جڏھن سنڌو تھذيب جو ھڪ قديم شاھڪار انگلينڊ جي ھڪ عام بازار ۾ وڪرو ٿيو
ڊربي شائر جي نيلام گھر ۾ ڪم ڪندڙ شخص ڪارل مارٽن ھڪ بازار مان ٺڪر جو ٿانءُ خريد ڪري اُن کي پنھنجي باٿ رُوم ۾ ٽُوٿ برش ۽ پيسٽ رکڻ لاءِ استعمال ڪيو. پنج سالن کانپوءِ کيس خبر پئي تہ اھو سنڌو تھذيب جو شاھڪار ھو، جنھن کي ھُن نيلام گھر ۾ اسي پائونڊن ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو.

سنڌو تهذيب جي نوادرات جو هن خطي کان ٻاهر وڃڻ هڪ وڏو تاريخي الميو آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن. اها حقيقت آهي ته اسان جي تاريخي ورثي جو هڪ وڏو حصو اڄ لنڊن، دهلي ۽ دنيا جي ٻين عجائب گھرن ۾ موجود آهي. ان جا بنيادي سبب هي آهن. ھڪ مُلڪ جي تاريخي ورثي کي پنھنجي قبضي ۾ رکي اصل ملڪ کي ان کان محروم ڪرڻ کي آرڪيالاجيڪل سامراجيت سڏجي ٿو. سنڌ سان بہ ايئن ڪيو ويو.
بدقسمتيءَ سان ڪيتريون ئي نوادرات موئن جي دڙي واري عجائب گھر مان چوري ٿي ٻاھر سمگل ٿينديون رھيون آھن. اھا ھڪ حقيقت آھي ڪيتريون ئي شيون چوري ڪري غير قانوني طور ٻاهر موڪليون ويون. گذريل هڪ صديءَ دوران سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف قديم ماڳن تان مقامي ماڻهن يا سمگلرن هٿان لڌل مٽيءَ جا ٿانو، مھرون (Seals) ۽ زيور بين الاقوامي بازارن ۾ وڪرو ڪيا ويا. ڪجهه نوادرات اهڙا هئا جيڪي پرڏيهي ماهرن کي مطالعي لاءِ ڏنا ويا، پر اهي ڪڏهن به واپس نه آيا. اڄ به سنڌو تهذيب جا ڪيترائي اڻلڀ نمونا دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۽ خانگي مجموعن ۾ قيد آهن.
نصير اعجاز
تصور ڪريو ته توهان ڪنهن عام بازار مان ٺِڪر جو هڪ سستو ٿانءُ خريد ڪريو، ان کي گهر کڻي اچو ۽ پنهنجي باٿ روم ۾ ٽوٿ برش ۽ ٽوٿ پيسٽ رکڻ لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪريو. پنجن سالن کان پوءِ توهان کي خبر پوي ته اهو معمولي ٿانءُ اصل ۾ سنڌو تهذيب جو 4000 سال پراڻو شاهڪار آهي!
جيتوڻيڪ اهو ڪنهن فلمي ڪهاڻيءَ وانگر لڳي ٿو، پر انگلينڊ جي علائقي ڊربي شائر (Derbyshire) جي رهواسي ڪارل مارٽن سان بلڪل ايئن ئي ٿيو.
2013ع ۾ ڪارل هڪ عام بازار مان صرف 4 پائونڊن ۾ مٽيءَ جا ٻه پراڻا ٿانءَ خريد ڪيا. انهن مان هڪ ٿانءُ ڏسڻ ۾ منفرد ۽ خوبصورت هو، تنهنڪري ان کي ڪارل جي باٿ روم ۾ جڳهه ملي وئي. سالن جا سال، اهو ٿانءُ سندس ٽوٿ برش رکڻ جي ڪم ايندو رهيو.
ڪھاڻيءَ ۾ اصل موڙ تڏهن آيو جڏهن هڪ ڏينهن ڪارل، جيڪو پاڻ هڪ نيلام گهر ۾ ڪم ڪندو هو، پنهنجي آفيس ۾ ڪجهه قديم آثارن مان لڌل شين جو معائنو ڪري رهيو هو. اوچتو هڪ قديم ٿانو ڏسي هو حيران رهجي ويو ۽ سوچڻ لڳو، “ترسو! هي ته بلڪل ان ٿانءُ جهڙو آهي جيڪو منهنجي باٿ روم ۾ پيل آهي!” هُو پنهنجو اهو ٿانءُ آفيس کڻي ويو ۽ ماهرن کي ڏيکاريو.

ماهرن تصديق ڪئي ته اهو ڪو معمولي ٿانءُ نه هو، پر سنڌو تهذيب جي دور جو هو، جيڪو ذري گھٽ 4000 سال پراڻو هو. اندازو آهي ته هي ٿانءُ 1900 قبل مسيح (BCE) جي دور جو هو ۽ ڪنهن سنڌو وسنديءَ مان هٿ آيو هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته جڏهن اهو ٿانءُ ٽوٿ برش هولڊر طور استعمال ٿي رهيو هو، تڏهن هُو ان دور جي ياد ڏياري رهيو هو جڏهن مصر ۾ اهرامن جو دور ختم ٿي رهيو هو ۽ ننڍي کنڊ ۾ هڙپا جي تهذيب پنهنجي پڄاڻيءَ تي هئي.
2018ع ۾ ان ٿانءَ کي نيلام ڪيو ويو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هي 4000 سال پراڻو تاريخي ٿانءُ صرف 80 پائونڊن ۾ وڪرو ٿيو. جيتوڻيڪ اهو عجيب لڳي ٿو، پر آثار قديمه جي اهميت ۽ مارڪيٽ جي قيمت هميشه هڪ جهڙي ناهي هوندي. اهو ٿانءُ ڪافي متاثر ٿيل هو ۽ ان تي ٽوٿ پيسٽ جا پڪا داغ به لڳل هئا. تنهن هوندي به، هن ڪهاڻيءَ جو سڀ کان دلچسپ پهلو اهو ئي آهي ته ڪيئن دنيا جي تاريخ جو هڪ حصو سالن تائين هڪ عام گهرو شئي طور پيل رهيو. ڪارل بعد ۾ ڀوڳ ڪندي چيو، “گهٽ ۾ گهٽ اهو ٿانءُ هاڻي باٿ روم مان نڪري پنهنجي صحيح ھنڌ تي پهچي ويو آهي!” پر کيس هڪ افسوس به هو ته هُن کان سندس “اسٽائلش ٽوٿ برش هولڊر” کسجي ويو.
اھو ھڪ سچو واقعو آھي. هيءَ خبر نومبر 2018ع ۾ برطانوي ميڊيا جهڙوڪ BBC ۽ Guardian ۾ نمايان شايع ٿي هئي. اهو ٿانءُ سنڌو تهذيب جي ان دور جو هو جڏهن اهي پنهنجي ٿانوَن تي جانورن ۽ مڇين جون تصويرون ٺاهيندا هئا. هن ٿانءَ تي هڪ “انٽيلوپ” (هرڻ جهڙو جانور) جي تصوير ٺهيل هئي. جيتوڻيڪ اها هڪ وڏي دريافت هئي، پر ان جي قيمت 80 پائونڊ ان ڪري رهي جو ان جو مٿيون حصو ڪجهه ڀڳل هو ۽ ان جي حالت سُٺي نه هئي، جنهن ڪري وڏن ڪليڪٽرز ان ۾ گهڻي دلچسپي نه ورتي.
ڪلھ جڏھن ڪلڪتي مان جڳ مشھور ناول مھاراجا ڏاھر جي ليکڪا محترما ديباشريءَ مون سان اھا معلومات ونڊي تہ مونکي حيرت سان گڏ افسوس بہ ٿيو. حيرت ان ڳالھ تي ته سنڌو تھذيب جون نوادرات انگلينڊ ڪيئن پھتيون ۽ افسوس ان ڳالھ جو ته سنڌو تھذيب جي ھن خطي کي ان جي پنھنجي نوادرات کان محروم رکيو ويو. اھي نوادرات چوري ڪيا ويا يا جڏھن موھن جي دڙي يا ھڙاپا جي کوٽائي ٿي، ان وقت ھتان کڻي ويا. اھي سوال منھنجي ذھن ۾ ڦرڻ لڳا.
سنڌو تهذيب جي نوادرات جو هن خطي کان ٻاهر وڃڻ هڪ وڏو تاريخي الميو آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن. اها حقيقت آهي ته اسان جي تاريخي ورثي جو هڪ وڏو حصو اڄ لنڊن، دهلي ۽ دنيا جي ٻين عجائب گھرن ۾ موجود آهي. ان جا بنيادي سبب هي آهن. ھڪ مُلڪ جي تاريخي ورثي کي پنھنجي قبضي ۾ رکي اصل ملڪ کي ان کان محروم ڪرڻ کي آرڪيالاجيڪل سامراجيت سڏجي ٿو. سنڌ سان بہ ايئن ڪيو ويو.
جڏهن 1920ع واري ڏهاڪي ۾ موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي باقاعده کوٽائي شروع ٿي، تڏهن هندستان تي انگريزن جو قبضو هو. ان وقت جو قانون (Antiquities Act) اهڙو هو جو کوٽائيءَ مان لڌل شئي جي مالڪي برطانوي سرڪار وٽ هوندي هئي. کوٽائيءَ مان لڌل نوادرات جو هڪ وڏو حصو تحقيقي مقصدن جو جواز ڄاڻائي لنڊن جي برٽش ميوزيم موڪليو ويو. جيڪو حصو هندستان ۾ رهيو، اهو به 1947ع جي ورهاڱي وقت ورهايو ويو، جنهن جو هڪ وڏو حصو اڄ به نيشنل ميوزيم دهليءَ ۾ موجود آهي جنھن ۾ موھن جي دڙي جي اھا مورت بہ شامل آھي جنھن کي ناچڻي ڇوڪريءَ جو نالو ڏنو ويو ھو. مون تہ پشاور جي عجائب گھر ۾ بہ موئن جي دڙي مان لڌل کوڙ شيون ڏٺيون. افسوس آھي تہ سنڌ جو نوادرات وارو کاتو خاموش ويٺو آھي، جڏھن تہ عالمي سطح تي کوڙ خبرون پڙھندا رھيا آھيون تہ مصر ۽ ٻين ملڪن جون نوادرات سندن گھُر ڪرڻ تي موٽايون ويون.
بدقسمتيءَ سان انھيءَ کانپوءِ بہ ڪيتريون ئي نوادرات موئن جي دڙي واري عجائب گھر مان چوري ٿي ٻاھر سمگل ٿينديون رھيون آھن. اھا ھڪ حقيقت آھي ڪيتريون ئي شيون چوري ڪري غير قانوني طور ٻاهر موڪليون ويون. گذريل هڪ صديءَ دوران سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف قديم ماڳن تان مقامي ماڻهن يا سمگلرن هٿان لڌل مٽيءَ جا ٿانو، مھرون (Seals) ۽ زيور بين الاقوامي بازارن ۾ وڪرو ڪيا ويا. ڪجهه نوادرات اهڙا هئا جيڪي پرڏيهي ماهرن کي مطالعي لاءِ ڏنا ويا، پر اهي ڪڏهن به واپس نه آيا. اڄ به سنڌو تهذيب جا ڪيترائي اڻلڀ نمونا دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۽ خانگي مجموعن ۾ قيد آهن.
سنڌو تهذيب جي سڀ کان مشهور نشاني “ناچڻي” (Dancing Girl) جو مجسمو اڄ به دهليءَ ۾ آهي ۽ ڪنگ پِريسٽ جو اصل مجسمو ڪراچي ميوزيم ۾ هجڻ باوجود، اسان جا ڪيترائي اهم آثار اڃا تائين پنهنجي وطن ڏانهن واپسيءَ جا منتظر آهن.
ڪارل مارٽن وارو واقعو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهي شيون ڪيئن نه عام بازارن تائين پهچي وڃن ٿيون، جتي ماڻهو انهن جي تاريخي اهميت کان ناواقف هوندا آهن. تاريخ جو هي زخم تڏهن ڀرجي سگهي ٿو جڏهن عالمي سطح تي اهڙا قانون سخت ڪيا وڃن ته جيئن هر ملڪ کي پنهنجو تاريخي ورثو واپس ملي سگهي. مون سيد سردار علي شاھ کي ڪافي سال اڳ جڏھن ھُو سنڌ جو ثقافت جو وزير ھو، سندس آفيس ۾ ملاات ڪري انڊيا وارن کان ناچڻي ڇوڪريءَ جو مجسمو واپس گھرڻ جي صلاح ڏني ھئي، جنھن تي ھن اتفاق بہ ڪيو، پر انھيءَ تي عمل ڪو نہ ٿيو.ھاڻي وري اھو بہ سوچيان ٿو تہ انھيءَ ۾ بہ ڪا چڱائي آھي جو موئن جي دڙي جي ناچڻي دھليءَ جي عجائب گھر ۾ محفوظ آھي. جيڪڏھن ھتي ھجي ھا تہ ڪڏھوڪو چوري ٿي وڪرو ٿي چُڪي ھجي ھا.
_______________

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.



