Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

يونٽن جي نالي تي سنڌ  کي ورهائڻ  جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا، ترقي پسند دانشورن جو چِتاءُ

سنڌ هڪ صوبو نه پر صدين کان هڪ وطن رهيو آهي ۽  ماضيءَ ۾ اهڙي مهم جوئيءَ جا نتيجا اگرا نڪتا آهن،  انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي وحدت جي ورهاست جي مخالفت ڪري ڇڏي

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

سنڌ وطن  کي ورهائڻ جي ڪنهن به منصوبي کي ملڪ جي اتحاد، استحڪام ۽ وفاقي ڍانچي لاءِ نقصانڪار سمجهون ٿا، انجمن ترقي پسنڌ مصنفين پاران جاري ڪيل پڌر نامي ۾ اديبن، شاعرن، ڪالم نگارن ۽ صحافين جو اظهار

ڪراچي

انجمن ترقي پسند مصنفين سان لاڳاپيل اديبن، شاعرن، ڪالم نگارن ۽ صحافين ڪجھ ڏينھن ۾ سامھون ايندڙ انهن اطلاعن تي سخت ڳڻتيءَ جو اظھار ڪيو آهي، جن موجب ملڪ جا مقتدر حلقا انتظامي سڌارن ۽ بھتر حڪمرانيءَ جي نالي ۾ سنڌ کي ورهائڻ لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ماضيءَ ۾ به اهڙيون ڪوششون ڪيون ويو جن کي سنڌ جي عوام اجتماعي فهم ۽ پرامن مزاحمت ذريعي ناڪام بڻايو آهي.

ترقي پسند اديبن  وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڪنهن هڪ يا وڌيڪ شهرن کي صوبي کان ڌار ڪري وفاقي حڪومت جي ماتحت آڻڻ يا صوبي کان الڳ ڪري ڪا انتظامي وحدت قائم ڪرڻ جا انتھائي خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. اهڙا قدم سنڌ جي سياسي ۽ انتظامي وحدت سان گڏوگڏ ان جي تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي يڪجهتيءَ کي به سخت نقصان پهچائيندا.

هنن چيو ته اها انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي ڳالھ آهي جو هتان جا مقتدر حلقا پنهنجي مرڪزيت پسند سوچ واري مهم جوئي کي ترڪ ڪرڻ بدران صوبن اندر لساني ۽ ثقافتي ٽڪراءَ پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ ماضي جيان هاڻي به ان مهم جوئي  جا نتيجا ملڪ لاءِ انتھائي هاڃيڪار ثابت ٿيندا.

اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ جي پسمنظر ۾ پڻ اهڙي مرڪزيت پسند سوچ، مختلف قومن ۽ ثقافتن جي حقن کي نظرانداز ڪرڻ واري روش جو اهم ڪردار رهيو. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ان کان پوءِ به باقي پاڪستان ۾ گهڻ رخي ثقافت کي نظرانداز ڪري، سرڪاري سطح تي يڪسانيت ۽ مرڪزيت تي ٻڌل حڪمرانيءَ لاءِ مصنوعي طريقا اختيار ڪرڻ سبب ملڪ ٽٽڻ بعد زوال پذيري جو شڪار آهي۔

ترقي پسند اديبن وڌيڪ چيو آهي ته انجمن ترقي پسند مصنفين هميشه پاڪستان جي ثقافتي ۽ ادبي گهڻ رخي پاسن جي حمايت ڪئي آهي ۽ ملڪ ۾ مختلف ٻولين، ثقافتن ۽ ادبي روايتن جي واڌ ويجهه ۽ احترام لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي آهي.

انجمن ترقي پسند مصنفين سان لاڳاپيل اديبن واضح ڪيو ته هو سنڌ جي ورهائڻ جي ڪنهن به منصوبي کي ملڪ جي اتحاد، استحڪام ۽ وفاقي ڍانچي لاءِ نقصانڪار سمجهن ٿا. هنن لاڳاپيل ڌرين کي خبردار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ مختلف ٻولين ۾ لکڻ ۽ اظهار ڪندڙ تخليقي ۽ ادبي حلقا سنڌ جي وحدت کي ورهائڻ جي ڪنهن به منصوبي کي ڀرپور نموني رد ڪندا رهندا. سنڌ جي ورهاست جو اهڙو قدم سنڌ ۾ نئين انتشار کي جنم ڏيندو ۽ اهو صوبائي خودمختياريءَ جي بنيادي اصولن جي به ابتڙ هوندو. اهڙي قدم جا علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي سطح تي پڻ انتهائي منفي اثر پوندا.

ترقي پسند اديبن ۽ اهلِ قلم مطالبو ڪيو ته سنڌ جي وحدت بابت ڪنهن به قسم جي مهم جوئي، سازش يا ورهاست واري ڪوشش کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ملڪ جي وفاقي ڍانچي، صوبائي خودمختياري، صوبن جي حقن ۽ ثقافتي گهڻ گهڻ رخن جو احترام ڪيو وڃي.

پڌرنامي نامي جي توثيق ڪندڙن ۾ پروفيسر انيس زيدي، ڊاڪٽر سيد جعفر احمد، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، مهناز الرحمان، پروفيسر توصيف احمد خان، رياض شاهد دايو، پروفيسر شاهد ڪمال، نعيم شيخ، ڊاڪٽر خادم منگي،  سلطان نقوي، سجاد ظهير، منظور رضي ۽ اسحاق سومرو شامل هئا. (پريس رليز)

_____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button