Editor's pickMain Slideلائيف اسٽائيل

معاشري ۾ وڌندڙ خُود پسندي، ھڪ خطرناڪ لاڙو

دنيا ۾ ٻين لاءِ احساس گھٽجندو پيو وڃي، ۽ انھيءَ جي جاءِ خُود پسندي ۽ پان کي ٻين کان مٿانھون سمجھڻ واري سوچ وڌندي پئي وڃي

اچو ته معاشري کي هڪجهڙائي طرف وٺي هلون ته جيئن ڪير به ڪنهن کان نه مٿانهون هجي ۽ نه ئي ڪير پنهنجي پاڻ کي هيٺانھون محسوس ڪري.                                    

عبدالله عثمان مورائي

هاڻي جيڪا معاشري جي لاءَ خطرناڪ شئي ٿيندي پئي وڃي اها آهي پنهنجن ٻارن جون مارڪ شيٽون ، مليل تمغا، جن تي تفصيل سان اهو لکڻ ته منهنجي پٽ يا ڌيءَ هيتريون مارڪون کڻي پهرين يا ٻين پوزيشن کٽي آهي. مقصد ته پنهنجن ٻارن کي معاشري ۽ اوسي پاسي جي ٻين  ٻارن کان مٿانهون ڪري پيش ڪرڻ وغيره . جڏھن تہ انهن ٻارن ۽ سندن مائٽن لاءَ اها ئي فخر جي ڳالھ گھرجي تہ ته هو لکي ۽ پڙهي سگهن ٿا. ڪجهه ٻارن کي ٻين ٻارن کان الڳ ڪري پيش ڪرڻ معاشري جي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو.

منهنجي ميرپور خاص واري يار گنيش جيڪو هن وقت ڊينمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ رهي ٿو تنهن هڪ واقعو ٻڌايو ته سندس ننڍڙيءَ جو اسڪول ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ جي ڇوڪري سان ڪنهن ڳالهه تي بحث مباحثو ٿي پيو ۽ ٻئي ڇوڪريون هڪ ٻئي مٿان تيز ٿي ويون. چيائين اسان سمجھيو ته شايد ڳالهه ختم ٿي وئي پر ڪجهه هفتن ۾ اسڪول جي طرفان هڪ خط اچي پهتو ته اوهان پنهنجي ڌيءُ سميت اسڪول  فلاڻين  تاريخن ۾ اچجو، اسان اوهان جي لاءِ هڪ تربيتي ڪورس منعقد ڪيو آهي. اهو ساڳيو ڪورس ٻي ڇوڪري ۽ سندس والدين لاءِ به منعقد ٿيل هيو. چيائين ان ڪورس ۾ اسان کي ريسپيڪٽ جي باري ۾ فلمون ڏيکاريون ويون ته ڪيئن هڪ ٻئي جي خيالن جي عزت ڪئي وڃي ٿي ۽ توڙي جو خيالن ۾ فرق هجي پر ڪيئن ٻئي جي خيالن جو احترام ڪيو وڃي ٿو. چيائين ان ڪورس کانپوءِ ٻئي ڇوڪريون کير کنڊ ٿي ويون.

انگريزيءَ جا هڪڙا ٽي لفظ آهن ايمپيٿي (Empathy)، ايپيٿي (Apathy)  ۽ نارسزم (Narcissim).  ايمپيٿي (Empathy) جي معني آهي انسان ۾ اها خاصيت هجڻ جو هو پنهنجي اوسي پاسي جي ٻين بي پهڄ انسانن جي اهنجن کي سمجهي ۽ انهن جي جذبن ۾ حصيداري محسوس ڪري.  ايپيٿي (Apathy) جي معني آهي انسان جو  ٻين اوسي پاسي جي ماڻهن لاءِ جذبن، احساسن ۽ ڳڻتين کان عاري هجڻ. نارسزم  (Narcissism) جي معني آهي اهي انسان جيڪي رڳو پنهنجي پاڻ کي دنيا جو محور سمجهن، خود پسند هجن، پنهنجي پاڻ کي ٻين کان مٿانهون سمجهن، اهڙن انسانن لاءِ ٻيا به کوڙ لفظ  ۽ مثال ڏئي سگهجن ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ ايمپٿي (Empathy) گهٽجي رهي آهي ۽ ان جي جاءِ نارسزم (Narcissism) والاري رهي آهي. نارسزم يا نارسسٽڪ پرسنلٽي ڊس آرڊر ۾ ماڻهوء جي شخصيت ۽ جذبا غير مستحڪم هجن ٿا. حد کان وڌيڪ ماڻهو کي پنهنجي شڪل تي، يا ڪنهن ڪاميابي تي پاڻ تي فخر ۽ پڏاءَ واري ڪيفيت هر وقت طاري هجي  ٿي.

 مشل بورڊا  (Michele Borda) پنهنجي ڪتاب اَن سيلفي (Unselfie) ۾ لکي ٿي ته اڄڪلهه جي دور ۾ ٻارن کي همٿايو ٿو وڃي ته هو هڪ ٻئي سان مقابلو ڪن ، پوءِ اهو مقابلو ڀلي اسڪول ۾ مارڪون کڻڻ جو هجي يا راندين کيڏڻ جو هجي. مشل جو خيال آهي ته اهڙي قسم جي مقابلن لاءِ ٻارن کي همٿائڻ حقيقت ۾ انهن کي غلط رستي تي موڪلڻ جي برابر آهي. جنهن جا ذميوار سندن مائٽ آهن. پاڻ پنهنجي ڪتاب ۾ انهن خاصيتن جو ذڪر پڻ ڪري ٿي ته جيڪڏهن اسان پنهنجن ٻارن کي اپيٿي بجاءِ ايمپٿي ڏانهن راغب ڪيون ته هو مستقبل ۾ سٺا اڳواڻ ۽ ذميوار شهري هجڻ جو مظاهرو ڪندا.

 مشل جي هڪ وڏي دعوا اها آهي ته اهي ٻار جيڪي ايپيٿي  (Apathy) بجاءِ ايمپيٿي(Empathy) جو مظاهرو ڪندا آهن اهي ٻين ٻارن کان وڌيڪ خوش، صحتمند ۽ ڪامياب زندگي گذاريندا آهن ۽ اهي سٺا دوست پيدا ڪندا آهن، جهيڙن جهٽن کي سولائيءَ سان منهن ڏئي سگهندا آهن ۽ معاشري جي هيڻن ماڻهن لاءِ مددگار ثابت ٿيندا آهن. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن ماءُ ۽ پيءُ پاڻ ئي ٻئي سيلفي ماسٽر ۽ خود پسند هجن ته پوءِ ٻارن کي ڪيئن ايمپيٿي (Empathy) طرف راغب ڪن. ان سلسلي ۾ مشل لکي ٿي ته حد کان وڌيڪ سيلفيون ڪڍي ، سوشل ميڊيا تي ڏيڻ پڻ نارسزم جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ ماڻهو رڳو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي ، جنهن جو مقصد صرف اهو آهي ته ”مان“، بس ”مان“ . عجب جهڙِي ڳالهه اها آهي ته  پاڻ وٽ ڪاميابي کي شايد ائين تصور ڪيو ٿو وڃي ته مون ڪيترا فوٽو ڪنهن سياستدان ، پوليس، بيوروڪريٽس يا فوج جي آفيسرن سان ڪڍايا آهن ۽ نه رڳو ڪڍايا آهن پر سوشل ميڊيا تي اپلوڊ پڻ ڪيا آهن ۽ وري اهو ڏسڻ ته ان تي ڪيترا لائيڪس ۽ ڪمينٽس آيا آهن، گهٽ لائيڪس آهن ته پريشان ٿيڻ ۽ وڌيڪ آهن ته وري اها خواهش ڪرڻ ته انهن لائيڪس کي اڃا ڪيئن وڌائجي.  معني صبح منجهند شام رات ساڳي ڪار آ.

ماهرن جو وڌيڪ خيال آهي ته دنيا ۾ گذريل ٽيهن سالن ۾  ايمپيٿي (Empathy) ۾ چاليهه سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي ۽ اهو سلسلو اڃا وڌي رهيو آهي. 

مشل صلاح ڏيندي لکي ٿي ته جيڪڏهن اوهان جو ڪو ٻار اسڪول ۾ ٻين ٻارن کي تنگ ٿو ڪري ته ان کي بهتر آ ته روڪجي ان کان اڳ جو هو پنهنجي پاڻ کي سڀني کان مٿانهون سمجهڻ لڳي ۽ نتيجي ۾ اڳتي هلي ناخوش زندگي گذاري. مشل وڌيڪ لکي ٿي ته اوهان پنهنجن ٻارن کي مختلف طريقن سان ٻين ماڻهن جي جذبن کي انهن جي ظاهري ڏيک مان سمجهڻ سيکاري سگهو ٿا، مثال طور اوهان جيڪڏهن ٻاهر وڃو ته اتي پنهنجن ٻارن کان سوال ڪيو ته فلاڻي ماڻهو کي ڏسي ٻڌاءِ ته هو ٿڪل آهي يا ڏکارو ٿو ڏسجي يا پريشان ٿو ڏسجي يا ڊنل ٿو لڳي. ائين ڪرڻ سان ٻارن کي اوسي پاسي جي ماڻهن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. اهڙي قسم جي مشق ماڻهو ٽي وي ڏسندي به ڪري سگهي ٿو. يا آکاڻين جي ڪتابن مان به مختلف ڪردارن جي ڪيفيت کي سمجهي ۽ ٻارن کي سمجهائي سگهجي ٿو.  

هڪ اندازي مطابق لکين ٻار صبح جو اسڪول وڃڻ کان رڳو ان ڪري لنوائيندا آهن جو انهن کي خبر هوندي آهي ته ڪهڙي شئي سندن اسڪول ۾ انتظار ڪري رهي آهي. اها استادن ۽ مائٽن جي ذميواري آهي ته هو انهن جي حفاظت ڪن. ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار ايمپييٿي (Empathy) طرف راغب ٿين ته انهن کي مختلف ڪردارن ذريعي سبق ڏيو. مثال طور ، انهن کي کانئن وڏن ٻارن جي باري ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن اهي اوهان کي اسڪول ۾ يا ڪنهن ٻئي هنڌ تنگ ڪن ته اوهان ڪيئن محسوس ڪندئو. ٻارن کي ڪوشش ڪري ان طرف به راغب ڪيو وڃي ته هو هڪ ٻئي جي مسئلن کي ٻڌن ۽ اهڙي قسم جون ڪوششون اسڪولن ۾ ئي ٿي سگهن ٿيون. بارن کي ان ڳالهه لاءِ پڻ همٿايو وڃي ته جيڪڏهن ڪير به ڪنهن سان به زيادتي ڪري ته ان لاءِ اٿي کڙا ٿين ۽ ايئن ڪرڻ سان انهن ۾ بهادريءَ جو عنصر وڌندو ۽  ٻار تبديلي جو اھڃاڻ  ٿي پوندا ۽ سندن اعتماد پڻ وڌندو.

پر اهو خيال رکڻ ضروري آهي ته ٻارن کي پڏائڻو ناهي، نه ته انهن ۾ ايپيٿي (Apathy) پيدا ٿيندي، ڪرڻو رڳو اهو آهي ته انهن کي گروٿ مائنڊ سيٽ (Growth Mind Set) واري تعليم ڏيڻي آهي جيڪا کين ايمپيٿي (Empathy) طرف ڇڪي . مثال طور پنهنجن ٻارن سان معاشري جي مسئلن تي بحث مباحثو ڪرڻ سان انهن جو مسئلن جي طرف  ڌيان ويندو ۽ انهن جي ذهني واڌ ويجهه ٿيندي. پاڻ وٽ سنڌ ۾ به هاڻي انيڪ مسئلا آهن، ڪو به هڪ موضوع کڻي ٻارن کي انهن تي بحث ڪرائجي ۽ ڏسجي ته هو ڪيئن ٿا ان مسئلي کي ڏسن ۽ ان جو حل ڳولهين. اها ڳالهه اسڪولن ۾ به جيڪڏهن شروع ٿئي ته به بهتر آهي.

هاڻي والدين جيڪي پنهنجي اولاد لاءِ چاهين ٿا ته اهي معاشري جا هڪ سٺا ۽ ذميوار شهري ٿين ته کين پاڻ کي پهريان شوبازي واري روش کي ختم ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته ٻار به وڏن کان سکندا آهن. والدين رڳو چوويهه ڪلاڪ سوشل ميڊيا تي پيا سيلفيون اپلوڊ ڪندا ته پوءِ ٻارن ۾ اها روش وڌندي ۽ هو به پنهنجي پاڻ کي دنيا جو محور سمجهڻ لڳندا ۽ نتيجي ۾ معاشري ۾ هڪ ٻئي لاءِ همدردي وارو رجحان ختم ٿيندو ويندو. دنيا جا محور جيڪي ڪنهن دور ۾ ٿي گذريا پاڻ انهن جي باري ۾ سوچون ۽ انهن جي ڳولها ڪيون ته انهن کي ڳولهي نه  سگهنداسين پر رڳو انهن جون ڪيل چڱيون ڳالهيون ئي پاڻ ياد ڪري سگهون ٿا يا انهن تي عمل ڪري سگهون ٿا. دنيا جي انهن محورن به شايد پاڻ کي دنيا جو محور ڪڏهن به نه سمجھيو هجي جيئن اڄڪلهه جا پاڻ مرادا محور سمجهن ٿا.

سو چوڻ جو مقصد ته اچو ته معاشري کي هڪجهڙائي طرف وٺي هلون ته جيئن ڪير به ڪنهن کان نه مٿانهون هجي ۽ نه ئي ڪير پنهنجي پاڻ کي هيٺانھون محسوس ڪري.

____________

ليکڪ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو سُئيڊن ۾ آباد آھي ۽ وڏي عرصي کان ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button