Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

تعميراتي سائيٽن تي مزدورن جي زندگي خطري ۾: اڻپورن حفاظتي قدمن جو نتيجو

اسان جي ملڪ ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ٺيڪيدار پئسا بچائڻ لاءِ حفاظتي سامان خريد ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن ۽ مزدور به اڻڄاڻائيءَ يا مجبوريءَ سبب حفاظتي اصولن کي نظرانداز ڪندا آهن.

عبدالله عثمان مورائي

سنڌ جي مشهور ڪاميڊين شيردل ڳاهو جو ڀاء تازو ئي مزدوري دوران هڪ حادثي جي ڪري وفات ڪري ويو. نه رڳو اهو پر پاڻ پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ جهڙي صوبي ۾ اسين اڪثر دل ڏاريندڙ خبرون ٻڌندا رهون ٿا ته تعميراتي سائيٽن تي ڪم ڪندڙ مزدور پراڻين عمارتن ڊاهڻ دوران ڇتين يا ڀتين جي ڪرڻ سبب يا کوٽائي جي ڪمن ۾ پنهنجون حياتيون وڃائي ويهندا آهن. اهي واقعا رڳو خبرون ناهن پر انساني زندگين جو اهڙو زيان آهن جنهن کي سولائيء سان روڪي سگهجي ٿو. هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اهڙين سرگرمين کان اڳ مڪمل حفاظتي اپاءَ ڇو ناهن ورتا ويندا، جڏهن ته ترقي يافته ملڪن ۾ مزدورن جي حفاظت کي انتهائي اهميت ڏني وڃي ٿي؟ ترقي يافته ملڪن ۾ نه رڳو مزدور پر انجينيئر به جڏهن ان سائيٽ جي اندر ويندا ته انهن کي به اهي سڀ حفاظتي اُپاءَ وٺي پوءِ اندر وڃڻ جي اجازت آهي.

حفاظتي قدمن جي اهميت: قيمتي انساني حياتيون

ڪنهن به تعميراتي يا ڊاهڻ واري سرگرمي شروع ڪرڻ کان اڳ حفاظتي اپاءَ وٺڻ هڪ بنيادي ۽ غير سمجهوتي وارو اصول هجڻ گهرجي. ان جي اهميت کي هيئن سمجهي سگهجي ٿو ته سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته مزدورن جي جانين جي حفاظت ۽ تحفظ کي يقيني بڻائجي. هڪ به مزدور جي موت يا زخمي ٿيڻ سان صرف اهو مزدور ۽ سندس خاندان متاثر ناهي ٿيندو پر ان هڪ حادثي جا سڄي سماج تي ناڪاري اثر پوندا آهن. ٻيو وري حادثن جي صورت ۾ ڪم رڪجي وڃي ٿو، تحقيق به شايد ٿيندي هوندي، زخمي مزدورن جو علاج ۽ فوت ٿيلن جي وارثن کي ڪٿي ڪٿي معاوضو به ڏيڻو پوندو هوندو. اهي سڀ شيون منصوبي جي قيمت ۽ وقت ۾ واڌاري جو سبب بڻجن ٿيون. حفاظتي اپاء وٺڻ سان معاشي نقصان کان بچي سگهجي ٿو. ان کانسواء هر رياست جي اها قانوني ۽ اخلاقي ذميواري آهي ته هو پنهنجن شهرين خاص ڪري مزدورن جي حقن ۽ حفاظت جو خيال رکي.

ترقي يافته ملڪن ۾ حفاظتي معيار جو مثال

جيڪڏهن اسين ترقي يافته ملڪن جي ڳالهه ڪريون ته اتي تعميراتي سائيٽن تي حفاظتي معيار (Safety Standards) انتهائي سخت ۽ غير لچڪدار هوندا آهن، مثال طور ترقي يافته ملڪن ۾ ان سلسلي ۾ جامع قانون سازي ٿيل هوندي آهي ، مثال طور سويڊن ۾ ڪم ڪندڙ ماحول جو قانون (Work Environment Act) تمام سخت آهي. ان ۾ حفاظتي پروٽوڪول، مشيني سامان جي حفاظت، تربيت ۽ مزدورن جي صحت جي هر پهلوءَ تي تفصيلي هدايتون شامل آهن.

اتي جي ”سويڊش ورڪ انوائرنمينٽ اٿارٽي“ (Swedish Work Environment Authority) قانونن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ باقاعده سخت نگراني ۽ چڪاس ۽ سخت ڪارروائي ڪندي آهي. حفاظتي قدمن جي خلاف ورزي تي وڏا جرمانا ۽ ڪيس داخل ڪيا ويندا آهن.

ان سان گڏوگڏ مزدورن کي جديد حفاظتي سامان (جهڙوڪ: هلڪا ۽ مضبوط هيلمٽ، ريفليڪٽرس، حفاظتي بوٽ، هارنسز) فراهم ڪيا ويندا آهن. ان سان گڏ، کين باقاعده حفاظتي تربيت ڏني ويندي آهي ته خطري کي ڪيئن سڃاڻجي ۽ ان کان ڪيئن بچجي. هر منصوبي کان اڳ خطري جو مڪمل جائزو (Risk Assessment) ورتو ويندو آهي ۽ ان جي بنياد تي حفاظتي منصوبو (Safety Plan) تيار ڪيو ويندو آهي.

ذميواري ڪنهن جي؟ عملدرآمد جو فقدان

پاڪستان، خاص ڪري سنڌ ۾ به حفاظتي قانون ضرور  موجود هوندا، پر انهن تي عملدرآمد جي کوٽ لڳي ٿي. حڪومت ۽ لاڳاپيل کاتا ان سلسلي ۾ سخت قانون سازي ڪن ۽ انهن تي عملدرآمد لاءِ ادارا قائم ڪن ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ. ٻيو وري تعميراتي ڪمپنيون ۽ ٺيڪيدار سائيٽ تي مزدورن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ، حفاظتي سامان فراهم ڪرڻ ۽ تربيت ڏيڻ جا پابند ۽ بنيادي ذميوار آهن.

مزدور يونين ۽ مزدورن کي پڻ پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ حفاظتي اصولن تي عمل ڪرائڻ گهرجي. پر افسوس ته اسان جي ملڪ ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ٺيڪيدار پئسا بچائڻ لاءِ حفاظتي سامان خريد ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن ۽ مزدور به اڻڄاڻائيءَ يا مجبوريءَ سبب حفاظتي اصولن کي نظرانداز ڪندا آهن.

هيلمٽ، ريفليڪٽر ۽ ٻئي سامان جي اهميت

تعميراتي سائيٽن تي ڪجهه شين جو استعمال تمام ضروري هجي ٿو جيئن هيلمٽ مٿي کي ڪا ڳري شيء لڳڻ يا مٿان ڪا شيءِ ڪرڻ جي صورت ۾ وڏي بچاءُ جو ذريعو هجن ٿا. ريفليڪٽر وارا جيڪٽ رات جي وقت يا گهٽ روشنيءَ ۾ مزدورن کي سولائيء سان ڏسڻ ۾ مدد ڏين ٿا، خاص طور تي گاڏين جي اچ وڃ وارن علائقن ۾. حفاظتي بوٽ پيرن کي وزني شين جي ڪرڻ يا تيز ڌار وارين شين کان بچائين ٿا. حفاظتي هارنس وري اوچائي تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي هيٺ ڪرڻ کان بچائين ٿا. هٿ يعني هينڊ گلووز هٿن ۽ آڱرين جي وڍجڻ يا زخمي ٿيڻ کان بچائين ٿا. چشما اکين جي حفاظت ڪن ٿا ۽ ماسڪ وري ڌوڙ يا ٻين نقصان ڪار شين کان بچائين ٿا.

محفوظ مستقبل لاءِ اپاء ڪيئن وٺجن

تعميراتي سائيٽن تي مزدورن جي حفاظت رڳو قانون جو مسئلو ناهي پر اهو اسان جي سماجي ۽ اخلاقي قدرن جو عڪس آهي ۽ اهي سماجي ۽ اخلاقي قدر ائين بحال ڪري سگهجن ٿا ته مزدورن جي انشورنس ضرور هئڻ گهرجي. حفاظتي قانونن کي سختي سان لاڳو ڪري ۽ ان تي عمل ڪرايو وڃي ۽ خلاف ورزي ڪندڙن کي جوابده بڻايو وڃي. مزدورن جي شعور ۾ واڌاري لاء مزدورن کي حفاظتي قدمن بابت باقاعده تربيت ڏني وڃي ۽ کين پنهنجن حقن جي ڄاڻ ڏني وڃي. جديد ۽ نئين ٽيڪنالاجي ۽ حفاظتي سامان کي تعميراتي صنعت ۾ متعارف ڪرايو وڃي. سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جو گڏيل ڪردار به اثرائتو ٿي سگهي ٿو مثال طور اين جي اوز (NGOs) ۽ سرڪاري ادارا گڏجي ڪم ڪري مزدورن جي حفاظت لاءِ پڻ شعور پيدا ڪري سگهن ٿا.

آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته مزدور اسان جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهن. انهن جي زندگين جي حفاظت يقيني بڻائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. جيستائين اسين پنهنجن مزدورن کي محفوظ ڪم وارو ماحول فراهم نه ڪنداسين، تيستائين اسان هڪ ترقي يافته ۽ انسانيت دوست سماج جي دعوي نٿا ڪري سگهون. وقت اچي ويو آهي ته اسين وڌيڪ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ کان بچڻ لاءِ سنجيده قدم کڻون ۽ پنهنجن مزدورن کي اهي ئي سهولتون ۽ حفاظت فراهم ڪريون جيڪي ترقي يافته دنيا ۾ عام آهن.

_____________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button