Editor's pickMain Slideڪالم

قلم کي خُون ۾ ٻوڙي نئون هڪ گيت لکبو…

ادبي سفر سان گڏ شاعريءَ جي هڪ اڻ وسامندڙ چڻنگ نثار منصور جي اندر ۾ ننڍپڻ کان ئي روشن رهي، جيڪا وقت سان گڏ وسامڻ بدران وڌيڪ اُجري ٿيندي وئي ۽ اڄ تائين سندس دل ۽ دماغ ۾ روان دوان آهي. نثار منصور جي ادبي سفر جو اڀياس.

نسيم بخاري

زندگي، ڪتابن جي صفحن، سٽن ۽ لفظن جو هڪ اهڙو اڻ کٽ سفر آهي جنهن ۾ نثار منصور پنهنجي ساهن جي روانيءَ کي محسوس ڪيو آهي. ھن هميشه اهو ئي سوچيو ۽ مڃيو آهي ته انسان جي تحرير ۽ تقدير ڪٿي نه ڪٿي لفظن جي ئي اڻکٽ جهان ۾ گم ٿيل آهي . انهيءَ گم ٿيل سچائي ۽ لفظن جي اندر لڪيل راز کي ڳولھيندي ھن پنهنجي عمر جا اٽڪل ٽيهه سال ان ئي فڪري جستجوءَ ۾ گذاري ڇڏيا آهن. سندس جنم 8 اپريل 1970ع تي ضلعي جيڪب آباد جي هڪ ننڍڙي  ڳوٺڙي “خان ڪٽي” ۾ ٿيو. ننڍپڻ ۾ ئي  پنهنجي ناني جي نالي جي ڀاڪر ۾  پرورِش ۽ تربيت ماڻي، ۽ ان ئي جي نظر ۽ اکين سان هن وسيع ۽ عجب سان ڀريل دنيا کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي شروعات ڪئي.

علم جي ڳولھا جو سفر مختلف شهرن ۽ اسڪولن جي گهٽين مان گذريو. شروعاتي اکري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ پڙهائيءَ جي شوق  کيس شڪارپور جي تاريخي ماحول ڏانهن آندو، جتي ڪاٺ مڏي پرائمري اسڪول مان پنجون ڪلاس پاس ڪري  تعليم جو سفر اڳتي وڌيو ۽ مبارڪ پور جي مڊل اسڪول مان ستين ڪلاس تائين پڙهڻ کان پوءِ ميان جي ڳوٺ جي مڊل اسڪول مان اٺين جو امتحان پاس ڪيائين.

نثار پنھنجي ننڍڙي ڳوٺ خان ڪٽو کان روزانو سائيڪل تي ست اٺ ڪلوميٽر گرميءَ سرديءَ ۾ بيگاري واھ جي ساڄي ڪپر جيڪو جيڪب آباد ضلعي ۾ آھي،ان رستي ايندي اسڪول پھچندو ھو.اھو سندس پڙھڻ سان ڀرپور چاھ  جو اظھار ھو.  تعليم جي جستجوءَ کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1 تائين پهچايو جتان ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ سي اينڊ سي سي ڊگري ڪاليج مان انٽر جو مرحلو مڪمل ڪري پنهنجي عملي ۽ علمي زندگيءَ جي نئين موڙ، يعني ڪراچي شهر ڏانهن پنڌ پيو.

ڪراچي جهڙي وڏي ۽ مصروف شهر ۾ اچي شروعات ۾ روزگار جي سلسلي ۾ ڪجهه ننڍا وڏا ڪم ڪيائين ، پر دل جو رشتو هميشه علم ۽ ادب سان ئي جڙيل رهيس. انهيءَ ئي ادبي لڳاءُ جي نتيجي ۾  1995ع ۾ ماهوار “پرک” جو رسالو  شايع ڪيو. هي رسالو مسلسل ٻن ڏهاڪن تائين علمي ۽ ادبي سڃاڻپ بڻجي 2017ع تائين جاري رهيو.

نثار منصور بنان ڪنهن  ٽيم جي، اڪيلي  مسلسل ماهوار رسالي جا شمارا نه رڳو تسلسل سان شايع ڪندو رهيو ، پر هر پرچو جنهن معيار، محنت ۽ جاکوڙ سان تيار ڪيو ، اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. سندس ڪوبه پرچو نظرانداز ڪرڻ جهڙو ناهي، ۽ نه ئي ڪا اهڙي تحرير ملي ٿي، جنهن کي رڳو جاءِ ڀرڻ واري تحرير قرار ڏئي سگهجي.

هن تعلقاتن، دوستين ۽ مختلف دٻائن کي هڪ پاسي رکي، رڳو قابليت ۽ اهليت جي بنياد تي مواد کي پنهنجي رسالي ۾ جاءِ ڏني. جن پرڏيھي موضوعن ۽ تحريرن کي ضروري ۽ اهم سمجهيو، انهن کي عالمي ادب مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پڙهندڙن تائين پهچايو. خاص طور نوبيل انعام ماڻيندڙ شخصيتن جا انٽرويوز، دنيا جي نامور اديبن جا انٽرويوز ۽ اهم تحريرون سنڌي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري، هو مسلسل پنهنجي پڙهندڙن کي نئين مواد، نئين ڄاڻ ۽ نون فڪري رخن سان روشناس ڪرائيندو رهيو.

هڪ معياري ميگزين ڇاپڻ  هڪ ڳالهه آهي، پر ان کي سنڌ جي ڏورانهن علائقن تائين پهچائڻ، سنڌ کان ٻاهر مختلف صوبن ۽ ملڪن ۾ پڙهندڙن تائين رسائڻ ۽ هر پرچي جي ورڇ جو بندوبست ڪرڻ انتهائي ڏکيو، ٿڪائيندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ ڪم آهي. نثار منصور اهو ڪم وڏي ديانتداري، فرض شناسي ۽ مستقل مزاجيءَ سان سرانجام ڏيندو رهيو آهي.

هڪ ڀيري هن مون سان رابطو ڪري پنهنجي ميگزين جي ڪور اسٽوري لاءِ ”قبيلائي دهشتگردي ۾ رياستي مشينريءَ جو ڪردار“ جي موضوع تي اٺن صفحن تي مشتمل مواد، مختلف باڪسز سان گڏ، شايع ڪيو. اهو موضوع پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان انتهائي حساس هو، جنھن کي هن ان کي سنجيدگيءَ ۽ جرئت سان پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو.

ادب جي ان سفر سان گڏ شاعريءَ جي هڪ اڻ وسرندڙ چڻنگ هنجي اندر ۾ ننڍپڻ کان ئي روشن رهي، جيڪا وقت سان گڏ وسامڻ بدران وڌيڪ اُجري ٿيندي وئي ۽ اڄ تائين هنجي دل ۽ دماغ ۾ روان دوان آهي. هنجي ان ادبي مشغوليءَ جي نتيجي ۾ شاعريءَ جو هڪ مجموعو ھينئڙو هيرڻ  پن جيئن ڇپيل آهي، جڏهن ته نثر ۽ نظم تي مشتمل هن جا پنج وڌيڪ ڪتاب تصنيف جي مرحلن مان گذري رهيا آهن. اڄڪلھ  ڪراچي۾ رهي ٿو ۽ اتي جي هڪ ڪاليج ۾ بطور پروفيسر پنهنجون علمي ۽ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

سندس ڪجھ نظم پڙھندڙن لاء پيش ڪجن ٿا.

ايڏو غرور صاحب؟

اک لئه عجب تماشا،

ٻوڙن ڪنن ٻڌا پئي،

ويچار ويڙھجي ويا

سڏڪن سڀن ٻڌا پئي

دهشت- دم- دلاسا

پردن- پکن ٻڌا پئي,

محفل متل هئي تنهنجي

ٽهڪن سڀن ٻڌا پئي

تڙپي ٿي طنز تنهنجي

سڏڪن سڀن ٻڌا پئي

اعلي عميق ڳالهيون

داناءَ در جون دايون

هن واٽ جا هي جوڳي

هن واٽ ڏي لڙيا پئي

لفظن جا دان گهرندي

زخمي ٿيا سمورا

سارا ٿيا سماجي

سڀني کي موھ پنهنجو

تنهنجي اندر ۾ ڪيڏو

 آهي هي ڊوھ پنهنجو

هڪ  عرض آهي صاحب

ڪيڏي وڏي آ دنيا 

ڪيڏا وڏا هي ماڻا

غربت! غريب آهي

صحبت نصيب ڪنهن کي

چاهت ته چير ڏئي ٿي

راحت نصيب ڪنهن کي

محبت ته آ مجازي

ذلت نصيب ڪنهن کي

اتهاس جي اکين ۾

احساس ڪيڏا خالي

شعلا شعور ڏس تون

جذبا جنون خالي

ٽهڪن ٽڙڻ کان اڳ ۾

تنهنجا نصيب خالي

دنيا ته ديپ وانگر

اونڌه عجيب خالي

سڀ سَڌ جا سناٽا

هئه هئه حبيب خالي

دهشت فريب تنهنجو

وحشت وجود خالي

لهرن لکيا پئي تنهنجا

ساحل سُروُرَ خالي

بي جا هي شور آهي

هر بار سور خالي

سڀ ڪجھ فنا آ ٿيڻو

سڀ ڪا بقا آ خالي

ڪيڏا عجيب صاحب

سڀ دور هاڻي خالي

طاقت ته ڪانه ترندي

طاقت تباھ خالي

هي جوش تنهنجو صاحب

آهي غرور خالي

توکان اڳي جي آيا

تن جا اصول خالي

حيرت ۽ هيڪلائي

تنهنجا نصيب خالي

لفظن اندر رکيا مون

تنهنجا ڪلور خالي

هڪ ڏينهن توتي کلندا

منهنجا حضور خالي

هي دم هي دلاسو

سڀ ڪجھ اتي ئي خالي

ڦوٽي جيان ڦسي پئين

ڦڙڪيون ڦٽل هي خالي

ايڏو غرور صاحب

ڪاوڙ ملال خالي.

___

 پيئڻ سان  پر  ٿيا    آهن،

نماڻا    نيڻ    ڇا    ڄاڻن،

اڪيلي  شام جا  سڏڪا،

اڪيلي  دل  جھليا  آهن.

گلاسن   مان   ڏٺا   آهن،

پرين جي پيار جا  منظر،

بدن جي  بار   جا  منظر،

ڪيڏا دل دار  جا منظر.

ايامن   کان  ڏني  ناهي!

ڇني  دلڙي  ڀني  ناهي!

توکان وڇڙي رني ناهي!

پھر هڪڙو   پني ناهي.

منهنجي! رات جي راڻي،

جواني ڪٿ اسان ماڻي،

اسان سوچيو ته آ توکي،

اکين مان بس ٽميو پاڻي.

ڪڏهن  سپنا   کڻي  آئي،

اسان  کي  بس  وڻي آئي،

ڪڏهن هي تير نظرن جا،

اسان کي  بس هڻي  آئي.

نظر   نه  هاڻي   آئي   آ،

انهي جي واٽ   وائي  آ،

انڌيري   رات   ڇائي.  آ،

اسان   دلڙي   وڇائي  آ

___

درد کي ڳائي ٿڪي

هي ديوانا پيا سمهي

ساز ۾ ڪو راز آهي

سار آهي ساز آهي

هار جهڙي هي جواني

سانت ۾ سڏڪي جيان

هار جي هڏڪي وڏي

پيار جا پنڇي اڏي

تنهنجي آڳر تي اچي

چنڊ کي ڀاڪر ڀري

تنهنجي نيڻن کي ڏسن پيا

اڄ به ڪجلا نيڻ تنهنجا

هاءِ ڪجلا نيڻ تنهنجا…

____

گلابي هوائن ۾ هٻڪار آهي،

ڪڏهن جيت آهي ڪڏهن هار آهي،

ڪڏهن آهين سامهون ڪڏهن سار آهي،

سوا تنهنجي جندڙي ته بيڪار آهي.

گلابي هوائن ۾ هٻڪار آهي.

نگاهن ۾ نيرا ڪي احساس آهن،

اسان دل جلين کي ڪي وشواس آهن،

اوهان جا ازل کان ڪي احساس آهن،

گهٽين ۽ گلين کي ڪيئي واس آهن.

چپن تي اوهان لئه وڏي سار آهي.

گلابي هوائن ۾ هٻڪار آهي.

ازل ۽ ابد جا ڪي ليڪا لتاڙي،

اسان موه ماڻيو اسان تنهنجي پاڙي،

اسان توکي چاهيو ڇڏيو توکي ساري،

غمن ۾ خوشين کي ڇڏيوسين وساري،

وسارڻ ته توکي وڏي هار آهي.

گلابي هوائن ۾ هٻڪار آهي.

چپن تي ڪي مرڪي نگاهون ملايو،

دلين تي هي دستڪ وري پيا لڳايو،

ريشم و اطلس ڀلي ويس پايو،

گلاسن ۾ هر هر کڻي چنڊ لاهيو،

جنم جو قصو هي وري پار آهي.

گلابي هوائن ۾ هٻڪار آهي.

حسن هي حقيقت حسن هي حياتي،

حسن جي طريقت حسن ساڻ لاتي،

حسن موه آهي حسن ۾ ئي پاتي،

حسن رنگ آهي حسن آهي ڪاتي،

جسم ڊوه آهي ڪسڻ ڪار آهي.

گلابي هوائن ۾ هٻڪار آهي.

____

چپ جي چادر وڇائي وئي آهي،

باھ  هر  پاسي  لڳائي  وئي آهي.

آس  کي  اڪيلائي  کائي   وئي،

اسان لاء خوشي آئي!  وئي آهي.

هر  ڊوڙ  ۾  پاڻ  هار ئي کاڌي آ،

هر ھار پاڻ لاء سجائي وئي آهي.

دل کولي ڪڏهن ٽهڪ ڏئي ڏس،

زندگي هونئن ته اجائي وئي آهي.

____

سڄو سنسار ڊاهي پوءِ نئون سنسار ٺاهيوسي،

قلم ۾ اڄ وجهي ڳوڙها نئون اظهار ٺاهيوسي.

وڃڻ ڏي رات کي آخر وري اجرو صبوح ٿيندو،

وري ڪي ٽهڪ به ٻرُندا پکين لئه پار ٺاهيوسي.

اسان جا نيڻ ڳولهين پيا نشيلي شام جو شاخون،

لهي ٿو سج ڇولين سان پرينءَ جو پار ٺاهيوسي.

مسافر! چنڊ تارن ۽ ڪَتين جون ڇڏ سڀئي ڳالهيون،

اسان ڌرتيءَ جي سيني تي نئون هڪ پيار ٺاهيوسي.

قلم کي خُون ۾ ٻوڙي نئون هڪ گيت به لکبو،

اکين جا لڙڪ به اگهبا کلي هڪ ٻار ٺاهيوسي.

___________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“  شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button