Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ، ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ: 78 سالن کانپوءِ به سنڌ پنهنجي حقن کان محروم آھي

ڌرتيءَ جا پُٽ پنهنجي ئي وطن ۾ اجنبي بڻايا ويا آهن۔ جيڪي سنڌ جي تاريخ پڙهائين ٿا، سي غدار سڏجن ٿا۔ جيڪي ڌرتيءَ سان وفاداري جي ڳالهه ڪن ٿا، سي وطن دشمن قرار ڏنا وڃن ٿا۔

جيتري تڪليف آهي، اوترو ئي سنڌين ۾ حوصلو به آهي۔ سنڌ اڃا زنده آهي۔ سنڌ جا ماڻهو سائين جي ايم سيد، لطيف ۽ سچل جي فڪر تي بيٺل آهن۔ اهي ئي ماڻهو سنڌ کي بچائيندا

عرفان سنڌي

وقت جو ڦيرو ڏسو. اسان سنڌ جي ماضيءَ ڏانهن نهاريون ٿا ته اکين آڏو محبت، امن ۽ انسانيت جا رنگ ٽڙي پون ٿا. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ پنهنجي ثقافت، فڪر ۽ رواداريءَ جي ڪري سموري هندستان ۾ سڃاتي ويندي هئي. هتي جا شهر علم ۽ ادب جا مرڪز هئا ــ حيدرآباد، سکر، شڪارپور، ٺٽو ۽ ٻيا شھر علم جي روشنيءَ سان چمڪندا هئا. ماڻهن جي ورتاءَ ۽ ڳالهين ۾ نفرت نه، پر احترام هو. مسجد ۽ مندر هڪ ئي گهٽيءَ ۾ هئا، ماڻهو هڪ ٻئي جي خوشين ۽ ڏکن ۾ گڏ هوندا هئا. ھر ڪنهن کي مذهب نه پر انسانيت  جو اُونو ھو. سنڌي سچ ۽ وفا ۾ مشهور هئا ۽ سندن حياتي ايمان ۽ انسانيت جو محور هئي. مير، پير ۽ عالم، سڀ گڏجي علم جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندا هئا. ان وقت سنڌ جي ڌرتيءَ تي قيادت جو معيار سياست نہ پر خدمت هو.

برطانوي راڄ جي ڏينهن ۾ به سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ڌرتيءَ سان وفاداري نڀائي. تعليم، واپار ۽ تھذيب ۾ سنڌ اڳڀري هئي. وڏن شھرن ۾ علمي بحث، ادبي محفلون ۽ درسگاهون عام هيون. ڪو به ماڻهو ٻئي کي زبان، ذات يا مذهب جي بنياد تي نفرت سان نه ڏسندو هو. اهو وقت محبت ۽ امن جو وقت هو، جڏهن دلين ۾ خودغرضيءَ جي جاءِ تي احساس هوندو هو. ماڻهن ۾ نفرت نه پر محبت هئي۔ مذهبي، لساني ۽ ذاتي فرقن جي جاءِ تي احترام هوندو هو۔ اهو ئي سبب هو جو سنڌ امن جي ڌرتي سڏبي هئي. ماڻهو هڪ ٻئي کي انسانيت جي نظر سان ڏسندا هئا۔ سنڌي شاگرد، واپاري، ۽ عالم، سڀ گڏجي ڌرتيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندا هئا۔

پر 1947ع ۾ جڏهن وتھاڱو ٿيو ته رڳو سرحدون نه پر احساس به ورهائجي ويا۔ پاڪستان ٺهيو، اميد هئي ته نئين ملڪ ۾ سڀني کي برابر حق ملندو۔ انصاف ۽ ترقيءَ جو مثال بڻجندو. وقت گذرڻ سان حالتون بدلبيون ويون پر اهو نه ٿيوجنھن جي اميد ڪئي وئي ھئي۔ شايد 47 واري ورھاڱي جي حمايت سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي غلطي ھئي. سنڌ، جيڪا علم ۽ تمدن جي مرڪز هئي، سا ورھاڱي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي.

ورھاڱو 1947 وارو ھجي يا 1971 وارو، هندستان ء۽ بنگلاديش مان پناھگير گھرائي سنڌ ۾ وسايا ويا، ته سنڌي پنهنجن ئي شهرن ۾ اجنبي  بڻجي ويا۔ سنڌين جون زمينون، گهر ۽ نوڪريون نون آيلن جي حوالي ٿي ويون۔ مھذب آبادڪاري جي نالي ۾ سنڌ جي ثقافتي وجود کي ميسارڻ  جي ڪوشش ڪئي وئي.  پوءِ 80ع وارو ڏهاڪو شروع ٿيو ۽  افغان پناھگيرن جون لوڌون آيون، ته سنڌ ٻيهر غيرمعمولي دٻاءُ هيٺ اچي وئي۔ هٿيار، منشيات ۽ دهشتگردي سنڌ جي شهرن ۾ داخل ٿي ويا۔ جيڪا ڌرتي اڳ محبت جي سڃاڻپ هئي، اها خوف ۽  بدامنيءَ  ۾ وڪوڙجي  وئي. 1978 ۾ الطاف حسين آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن  ٺاھي ۽ 1984   ۾   ايم ڪيو ايم کي جنم ڏنو. سنڌ دشمن پاليسيون استعمال ڪري ايم ڪيو ايم کي اڀاريو ويو۔ سياست جي نالي ۾ لساني ورهاست وڌائي وئي۔ شھري ۽ ڳوٺاڻي جي نالي تي سنڌ جي وجود کي ورهايو ويو۔ هزارين سنڌي نوجوانن کي سندن ئي وطن ۾ نوڪرين، وسيلن ۽ عزت کان محروم ڪيو ويو۔ سنڌي ٻوليءَ ۽ سڃاڻپ کي گهٽائڻ لاءِ حڪومتي سطح تي پاليسيون ٺاهيون ويون.

انھيءَ سموري عرصي ۾ ھڪ پوڙھو شينھن ميدان ۾ پنھجا پير  ڄمائي ويٺو ھو جنھن پنھنجي عمر ھن ڌرتي ماءُ جي لاء وقف ڪئي ھئي. اھو شينھن سائين جي ايم سيد ھو جنھن سنڌ لاءِ فڪر جو نئون باب کوليو۔  سيد سنڌ کي ماڻهن جو وطن سڏيو۔ هن چيو ته سنڌ جو بنياد نفرت نه، محبت آهي۔ هن علم، فڪر ۽ سياسي سجاڳيءَ سان ماڻهن کي پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ سيکاريو۔ هن جو پيغام اڄ به زنده آهي  ته جيڪڏهن قوم پنهنجي فڪر کان غافل ٿي وئي ته آزاديءَ جو رڳو لفظ ئي رهجي ويندو.

وقت گذرندو ويو، پر سنڌ جون زنجيرون نه ٽٽيون۔ اڄ 78 سال پوءِ به سنڌ پنهنجي حقن لاءِ جاکوڙيندي ساهه کڻي رهي آهي۔ پاڻيءَ کان وٺي وسيلن تائين هر شيءِ ۾ محرومي سنڌ جي مقدر ۾ شامل ڪئي وئي آهي۔ سنڌين جي جبري گمشدگين جو دور نئون پر دردناڪ باب آهي۔ ڪيترن ئي نوجوانن جن سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي، سي بنا ڪنهن ڪيس جي غائب ڪيا ويا۔ ڪجهه سال قيد ۾، ڪجهه هميشه لاءِ لاپتا۔ اسان جي ڌرتيءَ جا پُٽ پنهنجي ئي وطن ۾ اجنبي بڻايا ويا آهن۔ جيڪي سنڌ جي تاريخ پڙهائين ٿا، سي غدار سڏجن ٿا۔ جيڪي ڌرتيءَ سان وفاداري جي ڳالهه ڪن ٿا، سي وطن دشمن قرار ڏنا وڃن ٿا۔

هيءَ ساڳي ڌرتي آهي، جنهن لطيف سائينءَ جي زبان سان امن ۽ پيار جو پيغام ڏنو هو، پر اڄ لطيف جي ڌرتيءَ تي حقن لاءِ  آواز اٿارڻ ڏوھ بڻجي ويو آهي۔

مُني صديءَ ۾ اسان جو سماج اڳتي وڌڻ بدران پوئتي موٽيو آهي۔ تعليم ختم، بيروزگاري وڌي، زمينون وڪرو ٿيون، پاڻي بند، ۽ اميدون مرڻ لڳيون۔ اسان اڳي سچ ڳالهائڻ وارا هئاسين، اڄ سچ لڪائڻ تي مجبور آهيون۔ اڳي سنڌ جي دانشورن ڪتاب لکيا، اڄ لاپتا ٿين ٿا۔ پر جيتري تڪليف آهي، اوترو ئي حوصلو به آهي۔ سنڌ اڃا زنده آهي۔ اڃا به ڪجهه ماڻهو آهن، جيڪي سائين جي ايم سيد، لطيف ۽ سچل جي فڪر تي بيٺل آهن۔ اهي ئي ماڻهو سنڌ کي بچائيندا۔ سنڌ کي ٻيهر ساڳي محبت، ساڳي علمي روشنيءَ ۽ ساڳي رواداريءَ واري ڌرتي بڻائڻو آهي۔ اسان کي تاريخ مان سبق وٺڻو آهي، ته قومون تڏهن بچنديون آهن جڏهن هو پنهنجي ماضيءَ کي عزت ڏينديون آهن

سنڌ ورھاڱي کان اڳ محبت جي ڌرتي هئي، پوءِ زخم کائيندي به سچ جي ڌرتي رهي، ۽ ايندڙ نسلن لاءِ اميد آهي ته اها وري فڪر ۽ انسانيت جي ڌرتي بڻبي. وقت جي وهڪري ۾ قومون بدلجن ٿيون، پر سنڌ جو روح اڃا به ساڳيو آهي ــ زخمي، پر زنده.

______________

عرفان سنڌي فري لانس ليکڪ آھي. ھُو ڪوٽڙيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button