ھني مُون لاج: ڪراچيءَ ۾ ھڪ جابلو ٽڪريءَ تي قائم 185 سال اڳ جي تاريخي عمارت
هني مون لاج ڪراچيءَ جي انهن نادر تاريخي عمارتن ۾ شامل آهي جيڪي شهر جي نوآبادياتي دور، جنگِ آزاديءَ جي اثرن، آغا خان خاندان جي تاريخ ۽ اسماعيلي برادريء جي اجتماعي يادگيرين کي يڪجا ڪن ٿيون

ليکڪ: ابراهيم صالح محمد
انگريزن جي آمد کان ھڪدم پوءِ ڪراچيءَ ۾ 185 سال اڳ تعمير ٿيل هڪ تاريخي عمارت هني مون لاج Honeymoon Lodge بابت ڪجهه کٽيون مِٺيون يادون.
ان زماني ۾ جڏهن اڃا ڊفينس جھڙن پوش علائقن جو وجود ئي نه هو ۽ هي سڄو علائقو غير آباد هو، ان وقت ڪورنگي ويندڙ شاهراهه تي موجوده مسجدِ طوبيٰ ۽ نيشنل هاسپيٽل جي ويجهو هڪ اوچي ٽڪريءَ تي، ڪراچيءَ تي برطانوي قبضي کان ھڪدم پوءِ 1840ع ۾ هڪ عمارت تعمير ڪئي وئي هئي ۽ 1841ع ۾ ان کي اعليٰ سرڪاري آفيسرن جي رهائش لاءِ مخصوص ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته 1857ع جي جنگِ آزاديءَ کانپوءِ برطانوي حڪومت هن عمارت کي انتظامي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو.
برطانوي حڪومت 1859ع ۾ ان عمارت کي ڪولهاپور رياست جي نواب جي خرچ تي خريد ڪيو ته جيئن ان کي ڪولهاپور جي اڳوڻي حڪمران چيما صاحب جي رهائشگاهه بڻائي سگهجي. ان وقت ان کي ”هني مون هال“ جو نالو ڏنو ويو هو.
هڪ وڏي ايراضيءَ تي قائم هيءَ محل نما عمارت پنهنجي محلِ وقوع، تعميراتي حسن ۽ تاريخي اهميت جي ڪري جلد ئي جديد شهر ڪراچيءَ ۾ هڪ نمايان حيثيت اختيار ڪري وئي. 1860ع ۾، هڪ پراپرٽي ڊيلر ”ايڊون بري (Edwin Bray)“ جي نالي پٺيان کيس ”بري ڪلف هني مون لاج“ چيو وڃڻ لڳو.
هن ھنڌ سان لاڳاپيل هڪ غير معروف پر اهم تاريخي حقيقت اها به آهي ته 1860ع ۾ برطانوي اختيارين هن ھنڌ ۽ ان جي آس پاس هندوستان جي جنگِ آزاديءَ جي 733 مراٺا باغين کي حراست ۾ رکيو هو، جن کي بعد ۾ اپريل 1868ع ۾ ڪلڪتي منتقل ڪيو ويو.

ان کانپوءِ هن جڳهه جي ليز مسٽر نونان حاصل ڪئي، جنهن 1876ع ۾ اها عمارت اسماعيلين جي 46هين امام حسن علي شاهه آغا خان اول (پيدائش 1804ع، وفات 1881ع) کي وڪرو ڪري ڇڏي. اهڙي طرح هيءَ امام حسن علي شاهه آغا خان اول جي ڪراچيءَ ۾ رهائشگاهه بڻجي وئي.
جڏهن اسماعيلي امام آغا علي شاهه آغا خان ٻيون، المعروف شاهه علي شاهه (پيدائش 1830ع، وفات 1885ع) کي ان جي ملڪيت ورثي ۾ ملي، ته هنن پڻ ان کي پنهنجي رهائشگاهه طور استعمال ڪيو. بعد ۾ جڏهن 1882ع ۾ آغا خان ٻئي جو خاندان ڪراچيءَ مان بمبئي منتقل ٿي ويو، ته هن جڳهه کي 1895ع ۽ 1951ع جي دوران سندن ڪراچيءَ جي ڪڏهن ڪڏهن ٿيندڙ دورن لاءِ شاهي گيسٽ هائوس ۾ تبديل ڪيو ويو.
1905ع ۾ هن عمارت جي وڏي پيماني تي تجديدِ نو (Modernisation) ڪئي وئي، جنهن دوران هي گهر تقريبن نئين سر تعمير ڪيو ويو. پندرهن سالن کانپوءِ، 1920ع ۾، امام جي آمد جي تياريءَ جي سلسلي ۾ وڌيڪ مرمت ڪئي وئي ۽ ان جو نالو بدلائي ”هائلينڊ (Highland)“ رکيو ويو.
1951ع ۾، هن لاج کي هڪ صحت يابي مرڪز (Convalescent Home) ۾ تبديل ڪيو ويو. عمارت ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون ويون ته جيئن ان کي رهائشگاهه مان صحت مرڪز ۾ بدلائي سگهجي. آغا خان هيلٿ بورڊ جي نگرانيءَ ۾ هلندڙ هن مرڪز جو نالو ”مهدي ڪينوليسنٽ هوم“ رکيو ويو. ان منصوبي جو باقاعده افتتاح 14 سيپٽمبر 1953ع تي وزيراعظم محمد علي بوگرا ڪيو.
1964ع ۾ اسماعيلي جماعت هني مون لاج واري جاءِ تي پنهنجي امام لاءِ ٻيهر هڪ گهر تعمير ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جيڪا قبول ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ مهدي ڪينوليسنٽ هوم 1970ع ۾ ڪنهن ٻي جڳهه تي منتقل ٿي ويو. ان کانپوءِ هن سائيٽ جي وڌيڪ آرائش ۽ خوبصورتيءَ جو ڪم ڪيو ويو ۽ اسماعيلي امام گهٽ ۾ گهٽ ٻن موقعن تي هتان جو دورو ڪيو.
هيءَ عمارت 1970ع کان خالي پيل هئي. 1971ع ۾ عمارت ۾ وڏيون ڏارون پوڻ ۽ ڪجهه دريون اکڙي وڃڻ جا اطلاع مليا.
1977ع ۾ سر سلطان محمد شاهه آغا خان ٽئين جي سئو ساله پيدائش جي موقعي تي هن تاريخي عمارت کي سڄي دنيا مان ايندڙ اسماعيلي زائرين لاءِ کوليو ويو هو.
ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ جي انڪوائري رجسٽر نمبر 375 ۾ محفوظ سرڪاري رڪارڊ ۽ قديم ملڪيتي دستاويزن (Title Deeds) مان معلوم ٿئي ٿو ته مذڪوره جائيداد جو سرڪاري نالو 1951ع ۾ ”هني مون هال“ مان تبديل ڪري ”هني مون لاج“ رکيو ويو. ان وقت جائيداد جي ڪل پکيڙ 86,495 چورس وال درج هئي.
ملڪيتي رڪارڊ موجب هيءَ جائيداد گڏيل قومن جي اڳوڻي هاءِ ڪمشنر براءِ پناهه گزين ۽ اسماعيلي برادري جي روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان جي چاچي شھزادي صدرالدين آغا خان کي 21 جولائي 1951ع تي رجسٽرڊ گفٽ ڊيڊ نمبر 66 جي تحت منتقل ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هو ان جو قانوني مالڪ قرار ڏنو ويو.
هن جائيداد جي ملڪيت اسماعيلي امام پرنس ڪريم آغا خان چوٿين کي 26 جون 1968ع تي رجسٽرڊ گفٽ ڊيڊ نمبر 5 ذريعي بطور تحفو منتقل ڪئي وئي هئي، ايئن نيٺ هيءَ جائيداد آغا خان خاندان جي ملڪيتي ۽ انتظامي تاريخ جي هڪ اهم باب جي طور تي اسماعيلي امام پرنس ڪريم آغا خان جي تحويل ۾ اچي وئي.
هني مون لاج جي هڪ نمايان خصوصيت ان جو منفرد محلِ وقوع آهي. هيءَ تاريخي عمارت روڊ جي سطح کان تقريبن 111 فٽ اوچي هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي واقع آهي ۽ تقريبن 18.5 ايڪڙن جي وسيع ڪنٽور ايريا تي پکڙيل آهي. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تائين پهچڻ لاءِ هڪ سڙڪ تعمير ڪئي وئي هئي، جيڪا هن ھنڌ جي قدرتي خوبصورتي ۽ تاريخي ماحول کي وڌيڪ دلڪش بڻائي ٿي.

هن مرڪزي ٽڪريءَ جي ويجهو 94 فٽ اوچي هڪ ٻي ننڍي چوٽي پڻ موجود آهي. ان ننڍي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ماضيءَ ۾ ڪاٺ مان تيار ٿيل هڪ اٺ ڪنڊي ڇٽي لڳل هئي، جتي پهچڻ لاءِ ڏاڪڻيون ٺاهيون ويون هيون. ان ھنڌ تان ان زماني ۾ ڪراچي شهر، ساحلي علائقن ۽ آس پاس جي نظارن جو انتهائي دلڪش ۽ وسيع نظارو ڪري سگهبو هو، جيڪو کيس تفريح ۽ آرام لاءِ هڪ منفرد جڳهه بڻائيندو هو.
مرڪزي ٽڪريءَ جي چوٽي تقريبن 788.62 چورس وال ايراضيءَ تي مشتمل آهي، جڏهن ته مرڪزي عمارت، سرونٽ ڪوارٽرز ۽ گارڊ ڪوارٽرز سميت تعمير ٿيل حصو 1066.85 چورس والن تي پکڙيل آهي. عمارت جي تعمير ۾ موسمي حالتن ۽ قدرتي ماحول کي خاص طور تي نظر ۾ رکيو ويو هو. مرڪزي عمارت جو رخ ڏکڻ-اولھ ڏانهن رکيو ويو ته جيئن عربي سمنڊ مان ايندڙ سمنڊ جون هوائون سڌيون عمارت ۾ داخل ٿي سگهن ۽ ڪنهن به مصنوعي يا ميڪانيڪل ڪولنگ سسٽم کانسواءِ اندروني حصن کي ٿڌو رکي سگهن. هي ان دور جي معمارن جي فطري ماحول سان هم آهنگ منصوبابنديءَ جو هڪ شاندار نمونو آهي.
ايئن ته پنهنجي زندگيءَ دوران، هني مون لاج ڪيتريون ئي ظاهري تبديليون ۽ مرمتون ڏٺيون، پر اڄ هي ھنڌ نه صرف آغا خان خاندان جي تاريخي يادگار آهي، بلڪ ڪراچيءَ جي تهذيبي، مذهبي، تعميراتي ۽ ثقافتي ورثي جو هڪ اهم حصو پڻ سمجهيو وڃي ٿو.
هني مون لاج يا محمدي ٽڪري ڪراچيءَ جي انهن نادر تاريخي عمارتن ۾ شامل آهي جيڪي شهر جي نوآبادياتي دور، جنگِ آزاديءَ جي اثرن، آغا خان خاندان جي تاريخ ۽ اسماعيلي برادريء جي اجتماعي ياداشت کي يڪجا ڪن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو هي ماڳ اڄ به سڄي دنيا ۾ اسماعيلين ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ غير معمولي اهميت رکي ٿو.
نوٽ: هن مضمون جي تياريءَ ۾ ڪراچيءَ جي معروف تاريخ دان سهيل انصاري، ڪراچي سروي رڪارڊ ۽ هڪ دوست شاهه ولي الله جي تحقيقات مان فائدو ورتو ويو آهي.
______________

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



