Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ادب: ساڄَنُ ميڙيُسِ سُورَ!(مختصر ڪھاڻي)

جڏهن دُوريون ۽ وڇوڙا روح جي گهرائيءَ ۾ لهي وڃن، تڏهن سالن بعد ملندڙ محبُوب به مرهم بدران نوان سُور ياد ڏياريندو آهي.

ھٿرادوڏاھپ سان ٺاھيل

منظور ڪلهوڙو

*اسلام آباد جي يخ ٿڌي هوا جي جهوٽي هن جي جسم مان سسراٽيون ڪڍرائي ڇڏيون. ڊسمبر جا آخري ڏهاڙا هلي رهيا هئا. سج جا آخري پساھ وڃي بچيا هئا. اڄ شام کان ئي ٿڌ سرس اچي واسو ڪيو هو. دودو منجهند کان سيد پور آيو هو. ڌاٻي تان ماني کائي ڊسپوزل ڪپ ۾ چانھ وٺي سيد پور جي رستن تي هلندو رهيو. دودو گذريل اٺن سالن کان پاڻ کي جلاوطن سمجهندو هو. ان ڪري تہ هُو اٺ سال اڳ سنڌ ڇڏي اسلام آباد هليو آيو هو ۽ وري سنڌ نہ ويو هو. اها هئي تہ هن جي خُود ساختہ جلاوطني پر هُو خُودساختہ کي مڃڻ لاءِ تيار نہ هو. هُو سدائين چوندو هو مان سنڌ مان جلاوطن ڪيو ويو آهيان.

اسلام آباد ۾ سيد پور جي ڳوٺ جي قدامت ۽ جدت کيس موهيندي هئي. اهو منفرد ڳوٺڙو کيس  وڻندو هو. سيد پور جو آرڪيٽيڪچر، ثقافتي رنگ، روڊ رستا، پهاڙي لينڊ اسڪيپ، سيدپور جي وڻراھ ۾ هن جو روح ريجهي ويندو هو. چانھ پوري ڪري ڊسپوزل گلاس ڊسٽ بن ۾ ڦٽي ڪري سگريٽ دکائي ڦٽ پاٿ سان ئي لڳ پپر جي وڻ هيٺان پيل پراڻي بئنچ، جنهن کي سي ڊي اي وارن ڪمال ڪاريگريءَ سان  رينوويٽ ڪري اتي لڳرائي ڇڏيو هو. ان بئنچ تي دودو ويهي سگريٽ پيئڻ لڳو.

سيد پور ۾ اهو وڻ اها بئنچ ۽ اهو اسپاٽ دودي جو پسندديدھ هو. اڄ گهڻي ٿڌ ڪري سيدپور جي رستن تي لوڪل ۽ ٻاهرين سياحن جي ڪا گهڻي رش ڪا نہ هئي. سانت ۽ سڪون وارو ماحول هو. ٿڌ ۾ اڄ سگريٽ دودي کي ٻيڻو مزو ڏئي رهيو هو. ان اٺن سالن ۾ دودو لاتعداد ڀيرا سيدپور آيو هو. هُو جڏھن بہ بور ٿيندو هو تہ اخبار جي دفتر مان موڪل ڪري سيدپور جي رولاڪين لاءِ نڪري پوندو هو. وري يخ ٿڌي هوا جسم سان ٽڪرائجي ويس. پپر جي پنن جي سرسراهٽ جي آواز لطف پئي ڏنس. سگريٽ جو وڏو ڪش هڻي کٻو هٿ ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين. اُتي جو اُتي وري سگريٽ جو ٻيو ڪش هنيائين. دودي جي سامهون ڪجھ مرد ۽ عورتون گذري ويا. هن جو انهن طرف ڪو ڌيان نہ ويو. هُو پنهنجي خيالن ۾ گم سم ۽ سگريٽ کي انجواءِ ڪرڻ ۾ محو هو تہ هڪ عورت جيڪا ڪجھ گهڙيون اڳ فٽ پاٿ تان سندس سامهون گذري وئي هئي ٿورڙو اڳتي وڃي بيٺي ۽ پوءِ پوئتي مڙي دودي ڏانهن نهاريائين. ڪجھ شڪُ ٿيس، ڪجھ پڪَ ٿيس. دودي جي چهري جي نقشن کي کي تڪڙ ۾ پنهنجي ذهن ۾ ساريائين. ذهن ۾ ڪافي شيون ڪلڪ ٿيس. ان ڪري تڪڙو مڙي دودي جي سامهون اچي بيٺي.

سگريٽ دودي جي چپن تي رهجي ويو پر هُو ان جو ڪش نہ ھڻي سگهيو. اکيون سامهون بيٺل عورت ۾ کُپي ويس. اکين جون ماڻڪيون تجسس ۽ حيرت وچان ڦاٽڻ لڳس.

دودي جي چهري جي ڪيفيت ڏسي عورت جو شڪُ يقين ۾ تبديل ٿي ويو. دودي سگريٽ چپن تان کڻي ورتو. ان کان اڳ جو دودو اڃان ڳالهائي، هُن چيس دودا……! دودو هڪو ٻڪو ٿي ويو. بئنچ تان تڪڙو اٿي سگريٽ کي سائيڊ تي ڦٽو ڪري ڇڏيائين. ڳالهائڻ چاهيائين پر ڳالهائي نہ سگهيو، زبان ۾ لرزش ٿيس. ڪجھ سمجھ ۾ نہ آيس ان ڪري اجايو سجايو ڪوٽ کي سيٽ ڪيائين. ٿڌي هوا جي جهوٽي ٻنهي کي سيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. سج لڙي چڪو هو، گيڙو رنگ جي روشنيءَ ۾ تسليم جو چهرو دودي جي اکين اڳيان سونَ جيان چمڪي رهيو هو. دودي جون اکيون تسليم کي رڳو تڪيندي پئي ويون. دودي جي سمجھ ان گهڙيءَ موڪل تي هلي وئي هئي. ان ڪري تہ ٻہ چار لمحا اڳ هن دکيل سگريٽ اڇلي ڇڏيو هو. ڪوٽ جي سڄي پاسي واري کيسي مان سگريٽ ۽ لائيٽر ڪڍي کٻي هٿ ۾ سگريٽ پڪڙي ساڄي هٿ سان لائيٽر کي ٻاري سگريٽ دکائي معمولي ڪش هڻي دونهو فضا ۾ ڇڏيائين تہ ايتري ۾ تسليم چيس، ” تو سگريٽ ڪڏھن کان پيئڻ شروع ڪيو آهي.“

دودي تسليم سان نظرون ملائي ڇڏيون، تسليم جو جملو سندس ڪنن ۾ گونجڻ لڳو. ان آواز ٻڌڻ لاءِ هُو 19 سالن کان سڪندو آيو هو. تڙپندو رهيو هو. آواز جي جهڻڪار سان سماعتون تازيون ٿيس. اکين جي جوت موٽندي محسوس ڪيائين.

تسليم پنهنجو ساڄو هٿ هينڊ شيڪ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌايس. تسليم جي اوچتي هٿ وڌائڻ جي ڪري ھُو هڪو ٻڪو ٿي ويو، تڪڙ ۾ سگريٽ کي کٻي هٿ ۾ پڪڙيندي پنهنجو ساڄو هٿ اڳتي وڌائي ٿورڙو جهڪي تسليم جي هٿ سان پنهنجو هٿ ملائي ڇڏيائينس. جسم ۾ نئين جان ڀايائين. تسليم جي نرم هٿڙن جو لمس ٻن ڏهاڪن پوءِ نصيب ٿيو هوس. اوچتو زبان ساٿ ڏنس ۽ تسليم کي چئي ڏنائين توهان……، اچو… ويهو پليز هتي.

تسليم دودي سان ساڳئي ئي بئنچ تي ويهي رهي. دودو فاصلو رکي تسليم جي سامهون ويهي رهيو، وڌيڪ ڳالهائي نہ سگهيو پر هٿَ ۾ هٿُ پڪڙيل رهيس. تسليم دودي جي چهري کي تڪيندي چئي ڏنس، ڏاڙهي بہ رکي ڇڏي اٿئي.

دودو ٿورو مُرڪيو ۽ چيائنيس: ها. ڪافي اڇي بہ ٿي وئي آهي.

تسليم بہ مُرڪي ڏنو. وري ٻئي خاموش ٿي ويا. سگريٽ دکي دکي نيٺ دودي جي آڳرين کي پي ساڙيو پر تسليم کي محسوس نہ ڪرايائين ۽ سگريٽ کي ڦٽو ڪري ڇڏيائين.

تون هتي اسلام آباد ۾……؟ تسيلم پڇي ورتس.

توهان بہ هتي اسلام آباد ۾؟ دودي بہ ساڳيو سوال ڪيس.

ها مان پئرس مان ٻن مهينن لاءِ ڪورس تي آئي هيس. توکي تہ خبر هوندي تہ مان سي ايس ايس ڪري فارن سروس کي جوائن ڪيو هو. ٻن سالن کان انڊر سيڪريٽري طور پئرس ايمبيسي ۾ ڪم پئي ڪيان.

ها مون کي خبر هئي پر اها خبر نہ هئي تہ اوهان جي پوسٽنگ پئرس ۾ آهي.

”واقعي؟“ تسليم پڪ ڪرڻ خاطر پڇيس.

جي، دودي صرف ايترو ئي چيو.

سيدپور اونداهي جي چادر ۾ ويڙهجي ويو. ٿڌ جو ديرو قائم ٿي ويو هو.

جي تو وٽ وقت هجي تہ پاڻ ڪٿي ڪافي پي وٺون. تسليم چيس.

جيئن اوهان جي مرضي، دودي چيس.

ٻئي اٿي بيٺا ۽ تسليم هڪ دفعو وري دودي جي چهري کي چتائي ڏٺو. ڪراچي يونيورسٽي جو ذري گهٽ 25 سالن جو عرصو ذھن تي تري آيس. مناسب قد، ڳوري رنگت وارو، ڪلين شيوو، جينز ۽ جاگر پائيندڙ دودو انٽرنيشنل رليشنز ڊپارٽمينٽ جو شهزادو دودو. وڏين گهرين ڪارين اکين وارو دودو. ڇا تہ هن جي وارن جو اسٽائيل هوندو هو. آءِ آر جون ڇوڪريون هن لاءِ سڪنديون هيون تہ دودو ڪجھ گهڙيون اسان سان بہ گذاري. ڪي روح رچنديون ڪري، چاٽ کائي چانھ پي ……. پر دودي وٽ وقت ڪٿي هوندو هو. هُو دوستن جي جهرمٽن ۾ گهيريل رهندو هو. ڪڏھن سينٽرل ڪينٽين تي بحث مباحثا، ڪڏھن سيمينار هال ۾ تقريرون. تقريرون بہ اهڙيون جو ڄڻ ڪو مُدبر خطاب ڪندو هجي. رواني، جملا، شاعري…… اهڙي جو هٿ خود بخود تاڙيون وڃائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا هئا. نعرا، هوڪرا ۽ ساراھون دودي جو ڳاٽ فخر وچان بلند ڪري ڇڏيندا هئا.

يونيورسٽي جا استاد دودي جي انگريزي ڪالمن جا حوالا  ڏيندا هئا. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پروگريسوو گروپ جڏھن  پريس ڪانفرنس ڪندو هو تہ ناليوارا صحافي بہ دودي جي پريس ڪانفرنس اٽينڊ ڪندا هئا. دودو رڳو رات جو روم تي ويندو هو. اها سڀني کي خبر هوندي هئي تہ ڪلاس ٽائيم تي ڪئمپس ۾ هوندو. باقي لائبريري هن جي پناھ گاھ هوندي هئي. چانھ جو شوقين دودو ڪلاڪن جا ڪلاڪ لکي پڙهي پاڻ کي فريش ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري چانھ جي ٻاڙ ماري وري پاڻ کي اسٽڊي جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو.

تسليم پاڻ کي خوش نصيب ڀائيندي هئي جو دودو ان جي اکين جي نهار تي سڀ ڪجھ ڇڏي تسليم جي ڪڍ هليو ايندو هو. تسليم کي جهرمٽ کان سخت چڙ هوندي هئي. هُوءَ هن جي پاپولرٽي ڏسي دل ئي دل ۾ خوش ٿيندي هئي. پر تسليم کي اها ڳالھ نہ وڻندي هئي تہ  دودو غير سنڌي ڇوڪرين سان فري ٿي ڳالهائي ۽ پارٽي جي ڪمن ۾ ڏينهن جا ڏينهن، هفتن جا هفتا گم هجي. دودو تسليم کي ڏسي جهرمٽن کي ڇڏي ڏيندو هو ۽ غير سنڌي ڇوڪرين کي بہ گهٽ لفٽ ڪرائيندو هو. باقي پارٽي جي ڪم تي ڪمپرومائيز ڪرڻ لاءِ تيار نہ هوندو هو. تسليم جي دڙڪن تي چوندو هوس، تسليم زندگي مقصد ۽ آدرشن بنا ڇا آهي؟ سنڌ بنا اسان ڇا آهيون؟ سنڌ ۽ تون منهنجي زندگي آهيو. مقصد بہ آهيو تہ منهنجو آدرش بہ آهيو. مون کي تون تہ گهٽ ۾ گهٽ سياسي ڪم کان نہ روڪيندي ڪر. اها منهنجي آڪسيجن اٿئي ۽ تون منهنجو ساھ آهين. ڪڏھن ڪڏھن تہ ٻانهون ٻڌي تسليم جي آڏو بيهي رهندو هو ۽ چوندو هوس تہ تون موڪل ڏي مون کي پارٽي جي ڪم سان، ڪنهن جلسي ۾ سکر وڃڻو آهي. ٽي ڏينهن غير حاضر رهندس. تسليم سندس ٻانهن ٻڌڻ تي ميڻ جيان رجي پوندي هئي ۽ کلندي چوندي هيس وڏو ڪو ڊپلوميٽ آهين. آڪسيجن ۽ ساھ جا اصطلاح استعمال ڪرڻ ڪو تو کان سکي.

اڄ جڏھن ٻن ڏهاڪن کانپوءِ دودي کي جو ڏٺائين تہ ڏاڍو ڏک ٿيس. وڏا وار، وڌيل ڏاڙهي، رنگ ڪاراٽيل، جسم تان ڳريل ماس، ڪارا چپ، ڏرا ڏنل اکيون، خالي خالي ماڻڪيون جن ۾ ڪي خواب، آدرش، مقصد نظر نہ آيس. نہ خوشي نہ ڪو سڪون نہ ڪو چين نظر آيس. تسليم اندر ئي اندر ۾ ڀُري پئي، اکين ۾ ڳوڙها تري آيس. پر ضبط ڪري پاڻ کي روڪي ورتائين.

هلون…، دودي جي چوڻ تي ڇرڪ ڀريندي وڏو ٿڌو ساھ کڻندي چيائين، ها هلو……

ٿڌي هوا رات جي ڪاراڻ سان وڌڻ لڳي. اسٽريٽ لائيٽ جي ميرانجهڙي روشني ۾ تسليم ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي هئي. هوءَ عمر جي حساب سان ڏاڍي گريس فل ٿي پئي هئي. بت ۾ ٿورو ڀريل لڳس. پر ڀريل بتَ وڌيڪ موهي رکيس. آهستي آهستي چهل قدمي ڪرڻ لڳا. ٿورڙو ئي پنڌ هليا تہ تسليم چيس، دودا تون سگريٽ پي سگهين ٿو.

دودي جا قدم پهاڙن جيان ڳرا ٿي پيا ۽ هڪدم رڪجي ويا. دودو اسٽريٽ لائيٽ جي ميرانجهڙي روشني ۾ تسليم جي سامهون اچي بيٺو. اکيون اکين سان ملائي چيائينس، تسليم دودو اڃان تنهنجي دل ۾ وسي ٿو! تڏھن تہ تو کي معلوم ٿيو تہ مون کي سگريٽ پئيڻ جي ڪيڏي تڙپ ٿي رهي آهي. پر خبر اٿم تہ توکي سگريٽ جو دونهون سخت ناپسند آهي، ان ڪري پئيڻ نہ پئي چاهيم.

نہ نہ تون پي سگهين ٿو. تسليم جو آواز ڀرجي آيو ۽ اکيون ڇلڪڻ تي هيس پر ڳوڙهن کي روڪي ورتائين. دودي هٿ پڪڙي ورتس، اکين ۾ نهاري ڏٺائينس. تسليم جي حالت بدلجڻ لڳي پر پاڻ تي سخت ضبط ڪندي چيائينس، دودا ٻڌ پاڻ بہ سگريٽ پيءُ ۽ مون کي بہ پيئار. اھو چوندي مرڪڻ جي ايڪٽنگ بہ ڪيائين. دودي کي حيرت لڳي، تون ۽ سگريٽ……!!

ها…… ڇو نہ …… دودو بہ مرڪي پيو.

تسليم دودي کي ڏکارو نہ پئي ڪرڻ چاهيو. ان ڪري پنهنجي سفارتڪاري جي مهارتن کي استعمال ڪندي پاڻ تي ضبط بہ ڪيائين ۽ ماحول کي تبديل بہ ڪري ڇڏيائين. ڪڍ سگريٽ، ها پر ٻڌ مون کي سگريٽ تون دکائي ڏيندي. ڪڍ سگريٽ تسليم اتاولو ٿيندي چيس.

دودي جو ساڄو هٿ ڪوٽ جي کيسي ۾ ويو. هن پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي ورتا. سگريٽ چپن تي آڻي لائيٽر ٻاري سگريٽ دکائي تسليم ڏانهن وڌائي ڇڏيائين.

هان… هي وٺ.

نہ نہ ائين نہ، هڪ ٻہ ڪش هڻ. سگريٽ جڏهن صفا دُکي وڃي تہ پوءِ مون کي ڏي.

دودي کي حيرت لڳي. فٽ پاٿ تي هلندي هلندي هن هڪ ٻہ ڪش هڻي سگريٽ تسليم ڏانهن وڌائي ڇڏيو. تسليم خوشيءَ سان سگريٽ وٺي پنهنجي چپن تي آندو ۽ هڪ وڏو گهرو ڪش هڻي سڄو دونهون ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين. دودي پنهنجو بہ سگريٽ دکائي ورتو.

هلندي هلندي تسليم هٿ پڪڙي چيس، هتي بيھ سگريٽ پي پوءِ هوٽل تي هلون ٿا.

بڙ جي وڻ جي اوٽ وٺي ٻئي ڄڻا بيهجي ويا. ٿڌ جي ڪري رستو سنسان لڳو پيو هو، ايڪڙ ٻيڪڙ جوڙن جي اچ وڃ جاري هئي. اسٽريٽ لائيٽ جي روشني اتي مڌم هئي.

دودا! تسيلم ڳالهايو. تون هتي اسلام آباد ۾؟

دودي سگريٽ چپن تان لاهيندي چيس، مان اٺن سالن کان وٺي سنڌ مان جلاوطن ڪيو ويو آهيان. هتي ھڪ اخبار ۾ ڪالمسٽ آهيان.

ڪراچي ڇو ڇڏيئي؟ تسليم سڌو سوال ڪيس. تنهنجي پارٽي؟ تنهنجو پوليٽيڪل ورڪ؟

توکان پوءِ ٻہ چار سال پارٽيءَ جو ڪم زور شور سان هليو. توکي خبر آ تہ مون سي ايس ايس جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو هو. ٽائمس ۾ فري لارنس ڪندو هيس. تنهنجي جدائي جي غم کي غرق ڪرڻ لاءِ پارٽي کي پاڻُ ارپي ڇڏيو هيم. جڏھن پارٽي اليڪشن ٿي تہ ورڪرن مون کي وائيس چيئرمين چونڊرائي ڇڏيو هو. مون وڏي مقابلي کانپوءِ چونڊ کٽي هئي. ان ڏينهن کان پارٽي سربراھ جي گروپ بندي، ناپسنديدگي، حسد، ساڙ جو شڪار رهيس. خبر ئي نہ پئي جو جماعت ۾ ٽوڙ ڦوڙ شروع ٿي وئي. مون سان ساڙ، نہ کٽندڙ الزام تراشيون، سازشون عروج کي وڃي رسيون. پارٽي تي اهي قوتون حاوي ٿي ويون. منهنجو ڪو گروپ نہ هو نہ مان اهڙي سياست جو حامي هيس. پارٽيءَ اندر پارٽيءَ جو مان هميشہ ناقد رهيو آهيان. منهنجي مخالف گروپ جي طاقت ۽ پارٽي گرفت ڏسندي ۽ پارٽي سربراھ جي سازشن ۽ پريشر کي ڏسندي منهنجا دوست، ساٿي ۽ همدرد آهستي آهستي مون کان پري ٿيندا ويا. جيئن تون پري ٿي وئينءَ! دودي وڏو ڪش هڻندي تسليم کي چئي ڏنو. دودي جو جملو تسليم کي نشتر ٿي لڳو.

پوءِ مون تي مختلف الزام هڻي مون کي پارٽي مان نيڪالي ڏني وئي. پارٽي ورهائجي وئي. ليڊر جي انا کي پوءِ بہ تسڪين نہ ملي، ڪارڪنن ۾ مايوسي پکڙي. ٽائمس مان منهنجو فري لارنس ڪم بند ڪرايو ويو. الزامن جي بارش ٿي، اخبارون ۽ رسالا ان گند سان ڀرجي ويا.

مون وٽ ڪو رستو نہ بچيو هو. دوست هڪ هڪ ڪري منهن موڙي ويا. مان گرفتار ڪرايو ويس. ٽارچر سيلن کي منهن ڏنم. آزاد ٿيس، وري گرفتار ٿيس. تشدد مون کي ذهني طور مفلوج ڪري ڇڏيو هو. ڪيسن کي اڪيلي سر منهن ڏيڻ مشڪل ٿي پيو هو. پروپيگنڊھ جو هٿيار مون تي مخالف ڌر بهترين نموني استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي هئي. هيومن رائٽس وارن سچي نيت سان مدد ڪئي تڏھن وڃي ڪيسن مان آجو ٿيس. ڪراچي ۾ رهڻ ڏکيو ٿي پيو هو. پارٽي ليڊر جو عتاب، ان جو ري ايڪشن ۽ ان جي اتحادي رياستي ادارن جو جبر، ڏاڍ منهنجي مٿان ڪڙڪيو هو، جيڪي ٻہ چار دوست بچيا هئا اهي بہ مجبور ٿي پيا هئا. پارٽي ۽ رياست ڪا واھ نہ ڇڏي هئي. تون بہ ڪو نہ هئينءَ! مان سنڌ جيان صفا اڪيلو ٿي پيو هوس! اندران ٽٽي چڪو هوس. بابو جيڪو منهنجي بئنڪ هو، اهو بہ وفات ڪري ويو. ستت امان بہ وڇڙي وئي. ادا پاڻ معاشي طور ڪمزور ٿي پيو هو. امان جي علاج خاطر ٿوري گهڻي جيڪا پراپرٽي هئي اها بہ وڪرو ٿي چڪي هئي. منهنجي بار بار گرفتارين ۽ پوليس جي وٺ پڪڙ ادا کي ڏاڍو پريشان ڪيو هو. پر اکر نہ اڪليو هئائين.

ان وقت تسليم توکي ڏاڍو ساريندو هوس. بي انتها توکي ياد ڪندو هوس، ۽ پوءِ…… رڪجي ويو. وقفو ڪري وري ڳالهايائين خودڪشي ڪرڻ لاءِ بار بار سوچيندو هيس ۽ ارادا ڪندو هيس.

تسليم ڏڪي وئي.

پر خبر اٿئي تسليم خودڪشي ڇو نہ ڪيم. دودي جو آواز ڳرو ٿي ويو. اکين مان ڳوڙها بي ساختہ وهي هليس، اوندھ ۾ جيڪي تسليم کي نظر ڪو نہ آيا.

پڇ نہ، تہ خودڪشي ڇو نہ ڪيم؟ هُو سڏڪي پيو. دودي وري ڳالهايس، پڇ نہ تسليم ……، هاڻي سڏڪن جي سيريز هئي. تسليم دهلجي وئي. پهاڙن جيان مضبوط دودو ڀور ڀور، پرزا پرزا ۽ پروڻ ٿي پيو هو. تسليم ان کان پڇي نہ سگهي. ان ڪري پاڻ ئي ٻڌايائينس ، تسليم توکي آخري ڀيرو ڏسڻ پئي چاهيم. ملڻ پئي چاهيم. چوندي وري سڏڪن ۾ پئجي ويو. دودو اڄ ٻار جيان رنو هو. ھُو ڏهاڪن کان ڄڻ ان انتظار ۾ هو تہ تسليم جو سهارو ملي تہ ان سان ملي رڃ ڪري روئان. اڄ دودي جي اکين سالن کانپوءِ غسل ڪيو هو. سندس اندر جو بار هلڪو ٿي پيو هو.

اوچتو تسليم دودي جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي ڀاڪر ۾ ڀري سيني سان لڳائي ڇڏيس. هاڻي دودو برسات جيان وسيو ۽ رنو. تسليم پنهنجي هيٺين چپ کي ڏندن ۾ ڀڪوڙي رکيو. اکر نہ اڪليس، رڳو سيني سان لڳائي رکيائينس. پريان هڪ جوڙي کي ايندي ڏسي دودي کي چيائين، دودا هاڻي بس ڪر، دودا آهستي…… نہ تہ مان اڄ مري وينديسانءِ.

ائين نہ چئہ تسليم، دودو ڄڻ هوش ۾ اچي ويو. تڪڙ تڪڙ ۾ ڪوٽ جي کيسي مان ٽشو ڪڍي اکين کي اگهي ورتائين. ٽشو آلو ٿي ويس تہ هٿ جي ترين سان ٻارن وانگر اکيون اگهندي چيائنيس، تسليم ھتان جي اخبار جي مالڪ ۽ هاڪاري ليکڪا مون کي ان وقت کان وٺي سڃاڻندي هئي جڏھن مان ٽائمس ۾ ڪم ڪندو هوس. لاهور، اسلام آباد ۽ ڪراچي جي سيمينارن ۾ مون کي ڪافي ڀيرا ڳالهائيندي ٻڌو ۽ ڏٺو هئائين. ان کي جڏھن منهنجي سڄي صورتحال معلوم ٿي تہ مون کي پنھنجي اخبار ۾ ڪم جي آڇ ڪيائين. آڇ ڇا، بس فليٽ تان سامان کڻائي ائير پورٽ تي وٺي آئي ۽ اسلام آباد ۾ ان ڏينهن کان اخبار ۾ جوائن ڪرائي ڇڏيائين. جيڪڏھن سارا سهارو نہ ڏئي ها ۽ اخبار جو ڪور نہ ملي ها تہ شايد ماريو وڃان ها. پارٽي ليڊر هڪ ٻہ ڀيرا حملو بہ ڪرايو هو پر ماريائون نہ، شايد هُو مون کي خوفزدھ ڪرڻ چاهيندو هوندو.

هاڻي تہ اٺ سال گذري ويا آهن. پنهنجي مرضيءَ سان ڪم ڪندو آهيان. ادارو مون مان مطمئن ۽ خوش آهي. جڏھن بي سڪون ٿيندو آهيان تہ سيد پور هليو ايندو آهيان. اڄ خبر پئي تہ مان بار بار سيدپور ڇو ايندو هوس!

تسليم پڇي ورتس ڇو؟

ان ڪري تہ سيدپور ۾ توسان ملاقات جو ٿيڻي هئي. تسليم ٿڌ ڪري ڪنبڻ لڳي. هوا تيز ٿي وئي هئي.

اچ تڪڙي اچ تہ سامهون واري ڪيفي ۾ هلون، توکي سيءُ ٿو ٿئي. دودي چيس.

تسليم سُوپ جو آرڊر ڪيو هو. ڳوڙهن جا نشان دودي جي چهري تي عيان ٿي پيا هئا. ان ڪري تسليم چيس، دودا واش روم مان ٿي اچ. دودي چوڻ ڪيو هوس. ڪيفي جو هال سينٽرلي هيٽيڊ هو. سُوپ پيئندي دودي تسليم کان پڇي ورتو تہ، سڪندر صاحب ڪيئن آهي ۽ تنهنجا ٻار؟

سڪندر ٺيڪ آهي. ٻار مون سان هن وقت  پئرس ۾ رهن ٿا. پر اهي ڊينش نيشنل آهن. سڪندر اسٽاڪ هوم ۾ نئون بزنس اسٽارٽ ڪيو آهي. ان کي گهڻو وقت ڏئي ٿو. ان ڪري هُو اسٽاڪ هوم ۾ رهي ٿو. تسليم سڪندر جو ڪو گهڻو گرم جوشيءَ سان ذڪر نہ ڪيو.

تسليم جڏھن سي ايس ايس پاس ڪئي تہ سڪندر هن جي ڪڍ پيو هو. ڊفينس ۾ پاڙيسري هيس. ٺيڪدار جو آڙيڪاپ پٽ هو. تسليم جو جج پيءُ سڪندر جي پيءُ سان گڏ ھڪ مسجد ۾ نماز پڙهندو هو ۽ تبليغ جي مرڪز تي بہ اڪثر گڏ گڏ ويندا هئا تہ سڪندر بہ انهن سان گڏ هوندو هو. جج صاحب سڪندر مان ڏاڍو متاثر هوندو هو. تسليم سي ايس ايس ڪرڻ کان پهريون بہ ۽ پوءِ دودي جو ذڪر پيءُ سان ڪيو هو. پر دودي جي  نظرياتي لائين، سياسي وابستگي، ان جي سرگرمين، معاشي حالتن ۽ ڪالمن جي ريڊيڪل لکڻين جج صاحب کي دودي کان باغي ڪري ڇڏيو هو. نظرياتي فرق، سماجي اسٽيٽس دودي ۽ جج صاحب جي وچم حائل هو.ان ڪري دودي جي ذڪر تي جج صاحب چڙي پوندو هو. ٻي طرف تسليم جي بار بار چوڻ جي باوجود دودو سي ايس ايس جو ارادو ترڪ ڪري سياسي ڪم ۾ جنبي ويو هو.

جج جي اندر ويٺل مولويءَ سڪندر سان تسليم جو رشتو طئہ ڪندي فيصلو صادر ڪري والٽن کان واپسي بعد تسليم جي ان سان شادي ڪرائي ڇڏي.

تسليم سڪندر کي صرف مڙس تسليم ڪيو ۽ سڪندر ان ۾ بہ خوش هو. هو فارن ۾ تسليم جي پوسٽنگس مان فائدا کڻندي پنهنجا مقصد ماڻيندو رهيو. هاڻي تسليم ان جي مجبوري نہ هئي. هو ٺيڪيدار جو پٽ هو ۽ ڪانٽريڪٽ کي نڀائڻ خوب ڄاڻندو هو. ان ڪري ٺيڪي جي اصولن کان سواءِ هن وٽ محبت، پيار ۽ جذباتي وابستگي بي معني هئي. جج صاحب جي فيصلي جي سوليءَ تي تسليم لٽڪيل هئي ۽ ان سوليءَ کي هاڻي ٽئي ٻار بہ چنبڙيل هئا.

اوچتو تسليم جي سيل فون جي رنگ ٽون وڳي. هن کي احساس ئي نہ رهيو تہ رات جا ساڍا نَو ٿي ويا آهن. اڄ ڏهين وڳين ڪورس جي ميمبرن جي فارن منسٽر سان ڊنر هئي. ڊنر ۾ هن کي هر حال ۾ پهچڻو هو ۽ صبح ڇهين وڳين هن جي پئرس لاءِ فلائيٽ هئي. ان ڪري تہ ٽن ڏينهن کانپوءِ وزيراعظم جو فرانس جو سرڪاري دورو هو.

هوءَ تڪڙ ۾ اٿي. بلُ ڏئي، ڊرائيور کي فون ڪري دودي کي سڄو شيڊول ٻڌايائين. تڪڙي تڪڙي ڪيفي مان ٻاهر اچي مين گيٽ تي پهچندي دودي جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ وٺندي چيائينس، دودا خودڪشيءَ جو ڪڏھن بہ نہ سوچجانءِ.

تسليم جي گاڏي گيٽ جي ڀرسان اچي بيٺي.

سال کانپوءِ منهنجو پروموشن ٿيڻو آهي. ٿي سگهي ٿو تہ منهنجي پوسٽنگ هاڻي منسٽريءَ ۾ اسلام آباد ۾ ٿئي. مان توسان رابطي ۾ رهنديس. اخبار جي جاب کي نہ ڇڏجانءِ. اسلام آباد کي بہ نہ ڇڏجانءِ. اهو چوندي دروازو کوليندي ڪار جي پوئين سيٽ تي ويهندي شيشو کولي ڇڏيائين.

تسليم مان سڀاڻي پنهنجي جلاوطني ختم ڪندس. مان سڀاڻي هميشہ لاءِ سنڌ پيو وڃان.

ڇو……تسليم تڪڙ ۾ پڇي ورتس.

تسليم پاڻ وري ڪڏھن ملي نہ سگهون.

ڇو… دودا… آخر ڇو؟

تسليم وري هڪي ٻڪي ٿي وئي.

تسليم مون کي ٻن سالن کان بلڊ ڪينسر آهي. مان ڪجھ ڏينهن جو مهمان آهيان. مان پنهنجي ماءُ وٽ پناھ وٺڻ ٿو چاهيان. هاڻي مون کي خودڪشيءَ جي ضرورت نہ آهي ۽ توسان آخري ملاقات بہ ٿي وئي.

تسليم ڪار مان لهڻ جي ڪئي. دودي روڪي ورتس. تسليم تون وڃ، تنهنجي ميٽنگ آهي. تو کي دير پئي ٿئي. دودي هٿ جي اشاري سان ڊرائيور کي هلڻ جو اشارو ڪندي پاڻ تڪڙو تڪڙو روڊ ڪراس ڪري ٻي سائيڊ کان هلڻ شروع ڪيو. ڪار زوڪاٽ ڪندي جڏھن هلندي وئي تہ دودي ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو تہ تسليم منهن ٻاهر ڪڍي دودي کي تڪيندي پئي وئي. ٿڌي هوا جو جهوٽو دودي جي جسم سان ٽڪرايو ۽ جسم مان سسراٽيون ڪڍرائي ويس. ڪوٽ جي کيس مان سگريٽ ڪڍي دکائي وڏو گهرو ڪش وٺندي اکين مان وري ڳوڙها ڳڙي پيس. نڙيءَ مان گهگهو آواز نڪتس، لطيف جو بيت هُري آيس، ساڄَنُ ميڙيُسِ سُورَ……! هٿ لوڏيندي چيائنيس باءِ باءِ تسليم.

______________

منظور ڪلهوڙو سنڌي ادب جو هڪ ناميارو ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ مضمون نگار آهي.  جنهن جون تحريرون سماجي شعور ۽ ثقافتي جڙن سان گهريءَ طرح جڙيل آهن. هُن ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شهر قمبر ۾ جنم ورتو ۽ هو هن وقت لاڙڪاڻي ۾رھي ٿو. منظور ڪلهوڙي جون ڪهاڻيون سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن  ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. سندس تخليقون هندستان ۾ پڻ شايع ٿيون آهن ۽ انهن جا اردوءَ ۾ ترجما پڻ ٿي چڪا آهن. هو انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو مرڪزي عهديدار پڻ آهي. ادبي ميدان ۾ مڃتا طور کيس نسيم کرل ايوارڊ، انيس انصاري ايوارڊ ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button