امن جي ڳولا: امن صرف خواهشن سان نہ ٿيندو۔ ان لاءِ سوچ بدلائڻي پوندي
جڏهن ماڻهن جي دلين ۾ همدردي، انصاف ۽ برداشت پيدا ٿيندي آهي، تڏهن معاشرا به بدلجڻ لڳندا آهن۔ نفرت جي جاءِ تي محبت، انتقام جي جاءِ تي معافي ۽ طاقت جي جاءِ تي انصاف اچي ويندو آهي۔ اهو ئي اصل انقلاب هوندو آهي، جيڪو بغير جنگ جي دنيا کي بدلائي سگهي ٿو۔

حڪيم پريم چاندواڻي
انساني تاريخ جي وڏي حقيقت اها آهي ته دنيا ڪڏهن به هڪ جهڙي نه رهي آهي۔ وقت جي لهرن سان گڏ معاشرا بدلجندا رهيا آهن، سوچون تبديل ٿينديون رهيون آهن، ۽ انسان پنهنجي تقدير کي نئين رخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي۔ اڄ به دنيا هڪ اهڙي ئي موڙ تي بيٺي آهي جتي هر طرف تبديليءَ جي ڳالهه ٿي رهي آهي۔ ماڻهو محسوس ڪري رهيا آهن ته پراڻا طريقا، پراڻيون نفرتون ۽ پراڻيون تڪراري سوچون هاڻي انسانيت کي اڳتي وٺي وڃڻ جي قابل ناهن رهيون۔
هي زمانو هڪ نئين شعور جو زمانو آهي۔ هر طرف اهو احساس وڌي رهيو آهي ته جيڪڏهن دنيا کي بچائڻو آهي ته ان جو رستو صرف امن مان ئي گذري ٿو۔ جنگين، دشمنيءَ ۽ نفرتن جو نتيجو هميشه تباهي رهيو آهي۔ تاريخ جا ڪيترائي ورق ان ڳالهه جا شاهد آهن ته جڏهن به انسان طاقت ۽ غرور کي عقل ۽ همدرديءَ تي غالب آندو آهي ته ان جو انجام برباديء جي صورت ۾ نڪتو آهي۔ شهر اجڙيا آهن، قومون ٽٽيون آهن، ۽ نسلن جا خواب خاڪ ٿي ويا آهن۔
اڄ جي انسان جي دل ۾ هڪ نئون سوال جنم وٺي رهيو آهي ته ڇا دنيا کي سدائين نفرتن جي باهه ۾ ساڙيو ويندو، يا هاڻي ڪو اهڙو دؤر به ايندو جتي انسان انسان جو دشمن نه پر ساٿي بڻجي، دنيا ۾ پائدار امن جو طالبو هوندو۔ اهو سوال ئي تبديليءَ جي شروعات آهي۔ جڏهن قومون پاڻ کان سوال پڇڻ شروع ڪن ٿيون، تڏهن تاريخ جو رخ بدلڻ لڳندو آهي۔ حقيقت ۾ ايٽمي حملن جي ڌمڪين اثر ڏيکاريو آهي۔ اهڙين ڌمڪين انسانن جي دلين کي لرزائي ڇڏيو، هر هڪ کي پنهن جي باري ۾ سوچڻو پيو ته اگر اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي ته اسان جو ڇا ٿيندو۔ انهيء خيال ئي کين امن جي لاء سوچڻ تي مجبور ڪيو۔
دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهو هاڻي امن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن۔ هر عام ماڻهوء جي دل ۾ اها خواهش موجود آهي ته هن جي ٻارن جو مستقبل خوف ۽ جنگ کان آزاد هجي۔ هر ڪو چاهي ٿو ته اسڪولن ۾ ڪتاب هجن، هٿن ۾ هٿيار نه هجن، شهرن ۾ باغ هجن، بارود جي بوء نه هجي، سرحدن تي گوليون نه پر ڳالهہ ٻولهہ سان مسئلو حل ڪجي۔
امن صرف خواهشن سان حاصل نٿو ٿئي۔ امن لاءِ سوچ بدلائڻ ضروري آهي۔ جڏهن قومون پنهنجي طاقت کي ٻين کي دٻائڻ بدران انسانيت جي خدمت لاءِ استعمال ڪنديون آهن، تڏهن امن جا در کلڻ شروع ٿيندا آهن۔ جڏهن سياسي مفادن کان مٿي انسانيت جي قدرن کي رکيو ويندو آهي، تڏهن دنيا هڪ نئين روشني ڏانهن وڌڻ لڳندي آهي۔
تاريخ ٻڌائي ٿي ته تبديلي هميشه اندر کان شروع ٿيندي آهي۔ جڏهن ماڻهن جي دلين ۾ همدردي، انصاف ۽ برداشت پيدا ٿيندي آهي، تڏهن معاشرا به بدلجڻ لڳندا آهن۔ نفرت جي جاءِ تي محبت، انتقام جي جاءِ تي معافي ۽ طاقت جي جاءِ تي انصاف اچي ويندو آهي۔ اهو ئي اصل انقلاب هوندو آهي، جيڪو بغير جنگ جي دنيا کي بدلائي سگهي ٿو۔
اڄ جو انسان شايد اڃا تائين مڪمل امن تائين نه پهتو هجي، پر هن جي اندر امن جي خواهش اڳي کان وڌيڪ مضبوط ٿي چڪي آهي۔ اهو ئي سبب آهي جو دنيا آهستي آهستي تبديليءَ طرف وڌي رهي آهي۔ ماڻهو هاڻي اهو سمجهي رهيا آهن ته نفرتن جي سياست ۽ جنگين جي فلسفي سان ڪو به مستقل ۽ بهتر مستقبل تعمير نٿو ٿي سگهي۔
شايد اهو سفر اڃا ڊگهو هجي، شايد ان ۾ ڪيترائي موڙ اچن، پر تاريخ جي وهڪري کي ڏسي ائين لڳي ٿو ته انسانيت آهستي آهستي هڪ اهڙي دؤر ڏانهن وڌي رهي آهي جتي امن صرف خواب نه رهندو، پر هڪ حقيقت بڻجندو۔
ڇو ته آخرڪار دنيا جي سڀني قومن، سڀني ثقافتن ۽ سڀني دلين جي هڪ ئي دعا آهي:
ته ڌرتي نفرتن کان آزاد هجي،
۽ انسانيت امن جي ڇانوَ ۾ ساهه کڻي سگهي۔
جنگ وڏي تباهي آهي،
امن امان خوشحالي آهي۔
_______________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو سنڌ جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو



