ٿر ۾ برساتي آثارن جا لوڪ تصور ۽ انهن جو سائنسي تجزيو
ٿر جي ماروئڙن وٽ برساتي آثارن جي لوڪ سائنس موجود آھي جنھن موجب کين خبر پئجي ويندي آھي تہ برسات جا ڪھڙا آثار پيدا ٿي رهيا آھن
انهن برساتي آثارن جو نج سائنسي پسمنظر ھوندو آھي
ناشاد رحم علي
سنڌ ۾ موسمي ماڊلن موجب برسات جا امڪان ڪڏھن ۽ ڪيترا آھن؟ اھو احوال پوءِ ڪنداسين پر پھريائين اھو ڏسنداسين ته ھن وقت لوڪ سائنس موجب ڪھڙا آثار پيدا ٿي رهيا آھن ۽ انهن جو نج سائنسي پسمنظر ڪھڙو آھي؟
ھن وقت ٿر ۾ ھيٺيان لوڪ سائنس جا آثار ڏسجن پيا جيڪي برسات جو آسرو آھن.
نانگ بلائون ۽ ماڪوڙيون ٻرن مان نڪرڻ!
عوام جي مشاھدي موجب جڏھن زوردار برسات ويجهو ايندي آھي ته نانگ بلائون ٻرن مان نڪري وڻن تي چڙھي وينديون آھن. ساڳي طرح ماڪوڙا به ٻرن مان نڪري محفوظ جڳھ تي آنا ڏيندا آھن.
سائنسي پسمنظر : جانورن ۾ پنھنجي نسلي بقا ۽ ماحول سان مطابقت موجب قدرتي سُوجهيون ھجن ٿيون جيڪي کين قدرتي تبديلين جي اڳواٽ خبر ڏينديون آھن. جيئن جاپان ۾ زلزلا اچڻ کان اڳ ٻليون گهرن مان ڀڄي وينديون آھن يا وري ڏُور ڪنهن علائقي ۾ برسات وسڻ وقت ٿر جون اُٺڙيون ۽ رڍون سائو گاھ کائڻ جي ڇِڪ ۾ اوڏانهن نڪري وينديون آھن. انهن جانورن جي ڇھين حِس يا فطري جبلت کين ايئن ڪرائيندي آھي.
جيئن ته برسات وسڻ سان ماڪوڙن جي ٻرن ۾ ويندڙ پاڻي سندن نسل لئه خطرو بڻجي ٿو، ان ڪري انھن جون سوجهيون کين اڳواٽ خبردار ڪن ٿيون ۽ اُهي ٻرن مان نڪرن ٿا. ساڳي طرح نانگ ۽ بلائن جي ٻرن ۾ پڻ پاڻي وڃي ٿو، ان ڪري انهن کي به سندن قدرتي جبلتون خبردار ڪن ٿيون ۽ اُھي پنھنجي بچاءَ خاطر وڻن تي چڙھن ٿا.

ڪَنڊين، ڪونڀٽن ۽ ٻين ڪن وڻن ۾ لُنئي لڳڻ
ڪنڊين ڪونڀٽن ۽ ٻين وڻن مان پن ڇڻندا آھن ۽ اھي ٺوڙھا ٿي پوندا آھن ته اهو لڪاءُ به ٿري ماڻھن کي برسات جو آسرو ارپيندو آھي.
سائنسي پسمنظر: جيئن ته برسات ويجهو ايندي ئي سمنڊ جي مٿاڇري توڻي زمين جو گرمي پد وڌندو آھي ۽ آبھوا جي تبديلي ھڪ قسم جو ننڍڙو جيت پيدا ڪندي آھي، جيڪو عام اک سان عمومن ناھي ڏسبو، سو گرمي ۽ ماحول جي تبديلي سان پيدا ٿي پوندو آھي ۽ زمين مان نڪري ڪنڊين ڪونڀٽن ۽ ڪن ٻين وڻن تي چڙھي انهن جا پن کائيندو آھي، جنهن ڪري انهن وڻن جا پن ڇڻي پوندا آھن.
آسمان تي ٻيڙ ھلڻ ۽ تتر کرڙي
جيئن نر تتر مستيءَ ۾ واريءَ تي کُر ھڻي مخصوص نشان ڇڏيندو آھي، ايئن ئي تتر جي کنڀن جھڙي رنگت سان اھڙا نشان ڪڪرن جا آسمان تي به نظر ايندا آھن ته ٿرين کي برسات جو آسرو ٿيندو آھي. ايئن ئي ھڪڙا ڪڪر اولھ ۽ ٻيا اوڀر ھلڻ کي ٻيڙ چئبو آھي ۽ اھو به برسات جو مضبوط اھڃاڻ آھي.
سائنسي پسمنظر : چوماسي جي مُند ۾ ٿر ۾ گهڻو ڪري اولھ جي ھوا گُهلندي آھي جنهن سان گڏ ھيٺئين سطح جا سامونڊي ڪڪر اولھ کان اوڀر ڏانهن ويندا آھن پر جڏھن خليج بنگال کان چوماسي جون ھوائون سنڌ ڏانهن رُخ ڪنديون آھن ته مٿاھين سطح تي انهن ھوائن جا شروعاتي نشان (تتر کرڙي جا ٽڪرا ) اوڀر کان اولھ ايندي ڏسبا آھن. ھڪڙا سامونڊي ڪڪر اوڀر ڏانهن جڏھن ته ٻيا مٿئين سطح تي اولھ ڏانهن ويندي ڏسبا آھن. ان کي ٻيڙ چئبو آھي. اوڀر کان ايندڙ ڪڪر جيترا تيز رفتاري سان اولھ ويندڙ ھُوندا اوتروئي عربي سمنڊ مٿان سرڪيوليشن يا گهٽ دٻاءَ وڌيڪ پيدا ٿي رھيو ھوندو آھي.
ڄمايل کير خراب ٿيڻ
اوچتو ڪنهن گهريلو سبب بنا ڄمايل کير خراب ٿيڻ کي به ٿري ماڻھو برسات وسڻ جو اھڃاڻ سمجهندا آھن.
سائنسي پسمنظر: ڌونئرو ڄمڻ لئه مخصوص بيڪٽيريا گهربل ھوندا آھن جيڪي مخصوص گرمي پد تي پيدا ٿيندا آھن. مينهن وسڻ کان اڳ آڙنگ مطلب اوچتو گرمي وڌندي آھي جنهن ڪري بيڪٽيريا ڊسبيلنس ٿيندا آھن ۽ کير تڪڙو ماحول سان مطابقت پيدا ڪري ناهي سگهندو جنھن سبب کير خراب ٿي پوندو آھي.
ڌوئي سڪايل وڳي جو دير سان سُڪڻ
جڏھن ٿري عورتون ڪپڙا ڌوئي سڪائينديون آھن ۽ انهن جي سُڪڻ ۾ گهڻي دير ٿيندي آھي ته اھو به برسات وسڻ جو مضبوط اھڃاڻ ھجي ٿو.
سائنسي پسمنظر: ايراني ھاءِ پريشر وارين صومالي خشڪ ھوائن ۾ گهم بلڪل ئي ناھي ھوندي، ان ڪري ڌوئي سڪايل ڪپڙا جلد سڪي پوندا آھن پر جيئن ئي عربي سمبڊ گرم ٿيڻ لڳندو آھي ۽ ايراني ھاءِ پريشر ھٽندو آھي ته عربي سمنڊ جي ھوائن ۾ گهڻي گهم ۽ خليج بنگال کان ايندڙ چوماسي ھوائن ۾ گهڻي آلاڻ ھُوندي آھي ان ڪري ڌوئي سڪايل ڪپڙا دير سان سُڪندا آھن.
چنڊ کي واڙو يا ڪُونڊو
جڏھن چنڊ جي چوڌاري پري پري گول دائرو ھجي يا ويجهو گول روشني جو ڪونڊو نظر اچي ته اھو به برسات جو امڪان آھي. ساڳي طرح انڊلٺ جو ظاھر ٿيڻ به برسات جو آسرو ھجي ٿو پر برسات وسڻ کان اڳ ………اگر اھي لڪاءَ مينهن وسڻ بعد نظر اچن ته ان جو مطلب آھي ته برسات ختم ٿيڻ واري آھي.
سائنسي پسمنظر : سرڪيوليشن ٺھندو آھي يا سسٽم ويجهو ايندو آھي ته پھريان ڪڪرن جو سنھون تھ آسمان تي نظر ايندو آھي.ان وقت چنڊ جي روشني ان مان گذرندي آھي ته چنڊ جي ويجهو ڪونڊي جي شڪل ٺھي پوندي آھي.اھو تھ وڌيڪ گھرو ھوندو ته ڪرڻا وڌيڪ پکڙبا ۽ چنڊ کان پرڀرو واڙو محسوس ٿيندو. ساڳي طرح انڊلٺ به ان ئي تھ مان گذرندڙ روشنيءَ جي رنگن سان ٺھندي آھي پر اھي ٽيئي لڪاءُ جيڪڏھن خشڪيءَ تي جڙيا ته برسات اچڻ جو مضبوط اھڃاڻ آھي ۽ اگر برسات وسڻ پڄاڻا ڏسبا ته ان جو مطلب آھي ته سسٽم گذري ويو آھي يا ختم ٿي رھيو آھي ڇوته جيئن شروعات ٿيڻ وقت ڪڪرن جو سنھُون تھ نظر آيندو، ايئن پڇاڙيءَ وارو ڪنارو به سنهين تھ جي ڪڪرن تي مشتمل هوندو.
ڍڳين جي پٺن تي ڪاراڻ ٺھڻ ۽ ڍڳين جون حرڪتون
ڍڳين جي پٺن تي ڪاراڻ ٺھڻ ۽ ڍڳين جي روين ۾ اوچتي تبديليءَ جون ڪي نشانيون به ٿرين کي برسات جو آسرو ڏينديون آھن. ڌونئري ڍڳيءَ جي پٺن تي ڪاراڻ نظر اچي يا ڪا ڍڳي آسمان ڏانھن سُونڪي رونشا ڪري ته اھو لڪاءُ به لوڪ مشاھدي موجب برسات جو خاص اھڃاڻ ھُوندو آھي.
سائنسي پسمنظر: برسات ٿر پھچڻ کان اڳ ھوا ۾ گرمي ۽ سج جي تپش ۾ آڙنگ محسوس ٿيندڙ ھُوندو آھي. ھوا ۾ گهڻي گهم پگهر وھڻ جو سبب بڻبي آھي. ھيٽ ويو ڪيتري به گهڻي ڇونه ھجي پر ڍڳيءَ کي پگهر ڪون ٿيندو پر جيڪڏھن سمنڊ جو مٿاڇرو گرم ۽ آڻنگائي ٿيڻ سبب ھوا ۾ گهم ٿيڻ شروع ٿي ته ڍڳيءَ جي پُٺن وٽان پگهر نڪرندو آھي ۽ اتي مَر (ڪاراڻ) ٿي پوندي آھي. ڍڳي وڻ ٻوٽا نه پر گاھ کائيندي آھي ۽ گاھ کي برسات جي گهرج جلد ۽ گهڻي ھجي ٿي، ان ڪري ڍڳي برسات لئه وڌيڪ واجهائيندي آھي، ان ڪري ئي برسات جي بوءُ محسوس ٿيندي اٿس يا وري ڇَھِين حِس برسات جي چُغلي ھڻندي اٿس ته مخصوص حرڪتن سان خوشيءَ جو اظھار ڪندي آھي.

موسم جي تازي خبرچار
موسم جي تازي خبرچار موجب 16 آگسٽ کان 30 آگسٽ تائين سنڌ خاص طور ڏکڻ سنڌ ۾ زوردار وقفي وقفي سان برسات جا امڪان موجود رھندا. خليج بنگال ۾ ٺھندڙ گھٽ پريشر اتر گجرات کان عربي سمنڊ ۾ ويندو يا ٿرپارڪر عمرڪوٽ ۽ ڪڇ رڻ وٽان سمنڊ جو رستو وٺندو؟ اھا اڃان پڪ ناھي. ٻنھي صورتن ۾ سنڌ تي چڱي برسات وسڻ جا امڪان موجود آھن. لوڪ سائنس موجب بڊو ڳھيلو ٿيڻ جا امڪان گهڻا آھن، مطلب ته سڄو بڊو آھستي آھستي جهماجهم برسات ڏيندو. ايم جي او برصغير ۾ پھتل آھي ۽ ڏکڻ اوڀر مونسون جا گرائونڊ ڪنڊيشنس موسم لئه سازگار بڻجي رھيا آھن ان ڪري اڌ آگسٽ ۽ اڌ سيپٽمبر سٺا وسندي محسوس ٿي رهيا آھن. لوڪ مشاھدي موجب گهڻن ڏينھن جي وڇوٽيءَ بعد برسات ايندي ته اھا زودار ٿي سگهي ٿي.
___________
ھيءُ ليک 2006 ۾ ناشاد رحم عليءَ جي ڇپيل ڪتاب ڀِٽُن جي ڀُڻ ڀُڻ ۾ ڇپيل آھي جيڪو ھُن پنھنجي فيس بُڪ وال تي ونڊيو (ليکڪ جي ٿورن سان)