Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڪتاب ”مَان وارن سان مِلو“ جو جائزو ۽ علي بابا متعلق ڪجھ سوال 

ڪتاب جي بيڪ ٽائٽل تي علي بابا جي تصوير ڏني وئي آھي پر علي بابا جو ڪو بہ انٽرويو ناھي ڏنو ويو

ڪتاب ۾ وزير اعظم ھائوس ۾ جنم وٺندڙ تہ آھي پر نانگو لائين ۾ جنم وٺندڙ علي بابا ناھي! پاڙيسري ملڪ ڀارت جا ليکڪ تہ آھن پر سنڌ جي شھر ڪوٽڙيءَ جو علي محمد رند عرف علي بابا ناھي

رشيد احمد خاصخيلي

ڪيتري ئي عرصي کان پوءِ قادر سنڌيءَ سان سندس اوطاق تي ملاقات ٿي.! ملاقات کان پوءِ روح رھاڻ جو سلسلو جاري رھيو جنھن ۾ ادب ۽ سياست تي ڪترائي خيال اسان ھڪ ٻئي ڏي ايئن اُڏاريا، جيئن مومن خان مومن، لغڙ ۾ خط ٻڌي پنھنجي محبوب ڏانھن اڏاريندو ھو! نہ صرف ادب ۽ سياست تي پر جوانيءَ کان وٺي جُھور پوڙھائپ تي بہ ڪيترين ئي خيالن جي ڪٿي سنگينيءَ سان ڪٿي رنگينيءَ سان گفتگو ٿي گذري.! جڏھن شام جي سج کي رات جي پاڇن اچي پنھنجن وانگر پُٺيءَ ۾ تير ھنيو تہ اسان جي  ڪچھريءَ جا بہ اچي پويان پساھ رھيا.

 خير نيٺ اسان وري اچڻ جي عرضي مڃي  پنھنجي پنھنجي گھر ڏانھن ورڻ جي ٿي ڪئي، تہ قادر مون کي ھٿ ۾ نصير مرزا جو ڪتاب ”مان وارن سان ملو.“ (جيڪو مختلق اديبن شاعرن جي انٽرويوز تي مشتمل آھي) ڏنو. ھِنَ اُھا ڳالھ پڻ ڪئي تہ ھن ڪتاب جي بيڪ ٽائٽل تي علي بابا جي تصوير ڏني وئي آھي پر ھِنَ ڪتاب ۾ علي بابا جو ڪو بہ انٽرويو ناھي ڏنو ويو.! خير ھِنَ وقت جي نزاڪت کي جاچيندي اُھو چئي اسان کي الوداع چيو تہ ”ھن ڪتاب کي  پڙھجان“

جڏھن گھر پھتس تہ ساھي کڻي ڪتاب کي ان تصور ۾ آڻي پڙھڻ شروع ڪيو تہ ھن ڪتاب ۾ ڏنل ليکڪن يعني آغا سليم، شيخ اياز، ۽ علي بابا کي پڙھي دماغ کي سندن خيالن سان سرشار ڪجي.! ڪتاب ۾ مون کي پڙھڻ لاءِ ڪيترين ئي شخصيتن سان گڏ آغا سليم ۽ شيخ اياز جو انٽرويو بہ مليو، پر وڏي ڳالھ تہ مون کي سڄي ڪتاب ۾ علي باباجو انٽرويو نہ جو نہ مليو.! برابر قادر سچ چيو ھو تہ ھِنَ ڪتاب ۾ تہ ڪٿي بہ علي بابا جو انٽرويو ناھي ڏنو ويو. ھا ھِنَ ڪتاب ۾ وزير اعظم ھائوس ۾ جنم وٺندڙ تہ آھي. پر نانگو لائين ۾ جنم وٺندڙ علي بابا ناھي! ھِنَ ڪتاب ۾ پاڙيسري ملڪ ڀارت جا ليکڪ تہ آھن پر سنڌ جي شھر ڪوٽڙيءَ جو علي محمد رند عرف علي بابا ناھي.! پوءِ ڪيئن چئجي ٿہ مان وارن سان ملو؟ ڇا علي بابا، مان وارو نہ ھو جو ھن ڪتاب ۾ اسان کي ڪٿي بہ نہ مليو.؟

توھان سوچي رھيا ھوندو تہ اُھو ڪيئن ؟ تہ سچ آئون بہ ھنَ وقت اُھو ئي سوچي رھيو آھيان، تہ ھِنَ ليکڪ نصير مرزا ائين ڇو ۽ ڇا لاءِ ڪيو ؟ ڇا اُھا پبلشر جي غلطي آھي.؟ يا محض سھيڙيندڙ مرزا صاحب کان غلطي ٿي وئي آھي.؟ پر غلطي بہ ايڏي وڏي! ڳالھ منھنجي سمجھ کان تہ گھٽ ۾ گھٽ پري آھي، جو آئون اُھو چوان تہ محض پبلشر کان يا ھن صاحب کان ايڏي وڏي غلطي ٿي ھوندي.!

ھتي ھڪڙي ڌيان ڇڪائيندڙ ڳالھ اُھا بہ آھي تہ علي بابا جو ذڪر تہ ڪونھي پر پي ٽي وي جي پروڊيوسر ھارون رند جو انٽرويو ضرور شامل آھي جنھن کي علي بابا، جي ڊرامن ڪٿان کان ڪٿي پھچايو.

اڳتي ھلي ساڳي انٽرويوءَ ۾ ھارون رند جي اڳيان اُنھن ڊرامن جو ورجاءَ بہ ڪري ٿو جن ۾ ٻئي نمبر تي علي بابا جو اُھو ڊرامو بہ ٻڌائي ٿو جنھن ڊرامي کي ميونخ جرمني ۾ ايوارڊ ڏنو ويو ھو! اوھان پاڻ ئي پڙھي ڏسو،

نصير مرزا جو سوال: ”دنگي منجھ درياھ “ مينونخ مان ٽيون انعام کٽي آيو. سنڌي ڊرامي جي لاءِ ظاھر آھي اُھو وڏو اعزاز آھي. ھن ڊرامي جي سلسلي ۾ ڪو دلچسپ واقعو.؟“

ھارون رند جو جواب: ”ھن ڊرامي جي سلسي ۾ ھڪ دلچسپ ۽ مزيدار ڳالھ ٻُڌ! علي بابا جو ڊرامائي تشڪيل ڏنل ڊرامو” گُل ڇوڪري“ پسند جي لحاظ کان ڏاڍو ٿڌو رھيو ھو ۽ مقبوليت نہ ماڻي سگھيو.! علي بابا، ان جي ردِعمل ۾ چئلينج سمجھي ھي ڊرامو لکيو ھو ۽ اسڪرپٽ ڏيندي چيائين … ھا وٺ! ”علي بابا، وڏو ڊرامو بہ لکي سگھي ٿو.“ ” ڊرامي جي ڪاسٽنگ جو مرحلو آيو تہ عليءَ مکيہ ڪردارن لاءِ قربان جيلاني ۽ پروين اڪبر کي کڻڻ لاءِ سخت ضد ٻڌو. جڏھن تہ منھنجو موقف ھو تہ اِھي آرٽسٽ بيشڪ سٺا آھن… پر صرف شھري زندگيءَ وارن ڊرامن لاءِ. موٽ ۾ علي بابا سخت ڪاوڙيو ۽ مون کي ٿرڊ ڪلاس ھدايتڪار جو لقب ڏنائين . بھرحال ڪاسٽنگ وري مون پنھنجي مرضيءَ سان ڪئي ۽ زرينہ بلوچ نور محمد لاشاريءَ ھن ڊرامي ۾ ڪم ڪيو. سندن ڪم ڏسي پوءِ ساڳي علي بابا مون کي نہ فقط کوڙ واڌايون ڏنيون پر گھڻو خوش بہ ٿيو.“

مون انٽرويوءَ جو ڊگھو اقتباس فقط اُن لاءِ ڏنو جيئن مٿين ڳالھ کي وڌيڪ تاريخي روشنيءَ ۾ ڏسي سگھجي.! ھن ڪتاب ۾ نہ صرف نصير مرزا علي بابا کي ياد نہ رکيو آھي پر سندس ڪُٽنب جي فرد بہ يعني ھارون رند بہ علي بابا  کي وساري ڇڏيو آھي.! توھان سوچيندا ھوندو تہ جيڪڏھن ھارون رند علي بابا، رند کي انٽرويو ۾ وسارڻ جي ڪوشش ڪئي تہ مٿيون ذڪر سو ڪيئن؟ سوال واجب آھي.جڏھن اسين سڄي انٽرويوءَ جو جائزو وٺون تہ مٿيون ذڪر انٽرويوءَ جي آخر ۾ (جنھن تي انٽرويو جو اختتام ٿئي ٿو) حادثاتي طور آيل آھي.! جيڪو فقط دنگيءَ منجھ درياھ ڊرامي تان ھارون رند توھان اسان اڳيان ڪيو آھي! نہ تہ سڄي انٽرويوءَ ۾ اڳ علي بابا جو ذڪر ڪٿي بہ نہ ڪيو ويو آھي.

مثال وٺون ٿا. نصير مرزا، ھارون رند کان سوال ڪري ٿو، توھان ٽي ويءَ تائين ڪيئن پھتا؟ تہ ان تي ھارون رند جواب ڏي ٿو، ” فن جي ميدان ۾ اچڻ سڀاويڪ ھو ڇو تہ مون جنھن گھر ۾ اکيون کوليون ھيون ان ۾ اڳ ئي فن ۽ فنڪار موجود ھئا. ساقي ۽ عبدالڪريم بلوچ منھنجا چاچا آھن ۽ منھنجي فني تربيت ۾ سندس ئي وڏو ھٿ آھي“ توھان ھتي ڏٺو تہ ھارون رند فن ۽ فنڪار موجود ھئا جي ڳالھ ڪئي! جنھن ۾ ھن ساقي ۽ عبدالڪريم بلوچ جي ڳالھ پڻ ڪئي جڏھن تہ  ٻئي پاسي ساقي ۽ عبدالڪريم بلوچ علي بابا جا سڳا سوئٽ ھئا.! ھاڻ ڇا علي بابا فن ۽ فڪر جو فنڪار نہ ھو،؟ ھتي ھي سوال باقي رھي ٿو تہ ايڏي وڏي ماڻھوءَ کي ڪھڙي لحاظ سان ھِنَ ڪتاب ۾ ۽ ھارون رند جي انٽرويو ۾ بہ نظر انداز ڪيو ويو.؟ جڏھن تہ ھارون رند جي مرتبي جي ساک خود نصير مرزا ڪجھ ھنن لفظن ۾ ساڳي انٽرويو ۾ ھِنَ انداز ۾ ڪري وڃي ٿو. ” ناڪيلي، دنگي منجھ درياھ، ڏات جي ڏيھ ۾، جاچ، راڻيءَ جي ڪھاڻي ۽ ٻيا ڪيئي ڊراما ڏسندڙن ۾ سندس مان مٿاھو ڪري چڪا آھن“ توھان ھتي ڏٺو تہ علي بابا جي مشھور ڊرامي دنگيءمنجھ درياھ جو ذڪر خود نصير مرزا ڪري ويو!

ترسو ھي نصير مرزا جا  لفظ بہ پڙھندا ھلو جيڪي ھِنَ علي بابا لاءِ سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران علي بابا جي تعزيتي ڪانفرنس ۾ چيا ھا ” علي بابا جي چئن لفظن ۾ ايڏي طاقت آھي جو آسمانن کي لوڏي ٿو وجھي.!“ ھاڻ سوال اھو آھي تہ ڪتاب ۾ تصوير ئي صرف ڇو ڏني وئي ۽ انٽرويو ڇو نہ ڏنو ويو؟ علي بابا جھڙي ايڏي وڏي ڪردار سان ايڏي وڏي زيادتي.

____________

رشيد احمد خاصخيلي ڄامشوري سنڌ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button