Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

بِھَ: سنڌ سميت ايشيائي ثقافت جو تحفو جيڪو انسان کي فطرت جي ويجھو آڻي ٿو

ڪنول جي پاڙ يعني بھن ۾ هڪ اهڙو پيغام لڪل آهي، جيڪو سرحدن کان مٿانھون آهي۔ اهو ٻڌائي ٿو ته مٽي، پاڻي ۽ روشني هر هنڌ هڪ جھڙا آهن، ۽ انسانيت جو سچو ذائقو به تڏهن ملي ٿو، جڏهن سڀ ڪلچر گڏجي هڪ فطري هم آهنگيءَ ۾ رهن۔

نصير اعجاز

اڌ صدي اڳ جڏھن روزگار لاءِ ڪراچيءَ اچڻو پيو تہ ھتان جي سنگتين مان ڪنھن پُڇيو ھو: يار ”ڀي“ نام ڪي ڪوئي سبزي سُنا ھي. يہ ڪيا ھوتي ھي.“ انھيءَ مان اندازو ٿيو تہ اھي يار سنڌ کي قدرت جي ڏنل انھيءَ نعمت يعني بِھن کان محروم آھن. نہ کين بِھن جو نالو وٺڻ ٿي آيو ۽ نہ ڪڏھن سندن گھرن ۾ بِھ رَڌيا ھئا. ڪراچيءَ ۾ اڳي ڪِن مخصوص ھنڌن تي بِھ ملندا ھئا. خاص طور ايمپريس مارڪيٽ ۾ ملي ويندا ھئا، پر ھاڻي سنڌ جي دل ڪراچيءِ ۾ سنڌين جي آبادي وڌڻ سان اڪثر ھنڌن تي بِھ وڪامندي نظر اچن ٿا. سچل ڳوٺ جي ٻاھران تہ بِھن جا گاڏا ڀريل ڏسڻ ۾ ايندا. شانتي نگر ۾ ھڪ پٺاڻ ڀاڄيءَ واري سنڌين جي ڪمزوري سمجھي ورتي آھي تنھنڪري روز ھُو تازا بِھ گھرائي رکندو آھي. ڪنھن سنڌي ڀاڄي فروش وٽ بِھ نظر ڪونہ ايندا پر پٺاڻ وٽ ضرور ملندا.  

اُڻويھ سئو اسيءَ واري ڏھاڪي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ھڪ سينئر سنڌي آفيسر دوست وٽ وڃڻ ٿيندو ھو. ھڪ ڏينھن منجھند جي مانيءَ تي بِھن جي ڳالھ نڪتي تہ پُڇيائين: توکي خبر آھي تہ اُردوءَ ۾ بِھن کي ڇا چئبو آھي؟ ھُو سمجھي ويو تہ مونکي اھڙي ڄاڻ ڪانھي. چيائين، ”مونکي بہ خبر ڪانہ ھئي پر مون ھڪ ڏينھن احمد مقصود حميديءَ (سينئر بيوروڪريٽ، مزاح نگار انور مقصود جو ڀاءُ) کان پُڇيو، جنھن ٻُڌايو تہ اُردوءَ ۾ بِھن کي ڪنول ڪڪڙي سڏيندا آھن ۽ انڊيا جي ڏکڻ واري علائقي ۾ اھي جام ٿين ٿا. پاڪستان جي جاگرافيائي حدن اندر سنڌ کانپوءِ سرائڪي علائقن توڙي خيبر پختونخواھ ۾ بہ ڪن ھنڌن تي بِھَ ٿين ٿا. منھنجو تہ خيال اھي تہ دنيا ۾ جتي بہ ڪنول جو گُل ٿئي ٿو، اُتي بِھ ھوندا، پوءِ ڪير انھيءَ کي ڀاٺيءَ طور استعمال ڪري ٿو يا نہ، اھو ٽھقيق طلب ڪم اھي.

مون وري ڪڏھن بِھن بابت ڪونہ سوچيو پر ڪجھ ورھيہ اڳ چين جي ھڪ خبر ايجنسيءَ تي بِھن بابت ٺاھوڪو تصويري فيچر ڏٺم تہ خبر پئي تہ چين ۾ تہ باقاعدہ ڪمرشل بنيادن تي بِھ اُپايا وڃن ٿا ۽ انھن جي ٿولھ ۽ ڊيگھ بہ سنڌ جي بِھن کان وڌيڪ آھي. اڳتي ھلي ٿوري گھڻي ڳولا ڪرڻ سان معلوم ٿيو تہ جپان، ويٽنام ۽ ٻين ملڪن ۾ نہ رُڳو بِھ ٿين ٿا پر اھي سندن پسنديدہ خوراڪ آھي. تازو مون انھيءَ سموري معلومات کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪري ڪجھ لکڻ جي ڪوشش ڪئي تہ حيران ٿي ويس تہ ڪيئن  ھيءَ ڀاڄي انسانيت، فطرت ۽ ڪلچر جي گڏيل ڌاڳي ۾ سڄي دنيا کي ڳنڍي ٿي۔

بِھ، ڪنول جي پاڙ يا ڪنول ڪڪڙي هڪ اهڙي ڀاڄي آهي، جيڪا رڳو جسم لاءِ خوراڪ نه پر روح  جي سُڪون جي به علامت بڻجي وئي آهي۔ پاڻيءَ ۾ ڄميل، پر مٽيءَ مان جنم وٺندڙ، ڪنول جي پاڙ قدرت يا فطرت جي اُن فلسفي کي ظاهر ڪري ٿي، جنھن ۾ پاڪيزگي، سادگي ۽ هم آهنگيءَ جي ميلاپ سان هڪ خوبصورت تصوير ٺھي پئي ٿي۔

سنڌ اندر توڙي دنيا جي جنھن بہ ملڪ ۾ سنڌي آباد آھن، بِھ سندن پسند جي ڀاڄي آھي، خاص طور تي ساڳ، ڀاڄي ۽ ٻوڙ جي صورت ۾ توڙي خالص مصالحيدار اوٻاريل بِھن جي تہ ڳالھ ئي نرالي آھي۔ ننڍي ھوندي ڳوٺ ۾ خاص طور سيڙجي ريڙھن تي وڪامندڙ مصالحيدار بِھ کائڻ ويندا ھئاسين. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ تہ ٺھيل بِھن جو ذائقو ئي منفرد آھي.

چيني ٻوليءَ ۾ بِھن کي lián ǒu سڏيو وڃي ٿو. چين جي ثقافت ۾ ڪنول پاڪيزگي، ايمانداري ۽ روحاني صفائيءَ جي علامت آهي۔ چين جي ماڻهن لاءِ ڪنول جي پاڙ يا بِھ  رڳو کاڌي جو نه پر زندگيءَ جو فلسفو آهي ڇو تہ اھو مٽيءَ ۾ پيدا ٿي، پاڻيءَ ۾ وڌي ٿو۽ هميشه صاف ۽ چمڪندڙ رهي ٿو۔

بِھن کي جپان ۾ Renkon  سڏين ٿا ۽ انھيءَ کي روشني ڏانھن سفر جي علامت سمجھيو وڃي ٿو. جپاني ماڻهو ڪنول جي پاڙ کي خوشيءَ، نيڪ قسمت ۽ نئين شروعات جو نشان سمجھن ٿا۔ نئين سال جي موقعي تي خاص کاڌن ۾ “رينڪون” شامل هوندو آهي، ڇو ته ان جا سوراخ مستقبل ڏانھن ڏسڻ جي علامت طور ورتا وڃن ٿا۔

ويٽنام ۾ ڪنول جي پاڙ کي Ngó sen چيو وڃي ٿو۔ هتي ڪنول روحاني پاڪيزگيءَ، آرام ۽ فطرت سان ميل جو نشان آهي۔ ويٽنامي تھذيب ۾ ڪنول جو گل ۽ ان جي پاڙ ٻنھي کي دل جي سڪون ۽ ذهن جي صفائي سان ڳنڍيو وڃي ٿو۔

ڪوريا ۾ اھو يونگن (Yeongeun) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ اُن کي تسلسل ۽ نسلن جي لاڳاپي جو نشان سمجھيو وڃي ٿو. ڪوريائي کاڌن ۾ اها ڀاڄي جشن ۽ خاندان جي گڏجاڻين ۾ عام آهي، ڇو ته ان جي پاڙ جي ڊگھي ۽ ڳنڍيل بناوت کي نسلن جي تسلسل سان تشبيهه ڏني ويندي آهي۔

عرب ملڪن ۾ انھيءَ کي جذر اللوتس (Jathr al-Lotus) سڏين ۽ پاڪيزگيءَ ۽ فيصلي جو نشان سمجھيو وڃي ٿو. عرب دنيا ۾ ڪنول  ايترو عام نه آهي، پر جتي به ملندو آهي، اُتي ان کي پاڪيزگي ۽ روحاني سڪون سان ڳنڍيو وڃي ٿو۔ عرب شاعريءَ ۾ ڪنول کي اڪثر محبت، صبر ۽ نرميءَ جي علامت طور استعمال ڪيو ويو آهي۔

انڊيا جي ڪن علائقن ۾ بِھن کي ڪنول ڪڪڙي سڏين، جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم، پر اُتان جي مقامي لھجي موجب اھو ڪمل ڪڪڙي (Kamal Kakdi) سڏجي ٿو ۽ اُن کي ديوي لڪشميءَ جي ڀاڄي سمجھيو وڃي ٿو. هندو ڌرم ۾ ڪنول ديوي لڪشميءَ سان وابسته آهي، جيڪا دولت، خوبصورتي ۽ پاڪيزگيءَ جي علامت آهي۔ ان ڪري ڪنول جي پاڙ کي نعمت سمجهيو وڃي ٿو، جيڪا خوشحاليءَ سان ڳنڍيل آهي۔

اڄڪلھه آمريڪا ۽ يورپ ۾ به ڪنول جي پاڙ يعني بِھن کي وڏي دلچسپيءَ سان استعمال ڪيو وڃي ٿو۔ صحت جي لحاظ کان بِھ وٽامن سي، فائيبر ۽ منرلز سان ڀرپور ھوندا آھن۔ اتي ان کي ايشيائي ثقافت جو تحفو سڏيو وڃي ٿو، جيڪو نه رڳو ذائقي پر فلسفي ۾ به انسان کي فطرت سان ويجھو آڻي ٿو۔

ڪنول جي پاڙ يعني بھن ۾ هڪ اهڙو پيغام لڪل آهي، جيڪو سرحدن کان مٿانھون آهي۔

اهو ٻڌائي ٿو ته مٽي، پاڻي ۽ روشني هر هنڌ هڪ جھڙا آهن، ۽ انسانيت جو سچو ذائقو به تڏهن ملي ٿو، جڏهن سڀ ڪلچر گڏجي هڪ فطري هم آهنگيءَ ۾ رهن۔

ڪنول جي پاڙ جي شڪل ۾ بِھ  رڳو هڪ ڀاڄي نه آھن، پر اھا هڪ اھڙي “پاڙ” آهي  جيڪا سنڌ کان چين، جپان کان ويٽنام، ۽ ڪوريا کان عرب دنيا توڙي يورپ ۽ آمريڪا تائين دلين کي، ثقافتن کي، ۽ روح کي ڳنڍي ٿي۔ اڄ جڏهن دنيا ۾ وڇوٽيون، جنگ ۽ نفرت وڌي رهيا آهن، تڏهن بِھ يعني ڪنول جي پاڙ اسان کي ياد ڏياري ٿي ته سڀني جي پاڙ هڪ ئي آهي. انسانيت هڪ ئي پاڻيءَ مان اُڀري آهي، فرق رڳو ٻاهرين شڪل جو آهي.

آخر ۾ مان وري سنڌ ڏانھن موٽ کائيندس. سنڌ، جتي درياھ ۽ ڍنڍون ڍورا ماڻھن جي زندگيءَ جو حصو آهن، اُتي ڪنول جو ٻوٽو ڄڻ ته فطرت جي شاعريءَ جو هڪ مصرعو آهي. اُن جا گل حسن جو اُھڃاڻ، ۽ پاڙ (بِھ) ماڻھن جي خوراڪ ۽ ثقافت جو حصو آهي. سنڌي گھرن ۾ بِھن جو رڌجڻ پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ۽ فطرت سان لاڳاپي جي علامت آھي.

________________

سنڌ جي گادي ڪراچيءَ ۾ رھندڙ نصير اعجاز سينئر صحافي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button