ناڪا اسٽاڪھولم کان مورو تائين: ٽپال جي يادن جو هڪ سفر
تازو سويڊن جي شهر ناڪا اسٽاڪهولم ۾ جڏهن مون کي پنهنجي ٽپال ، پوسٽ آفيس مان وڃي وصول ڪرڻ جو نياپو مليو ته پوسٽ آفيس جي در وٽ منهنجا پير رڪجي ويا، ايئن لڳو ڄڻ وقت جا سڀ ڪانٽا پٺتي گهمي ويا هجن.
منهنجي اکين اڳيان سنڌ جي شھر موري جي پوسٽ آفيس جو عڪس تري آيو. اهي منهنجي مڊل ۽ هاءِ اسڪول وارا ڏينهن هئا، هڪ اهڙو وقت جڏهن دنيا اڄ وانگر ”گلوبل وليج“ نه هئي پر خطن جي ذريعي جڙيل هڪ وسيع ڪائنات هئي.
عبدالله عثمان مورائي
اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ جتي هڪ ڪِلڪ تي پيغام سڄي دنيا ۾ پهچي وڃي ٿو، اتي خطن جو انتظار ۽ پوسٽ آفيس جي رونق هاڻي رڳو يادن جي پناهه گاهن ۾ وڃي بچي آهي. تازو سويڊن جي شهر ناڪا اسٽاڪهولم ۾ جڏهن مون کي نئين قانون تحت پنهنجي ٽپال پوسٽ آفيس مان وڃي وصول ڪرڻ جو نياپو مليو ته ناڪا جي ان پوسٽ آفيس جي در وٽ منهنجا پير رڪجي ويا، ايئن لڳو ڄڻ وقت جا سڀ ڪانٽا پٺتي گهمي ويا هجن.

ناڪا جي ان جديد پوسٽ آفيس ۾ داخل ٿيندي ئي منهنجي اکين اڳيان سنڌ جي شهر موري جي پوسٽ آفيس جو عڪس تري آيو. اهي منهنجي مڊل ۽ هاءِ اسڪول وارا ڏينهن هئا، هڪ اهڙو وقت جڏهن دنيا اڄ وانگر ”گلوبل وليج“ نه هئي پر خطن جي ذريعي جڙيل هڪ وسيع ڪائنات هئي.
قلمي دوستي: خطن جي خوشبو ۽ انتظار جي لذت
تنھن دور ۾ موري جي تپندڙ منجهند ۾ جڏهن مان اسڪول کان موٽندي بابا جي دڪان تي ويندو هئس ته ڪڏهن ڪڏهن کاتن جي رجسٽرن جي مٿان رکيل هڪ لفافو منهنجي سڄي ڏينهن جي ٿڪ کي خوشيءَ ۾ بدلائي ڇڏيندو هو. مونکي اڄ به پنهنجي پهرين قلمي دوست جو پتو (Address) دل سان ياد آهي، هوءَ انگلينڊ جي ڪائونٽي ولٽشائر جي شهر سوِنڊن شهر(Swindon) جي هڪ نينگري “ڪليئر ايف” هئي.
تنھن دور ۾ فنلينڊ جي شهر “ترڪو” ۾ هڪ ادارو ”انٽرنيشنل يوٿ سروس“ هوندو هو جيڪو پئسن عيوض سڄي دنيا جي نوجوانن جا پتا هڪٻئي کي فراهم ڪندو هو. اها حيرتن جي دنيا هئي! جڏهن به ڪو پرديسي خط ملندو هو ته آء سڀ کان اڳ “ورلڊ ائٽلس” جو نقشو کولي ان شهر کي ڳوليندو هئس، جتان اهو خط آيو هوندو هو. اها رڳو ڪاغذ جي مٽاسٽا نه هئي پر گهر ويٺي سڄي دنيا جو سفر هو.
سچ ته اهو آهي ته اهي خط رڳو پيغام نه هوندا هئا، پر اهي “وقت جا جپسِي” هئا، جيڪي ست سمنڊ پار ڪري، مختلف هٿن مان لنگهي هڪ مخلصاڻي خوشبو کڻي اسان تائين پهچندا هئا. اڄ جي ميسيج ۾ اهو لمس (Touch) ناهي، جيڪو ڪاغذ تي اڀريل اکرن ۽ هٿ جي لکت ۾ هوندو هو.

شهاب ميمڻ: هڪ ايماندار پوسٽ مين جو يادگار ڪردار
موري جي پوسٽ آفيس سان منهنجي دوستي رڳو خطن تائين محدود نه هئي پر اتي جو اسٽاف به مونکي پنهنجو لڳندو هو. خاص ڪري پوسٽ مين شهاب ميمڻ جيڪو روزانو ٺاروشاهه کان موري پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻ ايندو هو. شهاب هڪ انتهائي حليم، ايماندار ۽ نيڪ انسان هو. جڏهن مان پري کان کيس ڏسندو هئس ته هُو پري کان ئي ڪنڌ جي اشاري سان ٻڌائيندو هو ته اڄ ڪو پرديسي خط يا پارسل آيو آهي يا نه.
اسين ڪڏهن ڪڏهن پوسٽ آفيس جي “سورٽنگ روم” (Sorting Room) ۾ گڏجي چانهه پيئندا هئاسين. ان وقت منهنجي ذهن ۾ رڳو اهو هوندو هو ته ڪڏهن گهر وڃي اهو خط کوليان. اهي احساس، اها تڙپ ۽ اهو انتظار اڄ جي نسل لاءِ شايد هڪ ڏند ڪٿا هجي، جيڪي انسٽنٽ ميسيجز جي دور ۾ پلجي رهيا آهن.
ڊجيٽل دور ۽ خطن جو زوال
مون ان دور ۾ رڳو دوستن کي نه پر دنيا جي وڏين يونيورسٽين کي پراسپيڪٽس لاءِ، سياحتي مرڪزن کي معلومات لاءِ ۽ سفارتخانن کي سندن ملڪن جي ڄاڻ لاء خط پڻ لکيا. ان دور ۾ جيڪي منهنجا قلمي دوست ٿيا اڄ به انهن مان ڪجهه دوستن سان رابطو آهي پر هاڻي خطن جي جاءِ فيسبوڪ، اي ميل ۽ واٽس اپ والاري ورتي آهي.

سويڊن ۾ اڄ به پوسٽ آفيسون فعال آهن ۽ نظام تمام بهتر آهي پر رڳو گهڻي قدر پرنٽ ٿيل سرڪاري خطن پٽن لاء يا ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن دوست يا فيملي ميمبر ڪنهن ڏي هٿ سان لکي ڪو ويو ڪارڊ يا ڪن خاص ڏهاڙن تي ڪي ڪارڊ موڪليا ته ٺيڪ نه ته گهڻي قدر ڪم ڊجيٽل ٿي ويو آهي. اها “روحانيت” جيڪا هٿ سان لکيل خطن ۾ هئي سا هاڻي ڊجيٽل دور جي ڪري ناهي رهي. پاڪستان ۾ به پوسٽ آفيسون اڃا تائين موجود آهن پر خانگي ڪوريئر ڪمپنين جي ڪري انهن جو دائرو گهٽجي ويو آهي.
بهرحال جڏهن مان ناڪا جي پوسٽ آفيس مان پنهنجي ڊاڪ کڻي واپس وريس ته منهنجي منهن تي هڪ مُرڪ هئي، هڪ اهڙي مُرڪ جنهن ۾ منهنجي اسڪول واري عمر ۽ دور جون يادون، موري جي مٽي جي خوشبو ۽ شهاب ميمڻ جهڙن مخلص ماڻهن جو پيار شامل هو. ڀلي زمانو ڪيترو به ترقي ڪري پر خطن جو اهو دور انساني تاريخ جو سڀ کان خوبصورت ۽ مخلص دور رهندو.
_______________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.




Beautiful memories
Thanks, and yes indeed