لطيف شناسي؛ الا! جُنگَ جِيئَنِ _ سُر بلاول جا مُک ھيرو سخي جادم جکرو ۽ ابڙو اڙٻنگ
سخي جادم جکرو ڏاتار آھي ۽ ابڙو اڙٻنگ سامن تي سر ڏيندڙ سورمو۔ ھڪڙو مال ٿو لُٽائي تہ ٻيو وري جان۔ سر بلاول جو پھريون ھيرو سخي جادم جکرو، سمورن مسڪينن کي نوازي ٿو۔ جڏھن تہ سر پرڀاتيءَ جو ھيرو، سخي ڄام سپڙ رونجهو لس ٻيلي ڌڻي، صرف سازندن جو قدردان آھي۔ ان ڪري ڪينرو وڄائيندڙ سازندا سندس درِ سوالي ٿي اچن ٿا ۽ پل ڀري وڃن ٿا۔ پر سخي جادم جکرو عام مسڪينن، غريبن، بيواھن، نادارن ۽ اٻوجهن جو ڀرجهلو آھي۔

ڊاڪٽر خادم منگي
لطيف سائينءَ جي اڪثر پارکن، جن ڀي رسالا مرتب ڪيا آھن، تن جي نظر ۾ سُر بلاول، لطيف سائينءَ جي رسالي جو آخري سُر آھي۔ پر علامہ آء آء قاضي وري سُر سھڻيءَ کي آخري سُر طور جاءِ ڏني آھي۔ سندس خيال آھي تہ سُر سھڻي لطيف سائينءَ ان وقت سرجيو ھو جن ڏينھن ۾ پاڻ ذھني طور انتھائي بالغ ھئا۔
بلاول راڳڻي آھي ۽ ھنڊول راڳ جي استري آھي۔ صبح جو ڳائبي آھي۔ گرو نانڪ جي گرنٿ صاحب جا اڪثر ڀڄن بلاول ٺاٺ ۾ ڳايا ويندا آھن۔ ڪيترائي ھندستاني فلمي گانا بہ بلاول ٺاٺ ۾ ڳايا ويا آھن۔
سُر ڪلياڻ کان وٺي سُر بلاول تائين ٽيھ ئي سُر راڳ آھن۔ لطيف سائين سنڌ ۾ راڳ کي عام ڪرڻ چاھي ٿو۔ راڳ ذريعي ھڪ تحريڪ ۽ تنظيم جو قائل آھي۔ ھو پنھنجا آدرش ڪردار سماج مان ئي ڳولهي لھي ٿو۔ ھو چاھي ٿو تہ سڀ ماڻھو اھڙا ئي ڳڻائتا ٿين، جھڙا سندس ھي ھيروز آھن۔ توڻي جو ان مان hero worship جو عنصر ملي ٿو۔ پر شايد صديون اڳ اھو ضروري بہ ھو۔ لطيف سائين سمورن واقعن کي ڌرتيءَ سان جوڙي ٿو۔ سندس ڳالهيون قياس تي مبني ناھن۔ حقيقي ڳالهيون ڪري ٿو۔ پاڻ وڃي انھن علائقن مان تحقيق ذريعي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، اصل ڳالهہ جو ڳر ڪڍي اچي اسان آڏو رکي ٿو۔ ڪردارن کي ڪنھن خاص ڪسوٽيءَ تي پرکي ٿو۔ جيستائين ڪو بہ ڪردار سندس مقرر ڪيل parameters تي پورو نہ ٿو لھي، تيستائين انھن جي باري ۾ ھڪ سِٽ بہ نہ ٿو لکي۔ ڀلي پنھنجي دؤر جا وڏا پھلوان، مالدار، بادشاھ يا شھزادا ڇو نہ ھجن، پر جي منجهن ڪو لڇڻ ڪونھي، ڪو اعلا انساني ڳڻ نہ اٿن تہ سمجهو ڪنھن ڪم جا ناھن۔ لطيف سائين اھڙن ڪردارن کي ويسر جي dust bin ۾ اڇلائي ڇڏي ٿو۔ پر جي ڪو ڪردار کيس موھي ٿو تہ مٿس بيت ڇا، داستان ڇا، پورا سُر ٿو لکي۔ ھڪ سسئيءَ تي وري پورا پنج سُر لکيا اٿائين۔ سسئي لطيف سائين جو آئيڊيل ڪردار تہ آھي ئي آھي، پر لڳي ٿو تہ سسئي، لطيف سائين پاڻ ئي آھي۔ يا متان وري انھيءَ مان مراد خوشحال سنڌ جا بدحال ۽ ستل ماڻھو ھجن۔ جيڪي ان دؤر ۾ بہ ننڊ ۽ آرام جي ڪري پنھنجو سڀ ڪجهہ وڃايون ويٺا ھئا۔
ڪلھوڙن جي دؤر جي، دھلي درٻار ۽ ايراني لٽيرن کي ڏن ڀري ڏيندڙ سنڌ، لطيف سائين جي آئيڊيل سنڌ ناھي۔ ان ڪري ھو ٽائيم مشين time machine ذريعي، اتھاس جي گوناگون گهٽين ۾ صديون پوئتي وڃي، وقت جي دز ھيٺان دٻجي ويل ڪردارن کي ٻاھر ڪڍي، ڇنڊي ڦوڪي، صاف سٿرو ڪري، عوام آڏو پيش ڪري ٿو۔ عوام کي انھن ھيروز جي آئيني ۾ سنڌ جو اصل چھرو ڏيکاري ٿو۔ لطيف سائينءَ جو ڪردارن سان رشتو سطحي، اڇاترو ۽ روايتي ناھي، پر ساڻن تمام گهڻو جذباتي تعلق آھي۔ ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين سان سندس عشق جون پاڙون جرِ کتل آھن۔ ھو ھر ڪردار ۾، پاڻ سمائجي وڃي ٿو۔ منجهن محبت، مزاحمت، ۽ ٻيا اعلا انساني ڳڻ ڳولهي ٿو۔ جيڪي صديون اڳ جيان اڄ بہ سمورن ماڻھن کي جدوجھد لاء اتساھين ٿا۔ ماڻھن ۾ خوبيون ڳولهڻ بہ ھڪ خوبي آھي ۽ منجهن عيب ڳولهڻ بہ ھڪ عيب آھي۔
ڪنھن ڪردار جو ذڪر صرف ھڪ بيت ۾ ڪيو اٿائين، جيئن گاروڙي جوڳي، جن جهوناڳڙھ جلايو ھيو۔ ڪنھن جو ذڪر وري پوري داستان ۾ ڪيو اٿائين جيئن سر ڏھر ۾ جسودن واپاريءَ جو، يا لاکي ڦلاڻيءَ جو۔ ايئن ئي ناڪاري ڪردارن تي بہ لکيو اٿائين۔ جيئن بلاول سُر ۾ علاءُالدين خلجي، جنھن سنڌ تي ڪاھ ڪئي ھئي ۽ انيراءِ جو ذڪر جنھن راءِ ڏياچ جو سِر لڻايو ھو۔ چوڻ جو مطلب اھو آھي تہ جنھن جو جيترو ميرٽ ٺھي ٿو، تنھن کي اوتري جاءِ ڏني اٿائين ۽ وري جيڪو جنھن خاني ۾ فٽ ٿئي، ان کي انھيءَ خاني ۾ ئي رکيو اٿائين۔
سُر بلاول جا مُک ھيرو سخي جادم جکرو ۽ ابڙو اڙٻنگ آھن۔ سخي جادم جکرو ڏاتار آھي ۽ ابڙو اڙٻنگ سامن تي سر ڏيندڙ سورمو۔ ھڪڙو مال ٿو لٽائي تہ ٻيو وري جان۔ ھتي ٻنھي ڪردارن جي الڳ الڳ اپٽار ڪندا سين۔
سر بلاول جو پھريون ھيرو سخي جادم جکرو، سمورن مسڪينن کي نوازي ٿو۔ جڏھن تہ سر پرڀاتيءَ جو ھيرو، سخي ڄام سپڙ رونجهو لس ٻيلي ڌڻي، صرف سازندن جو قدردان آھي۔ ان ڪري ڪينرو وڄائيندڙ سازندا سندس درِ سوالي ٿي اچن ٿا ۽ پل ڀري وڃن ٿا۔ پر سخي جادم جکرو عام مسڪينن، غريبن، بيواھن، نادارن ۽ اٻوجهن جو ڀرجهلو آھي۔ سندس راڄ ۾ ڪڇ، ڀٽ ۽ ھالار جبل اچن ٿا. ان ڪري لطيف سائين کيس ڪنھن مھل ڪڇ ڌڻي، ڪنھن مھل ھالار ڌڻي تہ وري ڪنھن مھل ڀٽ ڌڻي چوي ٿو۔ جيئن جسودن کي ڍور ڌڻي، ڄام سپڙ کي ٻيلي ڌڻي، ڄام پنھونءَ کي ھاڙھي ڌڻي چئي ٿو۔ لفظ “ڄام”، سمن جو لقب آھي۔ ابڙا، راھو، جکرا، ھوٿياڻي، رونجها ۽ لاکا ھي ڪجهہ سمن جون اھي ذاتيون ۽ نکون آھن جن جو رسالي جي ھن سر بلاول ۽ ڪجهہ ٻين سرن ۾ ذڪر آھي۔ ٻانھي خان شيخ ھڪ بيت ۾ جوڻيجن جو بہ ذڪر ڪيو آھي۔ باقي ھونءَ تہ سماٽ ۾ سوين ذاتيون اچي وڃن ٿيون۔ پر ذاتي طور مان ان ڳالهہ جو قائل ئي ناھيان تہ ڪو ذات جي بنياد تي تفريق ڪجي يا ڪا فوقيت ڪجي۔ سڀ آدمي آھيون معنا ڏاڏي آدم جي اولاد آھيون۔ سڀ homosapiens آھيون۔
لطيف سائين جون اڪثر سورميون ۽ سورما، سومرن ۽ سمن جي دؤر جا آھن۔ لطيف سائين جا، عرب سخي حاتم طائيءَ وارا قصا ضرور ٻڌل ھوندا۔ پر پنھنجي رسالي لکڻ لاء ڪردار، سنڌ جي مردم خيز مٽيءَ مان ٿو چونڊي۔ مقامي، علاقائي ۽ ديسي ڪردار، اوپرا نہ لڳندا آھن۔ ان ڪري دل ۾ گَهر ڪري ويندا آھن۔
“ابڙو، وڏوَڙو، سُوڙو، سمون سونھن سڀن۔
تنھن درِ سڀُ اچن، ڪنڌ نہ ڪڍي ڪَڇَ ڌڻي۔”
وڏوَڙو ماڻھو، وڏَگردي وارو ٿيندو آھي۔ درياھ دليءَ جو مظاھرو ڪندو آھي، لائقن ڀريو ھوندو آھي۔ سندس سخاوت جي ھاڪ ملڪان ملڪ مشھور ھوندي آھي۔ اڳي ملڪن جون ڪي حدبنديون اڄ وانگر ٿوروئي ھوندیون ھیون۔ ۽ اچڻ وڃڻ تي بہ ڪا جهل پل نہ ھوندي ھئي۔ اڳي غربت بہ ڪجهہ سرس ھوندي ھئي ۽ جيڪو جتان ٻڌندو ھيو، اھو اتان ھلندو ھيو۔ ان ڪري ھن ڏاتار جي در تي جيڪي بہ سوالي اچن ٿا، انھن سڀني جا سوال پورا ڪري ٿو۔ سوالين جي کاڌي پيتي کان وٺي سندن ٻين سمورين گُهرجن جو پورائو ڪري ٿو۔ مسافر، مھمان يا سوالي اڃا گرڙي مَس ٿا ڪن تہ کاڌو آڻي اڳيان ٿو رکي۔ ھونءَ ڀي اڪثر مھمان کان پھريون سوال مانيءَ جو پڇبو آھي۔ پر منھنجو خيال آھي تہ مھمان ۽ مسافر کان ماني پڇبي ئي ناھي، جيڪا جائي جوئاري ٻچن سان آھي، آڻي اچي اڳيان رکبي آھي۔ ڀلي کائي يا نہ کائي۔ ماني ٽِڪي کارائي پوءِ ئي حال احوال ڪبو آھي۔ خوش خيرعافيت پڇبي آھي۔ ابڙي وٽ ڪا بہ تفریق ناھي۔ رنگ، نسل، ذات پات، ڪڙم قبيلي، علائقي، ٻولي، عقيدي ۽ فرقي جي بنیاد تي ڪا بہ ٻہ اکیائي نہ ٿو ڪري۔ مونکي لڳي ٿو تہ ھي سمن جي غلامداري ۽ جاگيرداري دؤر ۾ Sindhi communes ھئا۔ جتي سڀ گڏجي رھندا ھئا، گڏجي کائيندا ھئا ۽ گڏجي سڀني وسيلن جي برابريءَ جي بنياد تي يا کڻي ضرورت جي بنياد تي ونڊ ورڇ ڪندا ھئا۔ سنڌي ماڻھو ھي عمل جنت جي لالچ ۽ دوزخ جي خوف کان نہ ڪندا ھئا۔ پر پنھنجي ذميداري سمجهي ڪندا ھئا۔ بيبي رابعہ بصريءَ جي ھڪ ھٿ ۾ پاڻي ۽ ٻئي ھٿ ۾ باھ ھئي۔ ماڻھن پڇيس ڪيڏانھن؟ چيائين جنت کي باھ سان ساڙڻ ۽ دوزخ کي پاڻيءَ سان وسائڻ ٿي وڃان تہ جیئن ماٹھو چڱايون ۽ نيڪيون خوف ۽ لالچ ۾ اچي ڪري نہ ڪن۔
ھونءَ بہ “ڏيڻ” دل جي ھيٺان ٿيندو آھي۔ پر وري ڏيڻ ئي سموري ڪائنات جو محور آھي۔ ديا ڪيو ۽ دان ڏيو، واري پاليسي ھن سڄي سرشٽيءَ جو محور آھي۔ وٺڻ وارا، ڦُرڻ وارا ۽ لُٽڻ وارا الائي ڪيترا مري کپي ويا۔ انھن جا تہ ھڏا بہ ڳري ويا۔ ڪو سندن نالي وٺڻ وارو بہ ڪونھي۔ قارون کان وٺي شداد تائين، مڪيش انباڻيءَ کان وٺي ايلن مسڪ تائين، بل گيٽس کان وٺي ميان منشا تائين ۽ ٽاٽا کان وٺي برلا تائين، ھنن سڀني مالدارن، نادار ماڻھن جي واتن تان گرھَ بہ لاھي پنھنجون ٽجوڙيون ڀريون آھن۔ ڦُرڪئي آھي۔ ٽيڪس چوري ڪيو آھي۔ ھي ھٿيارن جي زور تي ڏوھ ڪندڙن کان ھزار دفعا وڌيڪ خطرناڪ آھن۔ پر مان تہ چوندو آھيان تہ ھر ڏوھ جا پيرا سندن ئي در تي کُٽن ٿا۔ ھي پنھنجي وقت جي ظالم حڪمرانن جا financers آھن۔ اليڪشن جا سڄا خرچ اھي ڀرين ٿا۔ ھي ڏوھاري سياستدانن جا ATM cards آھن۔ دنيا کي جنگين جي اوڙاھ ۾ ڦٽو ڪري، انھن پاڻ ويھي مال غنيمت ميڙيو آھي۔ دنيا کي بک، بيروزگاري، بيمارين، جھالت، ذلت ۽ دربدريءَ جي دوزخ ۾ اڇلي، پاڻ ويھي عياشيون ڪن ٿا۔ ڌرتيءَ کي war goods sellers ۽ consumer goods sellers جي اجگر بلائن جي منھن ۾ ڏئي، پاڻ وري ٻين plannets تي زندگي ڳولهڻ نڪتا آھن۔ ماڻھن جون گھرجون پوريون ڪونہ ٿيون ٿين، ھي پنھنجون لالچون پوريون ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ آھن. نشي جي سمنگلنگ کان وٺي زمين جي والار تائين سڀ ڏوھ سندن ئي کاتي ۾ آھن۔ ڪاش! لطيف سائين ھن دؤر ۾ ڄمي ھا تہ ھنن سڀني جي لاک لاھي ھا۔ جيڪو ماڻھو ھاڪاري ڪردارن جي ساراھ ڪري سگهي ٿو اھو ئي ايمانداريءَ سان ناڪاري ڪردارن جي مٽي پليت بہ ڪري سگهي ٿو۔ گهٽ ۾ گهٽ ايڪويھين صديءَ ۾ تہ ڪو ڪنھنجو ڳيجهو نہ ھجي۔ وسيلن ۽ ناڻي جي ورڇ تہ گهٽ ۾ گهٽ برابريءَ جي بنياد تي ھجي۔
ان ڪري لطيف سائين سمي کي مثالطور پيش ڪري ٿو ۽ ان جو سبب بہ ٻڌائي ٿو۔
“سما! تو سِرَ ڇَٽُ، ناتَ پاڳارا پُرۡسَ ٻِيا؛
ڳَھَڻَ! تُنهِنجي ڳَڃَڙي، اچي جالَ جَڳٽُ؛
جِنِ جيھا ئِي پَٽُ، تِنِ تيھا ئِي بِکِيا.”
سنڌي ۾ چوڻي مشھور آھي تہ سرمو سڀ ڪا پائي، پر اک اک جو ڦير۔ ان ڪري پڳ بہ ھرڪو پائيندو آھي پر پڳ اصل ۾ سونھين ان کي، جيڪو ان جو حق ادا ڪري۔ ويھن والن جو پٽڪو پائڻ سان ڪو ماڻھو وڏو نہ ٿي ويندو آھي۔ وڏو ماڻھو اھو آھي، جنھن جي عمل مان ماڻھو فيضياب ٿين۔ جيڪو ھڙان وڙان ماڻھن جي مدد ڪري۔ دامين، درمين ۽ سُخنين منجهيل ماڻھن سان گڏ بيھي۔ ان ڪري ھيءَ پڳ سمي جي مٿي تي تاج وانگر سونھي ٿي، ڇو جو ھو اَڙين جو آڌار آھي۔ ھن ڳَھڻ/ سوني زيور وانگر جرڪندڙ شخص، جنھنکي جيڪر ھار ڪري پائجي، جي ڳڱڙي/ در تي جال/تمام گهڻو جڳت/عوام اچي ٿو۔ ھتي جنھنجي پٽ/من جي ڪِشتي ۾ جھڙو سوال يا منشا آھي، تنھنکي تھڙي بکيا/ مدد ملي ٿي۔ مطلب تہ ھر ماٹھوءَ جي ھر مراد پوري ٿئي ٿي۔ انسان جو ڪم آھي ٻئي انسان جي مدد ڪرڻ، بکايل کي ماني کارائڻ، بيمار جي تيمارداري ڪرڻ، جن جا لٽا ڪپڙا ڦاٽي ٿڳڙيون ٿي وڃن تن کي شالون ڍڪائڻ ۽ ڏکئي وقت ۾ ڦاٿل ماڻھوءَ لاءِ سَھنجائي پيدا ڪرڻ وغيره۔ جادم جکرو سمو، اھي سڀ ڪم ڪري ٿو۔ ان ڪري سڀني ماڻھن مان کيس وڌيڪ اوچو مقام مليل آھي۔
“سمو تِنِ سَڏَ ڪري، جِنِ تي وڏو ويرُ؛
اُٿي تہ آجِي ٿِيان، پائي پاکوڙي پيرُ؛
تو رِءَ ٻِيو ڪيرُ، سَرَڻِيُنِ جا سوٺا سَھي.”
سَمي لاء ھونءَ بہ مشھور آھي تہ ھو اُنھن کي سڏي نوازيندو آھي، جن تي ڪو ڏکيو وقت آيل ھوندو آهي. ھاڻي مون لاء هو رڳو پاکڙيءَ/جتيءَ ۾ پير پائي اُٿيو تہ سمجهو آئون آفت کان آجي ٿي ويس۔ (ڪجهہ ماٹھن ۾ ايڏو تہ سڀاءُ ھوندو آھي جو ھو جنھن مسئلي ۾ ھٿ وجهندا آھن تہ مسئلو حل ٿي ويندو آھي۔ ھھڙن جا ھاريا بہ ٻيڻا ٿي ويندا آھن۔) اڃا بہ سولو ڪري سمجهائجي تہ ڪن ماڻھن لاءِ ايئن بہ چئبو آھي تہ ”بس رڳو اٿي پون تہ سمجهو ڪم ٿي ويو۔” اي سما! تو کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪير آھي، جو اسان جھڙن منجهيلن جا بارَ سِر تي کڻي؟
“سرَڻِيُنِ جا سوٺا سَھي، وَسِيلو وِلَھنِ؛
لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئي، اَڳِيان لالُ لَکَنِ؛
جِتِ ڪوڙين ڪِينَ ڪُڇَنِ، اُتِ پاٻوهي پَڌِرو.”
ھو منجهيلن جا بارَ ٿو کڻي ۽ مسڪينن، بي يار و مددگارن جو آسرو آهي. لکين سوالين ھوندي بہ سندس دل کي لوڏو ئي ناھي. جتي ڪروڙين ماٺ ۾ هجن، اتي سندس مرڪ ئي پڌري آهي.
ڏٺو وڃي تہ جيڪو نادار لاءِ وڏي ۾ وڏو مسئلو آھي سو مالدار لاءِ ناھي۔ جيڪو بيمار لاءِ مسئلو آھي اھو صحتمند لاءِ ناھي۔ مسئلو پنھنجي پر ۾ ھڪ relative term آھي۔ پيدل ھلڻ واري لاءِ ڳوٺ کان شھر وڃڻ وڏو مسئلو آھي۔ سواريءَ وارو جُودَ ۾ سمنڊ پار کان ٿي موٽي بہ ايندو۔ ان ڪري اڪثر مسئلا معاشيات سان جڙيل آھن۔
لطيف سائين، سخيءَ جي موجودگيءَ کي ايئن ٿو سمجهائي، جيئن رڻ جهاڳيندي ڪا کھي لڀي پوي۔ يا ٿر ۾ ڀٽڪندي ڀٽڪندي ڪو تلاءُ۔ سخيءَ جي پاڻيءَ سان تشبيھ مونکي ڏاڍي پسند اچي ٿي۔ پاڻي معنا زندگي ۽ سخي معنا بہ سمجهو زندگي۔
“تڙ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِھارِجِ سَڀَرو؛
ڏِيندُءِ لَکَ، لَطِيفُ چَئي، راڄَ راهُوءَ جي رَسُ؛
وِلَھا جنھن وَنھيا ڪَيا، پاڳَ تَنھنجِي پَسُ؛
ڪوڙين لاهي ڪَسُ، جي ڳالهائي ڳاٽُ کڻي.”
اي ضرورتمند! تون تڙ تڙ تي ترسي اُڃ نہ اُجهاءِ، پر هڪ ئي سڀرو چشمو وڃي چتاءِ. تون رڳو راهوءَ جي راڄ ۾ وڃي پھچ تہ هو توکي لک ڏيئي ڇڏي. جنھن سڃا ساوا ڪيا. تنهن جي ڇٽ جو وڃي ديدار ڪر. جي هو رڳو ڪنڌ مٿي ڪري سئين منھن ڳالھائي تہ بہ ڪروڙن دلين تان ڪٽ ميساريو ڇڏي۔
ھي ڪھڙا ڪردار ھئا؟ ڇا تہ رڄ مڙس ھئا! اوطاقي ھئا۔سندن صرف موجودگي ئي ھزار مسئلن جو حل ھئي۔ خير، اڳي ڏيڻ جو انداز ٻيو ھوندو ھيو ھاڻي ڪجهہ ٻيو آھي۔ ھاڻي philinthropist پاران تعليم ۽ صحت جي مد ۾ مدد ڪئي وڃي ٿي۔ پاڻ اھڙا ادارا ڏٺا سين جيڪي ماضيءَ ۾ اھڙن مڙسن جوڙايا۔ سيتل داس ۽ چيلا سنگهہ ڪاليج، اڌو داس تارا چند اسپتال، ناز ھاءِ اسڪول، ڊي جي سائنس ڪاليج، رٿ فائو لپروسي سينٽر، ايس آء يو ٽي وغيره ھي ادارا عام انسانن جون خدمتون ڪندا اچن ٿا۔ ان ڪري اڄڪلھ مدد ڪرڻ جو انداز نرالو ٿي پيو آھي۔
داستان ٻئي ۾ بہ جادم جکري جو ئي بيان آھي۔
“جکرو جس کرو، ٻيا سڀ انيراءِ۔
جئان جڙيو جکرو، تئان جڙن نہ ٻيا۔
مٽي تنھن ماڳان، اصل ھئي ايتري۔”
لطيف سائين ڇا تہ خراج پيش ڪيو آھي۔ پنھنجي دؤر جي عظيم ماڻھن کي ايئن ئي شانَ مانَ سان ڳائبو آھي۔ جکرو ڳڻائتو، وڙائتو، قربائتو ۽ قربانيءَ جو پتلو آھي۔ انيراءِ ھڪڙو واھيات قسم جو ساڙيلو ۽ سازشي ڪردار آھي۔ جکري کي ڏينھن جو سج ڪري پيش ڪيو اٿائين ۽ انيراءِ کي رات جي ڪاراڻ۔ جکري کي گل ڪري پيش ڪيو اٿائين ۽ انيراءِ کي ڪنڊو۔ جکري کي خوشبوءِ ڪري پيش ڪيو اٿائين ۽ انيراءِ کي بدبوءِ۔ اھو سڀ ڪجهہ ان ڪري آھي تہ جیئن خبر پئي تہ انسان دوستي ۽ انسان دشمني ۾ ڪھڙو فرق آھي؟ جکرو ماڻھن کي جيئدان ڏي ٿو ۽ انيراءِ ماڻھو مارائي ٿو۔ جنھن ھڪ شخص کي بچايو ان درحقيقت پوري انسانذات کي بچايو۔ ۽ جنھن ھڪ شخص کي ماريو يا مارايو اھو پوري انسانذات جو قاتل آھي۔
“ڏٺي جادم جکري، چِت نہ ٻيا چڙھن۔
تہ ڪِي کوھ کڄن، جي سَرُ لڀي سڀرو؟”
ڇا تہ تشبيھ آھي۔ جادم جکري کي سَر/ تلاءَ سان تشبيھ ڏيڻ۔ تلاءَ جھڙي ڪشادگي سندس وسيع قلبي، وڏماڻھائپ، ۽ دورانديشي واري شخصيت مان بکي ٿي۔ جڏھن تہ کوھ مان اونھائي ۽ اندر جي سوڙھائپ نظر اچي ٿي۔ انڪري جڏھن پنھنجو سخي مڙس اکين آڏو آھي تہ شوم ماڻھن کي ياد بہ ڇو ڪجي؟ سڀرو لفظ اڀري جو ضد آھي سڀرو معنا تازو، توانو، موڪرو، ڪشادو، موچارو، صحتمند ۽ مضبوط۔ ٻيلي ۾ جيڪو شاھ وڻ ھوندو آھي ان کي سڀرو وڻ چئبو آھي۔
”ھٿان جادم جکري۔ وٿي وچ مَ پوءِ۔
پي پي سو پُر ٿيو۔ جو حاتم پاسي ھوءِ
ڪيف ڌاران ڪوءِ، جيئي ڪو مَ جھان ۾۔”
شل نہ ڪو سرور ۽ سرمستيءَ کان سوا جڳ ۾ جيئي۔ جڳ آھي ئي چئن ڏينھن جو چٽڪو ان ۾ بہ ماٹھو مري مري جيئي تہ ڇالاءِ جيئي؟ ”موت کا ایک دن معین ہے۔” تہ پوء روز روز ڇو مرجي؟ اڄوڪي ڏينھن، ھينئر ۽ ھاڻي ڇو نہ جیئجي؟ جادم جکري جي محفل ۾ سمورا پيئاڪ پرباش ٿي ويندا ھئا۔ جيئن عربستان ۾ حاتم جي سخا مشھور آھي تيئن ئي سنڌ ۾ جادم جکري جي۔ جادم کائڻ وارن کي کارائيندو ھيو، پيئڻ وارن کي ايئن پيئاريندو ھيو جو سندن وٽي ھميشہ ڀريل ھوندي ھئي۔ منجهس gap نہ ایندو ھیو۔ ۽ منجهيلن جي ھڙان وڙان مدد ڪندو ھيو۔
”ھٿان جادم جکري، وٿي پوءِ مَ وچ۔
آيو، آيا نچ، سَمي وائي وات ۾ “
سخي، مھمان نواز ۽ ڏيھن جي ڏاتار مڙس کي، ڀلي آيا، جي آيا ۽ نچ آيا جي ٻولي وات ۾ ھوندي آھي۔ جکرو مھمانن جي پنھنجي سر پاڻ آءُ ڀڳت ڪري ٿو۔ اھڙي سخي مڙس جي ڪچھري ڪيئنءَ ڀڃجي جيڪو بنا وِٿيءَ جي وٽيءَ ۾ وجهندو رھي ٿو۔ ۽ چوندو رھي ٿو تہ پيئندا رھو ۽ جيئندا رھو؟
“جي اُڌمِئو اَڄُ، تہ وَسندو سونَ ڦُڙيين۔
ڀانَ تَھين ڏي ڀَڄُ، جالَ ڍَئِيندُئي جَکَرو.”
جيڪڏھن اٿي پيو تہ سون جي ورکا ڪندو۔ اي ڀان! اھڙي سخي مڙس ڏي وڃ۔ گنج ڏيندءِ۔ اصل پل ڀري ڇڏيندءِ۔
“ڏمَرِئو تہ ڏي، پَرَچئو تہ پاٺَ ڀَري۔
جُنگَ جَکَري کي، ٻَئي چَڱيُون چت ۾“
ٻنھي صورتن ۾ ڏي ٿو۔ رسڻ ۽ پرچڻ وٽس ڪا معنا نہ ٿا رکن۔
ان ڪري اھڙن ماڻھن کي شل وڏي حياتي ملي
“الا! جنگ جيئن، جنين اَجهي گهاريان۔
شال مَ سُڪي ويئري، جئان پي پين۔
مرڪڻ! اکڙين، تو ڏٺي مون سُک ٿئي۔“
شل اھا کوھي نہ سُڪي جتان پيئاڪ مٺو پاڻي پيئن۔ جديد دؤر ۾ جيڪڏھن ھن سُر جي relevency ڏسبي تہ ذھن تي نالا اھي ئي تري ايندا جن تاريخ جو رخ موڙيو آھي۔ جن فلسفي، سائنس، ٽيڪنالاجيءَ، سياست، رياضي، معيشت، ڪميونيڪيشن، تعليم، صحت، قانون ۽ انصاف وغيره جي شعبن ۾ نوان نوان نظريا ڏئي، نوان نوان تجربا ڪري انسانذات لاء سھولتون پيدا ڪيون آھن۔ شل انھن جي ڏات ۽ ڏانءَ جا سرچشما نہ سُڪن۔ جتان ايندڙ نسلن جي ذھني آبياري ٿيندي رھي۔
“ايندي لَٿِي اُڃَ، پيرَ پيرِيندي ٺَرِيا؛
مَنجِهہ ويئَرِيءَ سُڃَ، ڪَرَ لڌِي رِڻُ اُڪارِيين.”
اي ڏاتار! تو وٽ ايندي ئي اڃ لھي ويندي آھي۔ ۽ تنھنجي چؤگان ۾ پھچڻ سان ئي پير ٺريو پون. ڄڻ تہ رڻ جھاڳيندڙ کي برپٽ ۾ ڪا کوھي لڀجي پوي۔
علم، دانش، ڏاھپ، گيان، فھم، فراست جي پرچار ڪندڙ يگانن ڪردارن کي ان ڏاتارن جي جاءِ تي رکي پڙھجي تہ خبر پوندي تہ ھي سُر ھن دؤر ۾ ڪيترو relevant آھي۔ “پئي پراڻو نہ ٿئي” واري ڳالهہ مڪمل سمجهہ ۾ اچي ويندي۔ ھو جيڪي امن، انصاف، برابري، سھپ، برداشت، روشن خيالي ۽ ترقي پسنديءَ جا دڳ ڏسين انھن وٽ وڃي ويھجي۔ قحط الرجاليءَ جي دؤر ۾ ڪو ھڪ اڌ اھڙو ماڻھو بہ ملي پوي تہ بہ گنج آھي۔
لطيف سائين کي نہ رڳو تاريخ جي ڊگهي سفر جو شعور ھيو پر کيس مستقبل ۾ سنڌ کي درپيش خطرن ۽ انديشن جو بہ ادراڪ ھيو۔ ان ڪري پاڻ ڪردارن جي چونڊ اھڙي تہ شاندار ڪئي اٿائون جو اھي ھر دؤر جا ڪردار لڳن ٿا۔ اھي ماضيء جي ماضيء ۾ بہ valid ھئا تہ مستقبل جي مستقبل ۾ بہ ايئن ئي valid رھندا۔ سندس ڪردارن جو عمل ۽ فڪر ايندڙ ڪيترن ئي نسلن جي رھنمائي ڪندو رھندو۔ ڪنجوس جي ڀيٽ ۾ دنيا کي سخي اڄ بہ کپن۔ ھونءَ ڏٺو وڃي تہ سڌريل ملڪن ۾ اميرن کان ٽيڪس وٺي غريبن کي relief ڏيڻ، ھن سخاوت جو جديد version آھي۔ پر انھن ملڪن جي حالت ڏينھون ڏينھن ابتر ٿيندي ٿي وڃي، جتي غريبن کي نيپوري اميرن جي مراعتن ۾ اڃا اضافو ڪيو ٿو وڃي۔ اڄ جي دؤر ۾ سوشل ڊيموڪريٽ رياستون ڏاتارن وارو ڪم ڪن ٿيون۔ پر اڃا اڳتي وڌي سماجي اڻبرابري کي ھميشہ لاءِ دفن ڪجي۔
“جکرا! جيئو شالَ، اوھانجو مَدو مَ سُڻان۔
جِئَن تو اچي ڪالَ، آزاريا آجا ڪيا۔”
جيئن ڏاتار تعريف لائق ٿيندو آھي، تيئن ئي وري سامن تي سِر ڏيندڙ بہ پنھنجو مٽ پاڻ ٿيندو آھي۔ ابڙي اڙٻنگ سومرن جون سامون جهليون ھيون۔ روپاھ ماڙيءَ جي تخت تي ويھي حڪمراني ڪندڙ، دودي سومري تي، سندس ڀاءُ، چنيسر جي ڪري ڏکيا ڏينھن آيا۔ چنيسر کي تخت نہ ملیو تہ دھليءَ جي درٻار ۾ وڃي واڳونءَ وارا ڳوڙھا ڳاڙي دانھين ٿيو۔ علاؤالدين کي ريھي ريبي ۽ لالچون ڏيئي سنڌ تي وٺي اچي ڪاھ ڪرايائين۔ علاؤالدين بہ ڪو پورن ڏينھن جو ڄاول ھيو۔ چيائينس تہ تخت تي دودو ويھي يا چنيسر مونکي ڇا ملندو؟ مان ڇو پرائي جنگ ۾ ڪڏي ڪاھي پوان؟ تنھن تي چنيسر ڀاڙيائپ ۽ بي غيرتائپ جو گندو مثال قائم ڪندي کيس پنھنجي ڀيڻ ٻاگهيءَ جي سڱ ڏيڻ جي آڇ ڪري اچي سنڌ تي ڇل چاڙھيائين۔ علاؤالدين اچڻ سان ٻہ اعلان ڪيا تہ تخت چنیسر جي حوالي ڪيو ۽ ٻاگهيءَ جو سڱ منھنجي حوالي ڪيو۔ جي نہ تہ پوءِ جنگ لاء تيار ٿيو۔ چون ٿا تہ هڪ مشير صلاح ڏني ھئي تہ ڇو نہ جیڪر ٻاگهل ٻائي جي جاءِ تي علاؤالدين کي ڪا پنھنجي ٻانھي/نوڪرياڻي پرڻائي ڏجي۔ جنگ بہ ٽري ويندي ۽ نقصان کان بہ بچي وينداسين.
جنهن تي ان محفل ۾ ويٺل ڪنھن ڀان وراڻيس تہ؛ ”جي گولي ويندي گجرين تہ بہ چوندا دودي ڀيڻ.“ ھن ڪھڙي ٻاگهل ٻائي ڏٺي آھي جو کيس سڃاڻيندو؟ ھو تہ ان نوڪرياڻيءَ کي بہ منھنجي ڀيڻ ئي سمجهندو ني۔ ھند وڃي اھا لاف ھڻندو ني تہ سنڌ جي حڪمران، دودي جي ڀيڻ کڻي آيو آھيان۔ ۽ ٻيو تہ پنھنجي ديس جي ھر نياڻي حڪمران جي ڀيڻ ئي ٿيندي آھي ۽ پنھنجي ڪنھن بہ نیاٹيءَ جو وار بہ ڌارئي کي ڏاڍ تي ڇو ڏجي؟ سِر وڃي تہ ڀلي وڃي پر ننگ ڪيئن ڏبا؟ سِر جو سودو ننگن جي سودي کان سھانگو آھي۔ اھو ئي فرق آھي دودي ۽ چنيسر ۾۔ چنيسر سڳي ڀيڻ جو بہ سودو ڪري ايندو ۽ دودو وطن جي ھر نياڻيءَ کي پنھنجي ڀيڻ سمجهندو۔ دودو نالو آھي زندھ ضمير ۽ غيرت جو ۽ چنيسر نالو آھي ضمير فروشيءَ ۽ بيغيرتائپ جو۔
شيخ اياز دودي سومري جو موت جھڙي شاندار opera لکي ڄڻ تہ ھن جنگجو سورمي جو، سنڌي ادب تي چڙھيل قرض لاھي ڇڏيو آھي۔
ھھڙي ٻاگهي ڀيڻ تان لکين دودا ڇو نہ قربان ٿين؟ جيڪا پنھنجي ڀاءُ کي جنگ لاء ھيئن ٿي ھمٿائي۔
“جي تون وڙهندي ماريو ويندين،
هن وستيءَ تان واريو ويندين،
دودا! تنهنجو ساھ ته ويندو،
ماڻھوءَ جو ويساھ نہ ويندو۔
تنھنجا پُٽ نہ تہ، تنھنجا پوٽا،
رھندا توسان پور وڇوٽا۔
تن جي لاء مثال ڇڏي وڃ،
۽ جي چاھين خال ڇڏي وڃ۔
منھنجي لئہ تون جو بہ قبولين،
خلجي، ڪُتو جو بہ قبولین۔“
دودي جا پٽ، ڀائٽيا، دودي سان ٻِٽ ٿي بيٺا۔ جنگين ۾ بيرحمي پنھنجي عروج تي ھوندي آھي۔ مرد وڙھندا آھن ۽ مري ويندا آھن۔ عورتون قيد ٿي وڃي ڪوٽن ۾ پونديون آھن۔ عورتن جي ورھاست ٿيندي آھي۔ ڪا ڪنھنجي حصي ۾ ايندي آھي ڪا ڪنھنجي حصي ۾۔ ڪا باشاھ جي حصي ۾ تہ ڪا نوڪر جي حصي ۾۔ ڪا چاڪر جي حصي ۾ ڪا چوڪر جي حصي ۾۔ قيد ٿيل عورتون سڄي عمر نوڪرياڻيون ٿي گذارينديون آھن۔ گهرن ۾ جانورن جي عزت اڃا ڪجهہ سرس ھوندي آھي۔ اھي ان کان بہ گهٽ سمجهيون وينديون آھن۔ سندن لڄون پائمال ٿينديون رھنديون آھن۔ ھاڻي ڪنھنجي غيرت گوارا ڪندي تہ سندس مرڻ کانپوءِ عورتون سندس دشمن جي ھٿ چڙھن؟ ان ڪري تاريخ ۾ مَردن آخري جنگ ڪرڻ کان اڳ ۾ سڀ کان پھريان پنھنجي عورتن جو، مناسب جاءِ تي رھائڻ جو بندوبست ڪيو آھي۔ مرد جنگ ۾ ھڪ ڌڪ سان مري ويندا آھن۔ عورتون پل پل مرنديون رھنديون آھن۔ عورتون جڏھن ڏسنديون آھن تہ جنگ ۾ سندن سڀ مرد مارجي ويا آھن تہ ڪڏھن ڪڏھن ھڪ وڏو مچ ٻارائي ان ۾ ٽپو ڏينديون آھن۔ ڪي کوھ ۾ ٽپو ڏينديون آھن۔ ڪي زھر کائينديون آھن۔ ڪي وري بر منھن ڪنديون آھن۔ قلوپطره پاڻ کي واسينگ کان ڏنگرايو ھو۔ ڪي تہ وري مرداڻا ويس ڪري جنگ ۾ ڪڏي ڪاھي بہ پونديون ھيون تہ اھڙي جيئڻ کان موت ڀلو۔ سڀني جو مقصد اھو ئي ھوندو آھي تہ جيئن سندن دشمنن کي پاڇو بہ نصيب نہ ٿئي۔ دودي پنھنجي خاندان جون عورتون ڪڇ جي وڏسر واري علائقي جي بادشاھ ابڙي ڏانھن سام ڪري موڪليون۔ ۽ ابڙي سيني تي ھٿ ھڻي چيو “نياڻيون ڀلي اچن۔” منھنجي علائقي ۾ ڪو بہ سندن وار ونگو نہ ڪندو۔
“ڪڇ“لفظ اصل ۾ سنسڪرت ٻوليء جو آھي۔ لفظ ”ڪڇ“ معنيٰ ڪنڌي يا ڪنارو، ڪڇ کي ٽن پاسن کان سمنڊ آھي۔ اتي سنڌيءَ سان ملندڙ جلندڙ ٻولي يا لھجو ڳالھائجي ٿو جنھنکي ڪڇي يا ڪڇڪي سڏجي ٿو. عيسوي ستين صديءَ ۾ ڪڇ ملڪ سنڌ جي صاحبي هيٺ هو ۽ بعد ۾ بہ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ سنڌ جي سمن راجپوتن پنهنجو دیرو ڄمايو هو۔ اڄ سنڌي ٻولي نہ رڳو ڪڇ جا جاڙيجا، لھاڻا ۽ ڀاٽيا ڳالھائين ٿا، پر ڪاٺياواڙ جي اتر واري ڀاڱي ۾ بہ سنڌي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي. ڪڇ جي گاديءَ جي ھنڌ “ڀڄ” جو ذڪر، لطيف سائينءَ سر سارنگ جي طويل بيت ۾ ڪيو آھي۔
ڪڇ ماضيءَ ۾ سرسوتي، پراڻ يا ھاڪڙي درياءَ جو ديس ھيو۔ سنڌ مان اڳي ٻہ درياءَ وھندا ھئا۔ ھڪ سنڌو درياءُ ۽ ٻيو سرسوتي۔ سرسوتي جيڪا ھماليا کان ھلندي، ھريانا، راجستان، گجرات کان ٿيندي اچي ڪڇ جي رڻ وٽان نار ۾ پھچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي ھئي۔ ان ڪري سرسوتي سنڌو، گنگا ۽ برھمپترا وانگر ننڍي کنڊ جي زندھ ندي ھئي ان جو جڏھن رخ موڙي ڪري سندس پاڻي Ganga river system ۽ Indus river system ۾ ورھايو ويو جيئن سُر سھڻيء ۾ چيل آھي تہ ”ڄنگهہ ڄرڪي وات ۾، سسي کي سيسار” تہ سرسوتي واريءَ جو درياءُ ٿي وئي۔ ان جي پاڻيءَ تي آباد ٿيندڙ لڳ ڀڳ پنج سؤ ڳوٺ ۽ شھر ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي ویا، ڏڪرَ پيا، ماڻھو لَڏ پلاڻ ڪري ويا۔ “وسندڙ شھر ويران ڪري وڃي وسائين واھڻ” لطيف سائين ھيءَ سٽ لکي ان درد کي ھميشہ لاءِ ڄڻ تہ شيشي ۾ مڙھائي ڇڏيو آھي۔ وڌيڪ، ان موضوع تي سُر ڏھر پڙھڻ سان، گهڻو ڪجهہ سمجهہ ۾ ايندو۔
سامن تان سر ڏيڻ سنڌي ماڻھن جو وڙ آھي۔ مرد مرندو مري ويندو پر سام پيل نياڻيءَ جو وار بہ ڪنھنکي نہ ڏيندو۔ سام جهلڻ جو مطلب آھي جنگ ۾ سڌي طرح شامل ٿي وڃڻ۔ مخالف حملہ آور جڏھن مُک ماڻھوءَ یا جنگ جي منيءَ کي ماريندو ۽ پاڻ کي فاتح declare ڪندو آھي تہ سڀ کان پھريون سام جهليندڙ جو رخ ڪندو آھي۔ ھڪ ٻئي جنگ لڳندي آھي۔ پھرين جنگ دنگن لاء لڳندي آھي ۽ ٻي جنگ ننگن لاء لڳندي آھي۔ دودي سومري پھريون مورچو سنڀاليو ۽ اڙٻنگ ابڙي ٻيو۔ علاؤالدين جو لشڪر دودي کان تمام گهڻو ھيو۔ خلجي جنگي ساز و سامان ۾ ان وقت جو سپر پاور/ super power ھئا۔ سنڌ پنھنجي دؤر جي سپر پاور سان بہ وڙھي آھي۔ ھن جنگ ۾ خلجين پنھنجي ڳپل فوج مارائي۔ سنڌين، خلجين کي اصل ٽوٽا چٻرايا۔ نڀاڳا ڀيلو مُنھن ڪري، رڻ جي ڌوڙ چٽيندا، وڃي ساڻا ٿي پنھنجي ملڪ پھتا۔ وڃي ڏيھَن کي ڏس ڏنا ھوندائون تہ ياعمر وري سنڌين سان کؤنس نہ ڪجو۔ “ياد ڪندي ٻڪري ڌراڙن جا ڌڪ۔”
ھن جنگ ۾ سومرا سردار، ساھڙ سلطان، ھاسو سوڍو، ممٽ ابڙو، جاڙيجا سردار ۽ ٻيا ڪيترائي ڀرپاسي جا چڱا مڙس، سِر ڏيئي سرھا ٿيا ھئا. ھن جنگ ۾ دودو سڀني جو ڏڍ ۽ ڀرجهلو ھو۔ چون ٿا تہ دودو رُڪ جو سندرو ٻڌي پنھنجو خاص ٽھانگ ھٿيار کڻي، ميدان ۾ شينھن وانگي ڪڏندو آيو۔ جنھن ۾ ست ترارون سميٽيل ھيون. خلجين جي فوج ۾ ڪو بہ اھڙو پھلوان نہ ھیو جیڪو کيس چئلينج ڪري. ساندھ چوڏھن ڏينھن وڙھندو رھيو۔ نيٺ گهر جي دشمن – چنيسر، خلجين جي فوجين کي ھڪ اٽڪل ڏسي، ۽ trap جوڙائي۔ جنھنجي اندر ڀالا کتل ھئا۔ ۽ پوءِ گهوڙيءَ کي ان طرف حرفت سان ڌڪيندا ويا۔ جنھن سان دودي جي گھوڙي ڇلانگ ڏيندي وڃي ڀالن سان لڳي ۽ پوءِ اسانجي سورھيہ ۽ دلير دودي جي جسم کي ڀالن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!
اھڙي طرح ڌوڪي سان شھيد ٿيل ھي سورمو، ڪوپو ۽ ڪنڌار مڙس دنگن تان سر ڏئي سرھو ٿيو۔ ”گھر کا بھیدی لنکا ڈھائے“ وانگر چنيسر پنھنجو نالو غدارن جي لسٽ ۾ لکرائي لعنت جو طوق پاتو۔ ۽ دودو ماڻھن جي دلين ۾ اڄ بہ جیئرو آھي۔ رت جي گردش ۾ روان دوان آھي۔ لطيف سائين ان قصي کي مختصر ئي سھي، پر پنھنجي رسالي ۾ جاءِ ڏني آھي۔
“علاوالدين آئيو، کڻي ڇل ڇڳيرُ،
ڪنھين ڪين ھمٿيو، ڪان جهليندو ڪيرُ۔
سومرن سام کنئي، ابڙي ڪيو اٺ پيرُ۔
ھئو مھائين مِيرُ، پر مستوراتن ماريو۔”
سومرن منجهان ڪو بہ بالغ مرد زندھ نہ بچو۔
دودي کان پوءِ جيئن تہ سندس پٽ سنگهار اڃا صغير ھيو۔ ان ڪري جيستائين وڏو ٿئي تيستائين سندس وڏي ڀيڻ تارا ٻائي حڪومت جون واڳون سنڀاليون۔ تارا ٻائي سنڌ جي پھرين عورت حڪمران ھئي۔
ھھڙي ڏکي وقت ۾ جڏھن پنھنجو پاڇو بہ ساٿ ڇڏي ويندو آھي، تڏھن گڏ بيھڻ ڪنھن ڳڻائتي شخص جو ئي ڪم آھي۔ منجهيل عورتن جي سُک ۽ سندن لڄ کي بچائڻ لاءِ ابڙي سردار، سومرين جي سام کنئي ھئي۔ مونکي حيرت ٿيندي آھي جڏھن سوچيندو آھيان تہ سڀ سماج تہ اڳتي ويندا آھن، پر سنڌي سماج ڪيترو پوئتي ويو آھي! سنڌ جا سوا لک سردار، zero investment سان ويٺا ٿا لکين ڪروڙين ڪمائن۔ سرداري نہ ٿي ڄڻ ڪا مِني فيڪٽري ٿي۔ سرداري توڻي جو جديد سنڌ ۾ ھڪ غير ضروري عھدو ٿي چڪو آھي۔ جيڪو پنھنجي افاديت وڃائي چڪو آھي۔ آئون ذاتي طور ھن کي سنڌ جي ترقيءَ جي راھ ۾ ھڪ وڏي رڪاوٽ سمجهان ٿو۔ پر جيڪڏھن سرداري اڻٽر ئي آھي تہ پوءِ سنڌ کي ماضيءَ ۾ مليل شانائتا سردار کپن۔ ابڙي سردار جھڙا۔ منھنجو خيال آھي تہ ھو پاڻ کي سردار بہ نہ سڏرائيندا ھوندا۔ ماڻھو کين پيار ۽ احترام وچان سردار چوندا ھوندا۔ ھو تہ عوام جا خدمتگار ھئا۔ سوشل رفارمرس ھئا۔ سماج جي چڱ ڀلائيءَ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ھئائون۔ ابڙي سردار جھڙو ڪو ھڪڙو ئي سردار اڄ ھجي تہ بہ گنج آھي۔
“سرَڻِيُنِ جي سُکَ لئہ، سامَ کَنئِي سَردارَ؛
جي اَبڙي جي آڌارَ، سي سُونگ نہ ڏِيندِيُون سُومِرِيُون.”
ھيٺين بيت ۾ توڻي جو “ٻين مڙني ڏنيون” لکيل آھي۔ پر ان جو مطلب اھو نہ سمجهڻ گهرجي تہ ڪو ھنن پنھنجن ھٿن سان ننگ ڪڍي ڏنا ھوندا۔ اھي وڙھي مئا ھوندا ۽ پوءِ ڌارين لٽيرن سندن ٻانھون کنڀي کنيون ھونديون۔
“ٻيَنِ مِڙَنِي ڏِنيُون، ڏِئي نہ ڏُونگَرَ راءُ؛
اَڻَ ڏِٺِيُنِ آڏو ڦِري، ڏِٺِيُون ڏِئي ڪِئاءُ؛
لورِيُون لَکَ مَٿاءُ، اُنَ مَٿيري موٽائِيُون.”
ھي تہ اڻ ڏٺن ماڻھن جي سام بہ کڻندو ھيو۔ ھي سومرا تہ ھن جا ڏٺل وائٺل، دنگئي آھن۔ ڄڻ سندن گهر ڀاتي۔ ھنن جي ڪري ڀلي کيس جنگ جي ميدان ۾ وڃڻو پوي تہ بہ ویندو۔ دنگئي راڄائتا سردار ھڪ ٻئي کي ڏکيءَ سکيءؔ ۾ سڏ ڏيندا آھن۔ ھو ھڪ ٻئي جا پڳ مٽ يار ھوندا آھن۔ پاڻ ۾ ڀت برادريون ھونديون اٿن۔ ھو پنھنجي دوستن جي ننگن جا ميرا ڪڏھن بہ نہ ٿيندا آھن۔ پر ھڪ ٻئي جي ننگن جا رکپال ٿيندا آھن۔ سو ابڙو اڙٻنگ سامون پنھنجي پٽ ڏونگر راءُ جي حوالي ڪري، جنگ جي ميدان ۾ ڪُڏي ڪاھي پيو۔ ابڙو سردار ڪنھنجي رعب تاب ۾ اچڻ وارو ٿوروئي آھي۔ کيس ڪو بہ ڊپ ڊاءُ ڪونھي۔ اصل سِر تريءَ تي اٿس۔ لکين تير ڪن وٽان گسي ويس، پر آڻ نہ مڃيائين۔ مڙس، مڙس جو مَٽُ ٿيندو آھي۔ دشمن وڙھندو تہ سُک سان ھو بہ نہ سمھندو۔ ڏونگر راءِ چون ٿا تہ رڻ جي طرف نياڻيون لڪائي آيو ھيو۔ خلجيءَ ڪڇ جو محاصرو ڪيو۔ ۽ رڻ ڏانھن بہ ویو پر ھتان جي ماڻھن کيس ڌٻڻ واري پاسي کان رڻ جو رستو ٻڌايو۔ نيٺ ڀت سان منھن لڳس پر وريس ڪجهہ بہ ڪونہ۔ اھو سمجهي واپس آيو تہ عورتن کي ڌٻڻ ڳھي وئي۔ پر بعد ۾ عورتن صحيح سلامت اچي پنھنجا راڄ ڀاڳ سنڀاليا ۽ ٻارڙا نپايا۔
ھن سُر جو آخري داستان لطيف سائين جي ڪامريڊ وڳند سان ٿيل ڀوڳ ٺڪاءَ جي باري ۾ آھي۔ خوش طبعي انسان جي سرشت ۾ شامل آھي۔ جيستائين ڪچھري نہ ٿي ڪجي، اندر جو اوٻر ٻاھر نہ ٿو ڪڍجي، تيستائين جسم جا سڀئي ڪم بھتر نموني سان نہ ٿا ٿي سگهن۔ ان ڪري وڳند لطيف سائينءَ جو دوست ڪوٽڙيءَ کان ايندو ھيو، ويچارو سادڙو مڙس ھيو۔ “ذرو نہ ڏنس جوءِ” مان خبر پوي ٿي تہ سندس گهر ۾ بہ عزت پوري ساري ھوندي ھیس۔ ايتري ھلنديءَ پڄنديءَ وارو نہ ھیو۔ لڳي ٿو ڪنھن مھل ڪٽڪو بہ کائيندو ھوندو۔ ڪنھن مھل ڏوئي تہ ڪنھن مھل سوٽي سان سٽبو ڪٽبو ھوندو۔ ناڪاره ماڻھو مانيءَ ۾ بہ مھانگو۔ پوءِ اھڙو ماڻھو بر منھن نہ ڪري تہ ڪاڏي وڃي؟ لطيف سائينءَ وٽ کيس کاڌو پيتو، لٽو ڪپڙو، ھنڌ بسترو ۽ رھڻ جي جاءِ ملندي ھئي۔ ان کان مٿي ھن کي ٻيو ڇا کپي؟ شايد جڏڙو ھوندو ھيو ڪم ڪار جھڙو بہ نہ ھوندو ھیو۔ ان ڪري سندس ديک ڀال ٿيندي رھندي ھئي۔ کائڻ پيئڻ جو وري ڏاڍو کرو ھوندو ھيو۔ ‘ھڪ اڻھوند ٻيو افعال بڇڙا۔’
طبيعت ۾ سڀ ماڻھو ھڪ جھڙا نہ ٿيندا آھن۔ عادتون انسان جي personality تي اثر انداز ٿينديون آھن۔ لٽو ڪپڙو ڀلي پراڻو ھجي پر صاف سٿرو تہ ھجي ني۔ کاڌو پيتو ڀلي سَت رڇيون نہ ھجن پر تازو تہ ھجي ني۔ ان ڪري وڳند جون عادتون ٺيڪ نہ ھجڻ جي باوجود بہ ڀٽ شاھ ۾ سندس خوب خاطر تواضع ٿي رھي ھئي۔ ڪڏھن ڪڏھن ايتري تہ بد فضیلتي ٿو ڪري جو لطيف سائين جھڙي صابرين جي اندر ۾ بہ ججڪيون ٿيون اچن ۽ دل ئي دل ۾ چوي ٿو تہ جیڪر ڪرڙ جو ڏنڊو وھائي ڪڍانس۔ “سندو ڪرڙ ڪاٺ ھڻ نرڳيءَ کي نڪڻين” پر وري چپ ٿي وڃي ٿو۔ ھي لطيف سائينءَ جي برداشت جو بہ امتحان آھي۔ جنھن ۾ لطيف سائين ڪامياب ويو آھي۔ کيس نيرن پاڻيءَ کان وٺي رات جو ھنڌ بستري تائين مڪمل protocol ڏنو وڃي ٿو
“اسور سندي آسري، ويٺو آھي وڳند،
ھڏ نہ ڇڏيندو ھنڌ، آيس بوءِ بھار جي”
وڳند بہ کاڌي پيتي جي شين تي ايئن ٿو جهڙپ ڏي جيئن باز تتر تي جهڙپ ڏيندو آھي۔ کاڌي جي خوشبوء اچيس ٿي تہ اٿي ويھي ٿو۔ ھونء بہ ڪجهہ ماٹھن جو اصول آھي تہ “ڀت جي اڳياڙي وٺجي ۽ جنگ جي پڇاڙي۔” يا وري “ماني ڏسي اٿيا ڪر، ڪم ڏسي سمھيا ڪر” ان ڪري ھيءَ مخلوق بہ تیستائین دنیا ۾ رھندي، جيستائين دنيا رھندي۔
“اسُورَ سَندو آسِرو، وَڳَندَ کي وَڏو؛
جُسي ۾ جَڏو، پر کِيَڻَ تي کُڙا کڻي.”
نيرن جي مانيءَ جي خوشبوء تي اٿي کڙو ٿئي ٿو۔ ھمراھ جسم ۾ جڏو آهي، پر کائڻ تي کڙيون کنيو اُڀو ٿيو بيٺو آھي.
مفت خور، اسان جي برداشت کي ٽيسٽ ڪرڻ لاء پيا ايندا رھندا۔ اسين ڪيتري پاڻيء ۾ آھيون اھا خبر اسان کي اسان جي ئي ردعمل مان پوندي۔ وقتاََ فوقتاََ اسان جي nervous system جي ٽيسٽ بہ ضروري آھي۔ خبر تہ پوي ني تہ تنتون steel جون آھن يا plastic جون۔ اسان جي مشينري اصل جاپاني آھي يا وري چائنا يا تائيوان جي؟ مطلب تہ اسين ذھني طور ڪيترو مضبوط آھيون؟
اصل ۾ خدمت جي وڏي اھميت آھي۔ جيڪو خادم نہ ٿو ٿي سگهي ان کي مخدوم سڏائڻ جو ڪو بہ حق ناھي۔ جيڪو مريد نہ ٿو ٿي سگهي ان کي مرشد سڏائڻ سونھي ئي نہ ٿو۔ جيڪو شاگرد نہ ٿيو آھي سو استاد ڪيئن ٿيندو؟
”مٹا دے اپنی ھستی کو، اگر کچھ مرتبہ چاہے۔
کہ دانا خاک میں مل کر، گل و گلزار ہوتا ہے۔
یا وری
“تمنا درد دل کی ہے، تو کر خدمت فقیروں کی۔
نہیں ملتا یہ گوہر بادشاہوں کے خزینوں میں۔”
ڪلياڻ آڏواڻيء جي ترتيب ڏنل رسالي موجب ھن سر ۾ ٤ داستان ٣٤ بيت ۽ ڪا بہ وائي ڪونھي۔ جڏھن تہ غلام محمد شاھواڻيء جي رسالي موجب ھن سر ۾ ٤ داستان، ٦٣ بيت ۽ ٤ وايون آھن۔ لطيف سائين جيئن تہ optimist آھي۔ انڪري ھي وائي سندس ان اميد پرست فڪر جو ڏس ڏي ٿي۔ آسرو ۽ اميد انسان لاء وڏي وٿ آھن۔
ڪجهہ بند ھتي رکجن ٿا۔
آسَرو آھي،
مُونکي ھوتَ حَبِيبَ جو.
جان جان اوڏا ڪَرَھا،
پَھُچان تان ڪاھٖي،
مُونکي ھوتَ حَبِيبَ جو.
موٽُ، مُنهِنجا سُپِرِين!
واڳُون وَرائي،
مُونکي ھوتَ حَبِيبَ جو.
اھي ڪَمَ ڪَرِيمَ جا،
جِنءَ لَنگها لَنگهائي،
مُونکي ھوتَ حَبِيبَ جو.
لُطۡفُ ساڻُ لَطِيفُ چي،
مُوڙھا مِلائي،
مُونکي ھوتَ حَبِيبَ جو.
__________________

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ء سکر ۾ رھي ٿو



