ڪهڙو مقصد آهي ۽ اڳتي ڪهڙي منزل ماڻڻي آهي. هي فرق زندگي جي معيار ۽ ان جي ڪاميابي جو بنياد بڻجي ٿو.

صرف جيئڻ

رڳو جيئڻ جو مطلب آهي زندگيءَ کي هڪ ميڪانيڪي طريقي سان گذارڻ ، جيئن هر ڏينهن ساڳي روٽين يا ڪرت، ساڳي پريشاني ۽ ساڳين عادتن ۾ زندگي گذري وڃي. اهڙي زندگيءَ ۾ ماڻهوءَ وٽ صرف کاڌ خوراڪ، ڪمائڻ ۽ زنده رهڻ جي ڪوشش هوندي آهي. اهڙي زندگيءَ ۾ انسان گهڻو ڪري مقصد کان خالي هوندو آهي. هو دنيا جي دٻاءُ، اقتصادي مسئلن يا سماجي رواجن جي غلاميءَ ۾ هلندو رهي ٿو. نتيجي ۾ کانئس زندگيءَ جي خوشبو، تخليقيت ۽ سچو سڪون وسري وڃي ٿو.

مثال طور سلمان جو روزاني جو معمول هڪ ئي هو يعني صبح جو اٿڻ، آفيس وڃڻ، نوڪري ڪرڻ ۽ واپس اچي آرام ڪرڻ. هن کي پنهنجي ڪم سان ڪا به گهري دلچسپي نه هئي. هو رڳو روزي ڪمائڻ لاءِ پنهنجي ڪم کي برداشت ڪندو هو. هن جو ڪم هن کي ڪو به سڪون يا خوشي نه ڏيندو هو. هو هفتيوار موڪلن جو انتظار ڪندو هو ته جيئن هو پنهنجي زندگيءَ جي بوريت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي. هن جي زندگي ان وڻ جهڙي هئي جنهن کي پاڻي ملندو رهي پر اهو نه ڦل ڏئي ۽ نه ئي ڇانو.

مقصد سان جيئڻ

مقصد سان جيئڻ جو مطلب آهي زندگيءَ کي ڪنهن وڏي معني، مقصد يا اصول سان جوڙڻ. اهو مقصد سماجي خدمت به ٿي سگهي ٿو، علم ۽ تعليم ۾ حصو وٺڻ به ٿي سگهي ٿو يا پنهنجي خاندان ۽ سماج لاءِ ڪجهه بهتر ڪرڻ جو خواب به ٿي سگهي ٿو. مقصد زندگيءَ کي رُخ ڏئي ٿو. اهو انسان کي اٿڻ، محنت ڪرڻ ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ قدر آڻڻ لاءِ همٿ ڏئي ٿو. فلسفياتي لحاظ کان مقصد ئي زندگيءَ کي بامعني بڻائي ٿو.

مثال طور سائره هڪ اهڙي عورت هئي جنهن پنهنجي اعلي پگهار واري نوڪري کي ڇڏي ڪري هڪ يتيم خاني ۾ پنهنجو وقت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هن جو مقصد اهو هو ته هوءَ انهن يتيم ٻارن جي زندگيءَ ۾ سڪون ۽ خوشي آڻي. هن کي يتيم خاني ۾ ڪو وڏو معاوضو نه ملندو هو پر هن کي پنهنجي ڪم ۾ وڏو روحاني سڪون ۽ خوشي ملندي هئي. هن محسوس ڪيو ته هوءَ واقعي ڪنهن جي زندگي ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهي ٿي. هوءَ هر روز هڪ نئين جوش ۽ طاقت سان اُٿندي هئي ڇاڪاڻ ته هن کي خبر هئي ته هن جي زندگيءَ جو هڪ وڏو ۽ بامعني مقصد آهي.

سماجي ۽ نفسياتي جائزو ۽ اثر

اسان جي سماج ۾ گهڻا ماڻهو بيروزگاري، غربت ۽ ناانصافيءَ سبب رڳوجيئڻ تي مجبور آهن  پر انهن حالتن ۾ به جيڪي ماڻهو مقصد سان جيئڻ لاءِ ڪوشش ڪن ٿا اهي ٻين لاءِ مثال بڻجن ٿا. سماجي ۽ نفسياتي لحاظ کان مقصد سان جيئڻ انساني ترقي لاءِ انتهائي ضروري آهي.

جڏهن ماڻهوءَ جو ڪو مقصد هوندو آهي ته ان ۾ خود اعتمادي، صبر ۽ ٻين لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿيندي آهي. تحقيقن مان ثابت ٿيو آهي ته مقصد سان جيئندڙ ماڻهو عام طور تي ذهني سڪون، خوشي ۽ صحتمند زندگي گذاريندا آهن. اهي ذهني دٻاءُ (Stress) کان گهڻو بچيل هوندا آهن. هڪ ڊگهي ۽ صحتمند زندگي لاءِ هڪ مضبوط مقصد جو هجڻ انتهائي ضروري آهي.

 اهڙا ماڻهو پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جڏهن ڪوشش ڪندا آهن ته هو سماج ۾ مثبت تبديليون آڻيندا آهن. اهي ڪامياب استاد، ڊاڪٽر، سماجي ڪارڪن يا پنهنجي شعبي ۾ وڏو نالو ڪمائيندا آهن ۽ سندن ڪوششن سان سماج وڌيڪ سڌريل ۽ ترقي يافته ٿيندو آهي. رڳو جيئندڙ ماڻهو اڪثر پنهنجي ذاتي فائدن ۾ قيد هوندا آهن جڏهن ته مقصد سان جيئندڙ ماڻهو پنهنجي صلاحيتن سان سماج کي به فائدو ڏيندا آهن.

فلسفياتي  جائزو ۽ اثر

فلسفي ۾ صديون اڳ ارسطو “Eudaimonia” يعني سچي خوشيءَ جو تصور پيش ڪيو هو جيڪو رڳو عيش عشرت ۾ نه پر مقصد ۽ اخلاق سان جيئڻ ۾ آهي. ساڳي ريت صوفي فلسفو به زور ڏئي ٿو ته انسان جي وجود جو اصل مقصد پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ ۽ انسانيت کي  فائدو پهچائڻ آهي. فلسفي جي لحاظ کان هي فرق انسان جي وجود جي گهري معني سان جڙيل آهي. ڪيترن ئي فلسفين جو خيال آهي ته زندگيءَ جو ڪو به فطري يا مقرر مقصد ناهي پر انسان پاڻ ئي پنهنجي وجود کي بامعني بڻائيندو آهي.

صرف جيئڻ ان بي معني خال کي ظاهر ڪري ٿو جنهن کي فلسفياڻين ٻوليءَ ۾ “موجوداتي خال” (Existential Void) چئبو آهي. ان جي ابتڙ مقصد سان جيئڻ انسان کي پنهنجي زندگيءَ جو هڪ شعوري مقصد مقرر ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو. اهو مقصد کيس سختين ۽ ڏکين حالتن ۾ به اڳتي وڌڻ جي همت ۽ طاقت ڏئي ٿو. جيئن مشهور فلسفي فريدريش نطشي (Friedrich Nietzsche) چيو هو ته “جيڪو انسان پنهنجي جيئڻ جو ڪارڻ ڄاڻندو آهي اهو تقريبن هر تڪليف کي برداشت ڪري سگهي ٿو. مثال طورهڪ فنڪار جنهن لاءِ سندس فن ئي زندگيءَ جو مقصد آهي، توڙي جو هن کي ڀلي غربت ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي پرهن کي پنهنجي ڪم مان ملندڙ اطمينان سندس لاءِ سڀ کان وڏي خوشي هوندي آهي.

آخر ۾ چوڻ جو مقصد اهو آهي ته زندگي ٻنهي شڪلين ۾ گذاري سگهجي ٿي صرف جيئڻ يا مقصد سان جيئڻ. فقط جيئڻ ۾ انسان رڳو دنيا جو وزن کڻي ٿو۽ هڪ بي معني زندگي گذاري ٿو جيڪا انسان کي خالي ۽ بي چين بڻائي ٿي.

ان جي ابتڙ مقصد سان جيئڻ ۾ مقصد انسان کي جيئڻ جو حقيقي سبب ڏئي ٿو ۽ انسان هڪ بامعني ۽ پر سڪون زندگي گذاري ٿو جيڪا انسان کي هميشه اڳتي وڌڻ جي همت ڏئي ٿي ۽ انسان دنيا ۽ سماج لاءِ روشني ۽ اميد جو سرچشمو بڻجي ٿو. اهو ضروري ناهي ته زندگيءَ جو مقصد تمام وڏو هجي. اهو مقصد پنهنجي خاندان کي خوش رکڻ يا پنهنجي ڀرسان ڪنهن جي مدد ڪرڻ به ٿي سگهي ٿو. ان ڪري هر انسان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪو نه ڪو مقصد ڳولڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته زندگي رڳو ساهه کڻڻ جو نالو ناهي پر ان جو نالو آهي ته ان کي مقصد سان جيئجي.

____________

عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ جو ناميارو ليکڪ بہ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button