Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ھن حال جو ذميوار ڪير؟ جڏھن مردن جي مارجڻ سبب عورتون پنڻ تي مجبور ٿين!

اسان جا مرد پنهنجي برادريءَ جي ماڻهن سان وڙهي وڙهي تباهه ٿي چڪا آهن، انهن مان ڪافي پوليس وٽ قيد آهن، ڪي ڀاڳيلا ته ڪي معذور ٿي چڪا آهن، گهر ۾ ڪمائيندڙ ڪو به نه بچيو آهي، جيڪو اسان کي ۽ اسان جي ٻارن کي ڪمائي کارائي. گهر ۾ فاقاڪشي ڪري اسان ۽ اسان جا ٻچا ٿڪجي پيا آهن.“ سنڌ جي ڪجھ زائفائن جو قصو جيڪي مجبور ٿي سرِعام پنڻ تي مجبور ھيون

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

تحرير ، پروفيسر مدد علي جھتيال

 او ادا، او چاچا، او بابا! اسان جا پئسا نڪري ويا آهن، خدا جي واسطي، پنهنجن ٻچن جي صدقي، اسان کي پئسا ڏيو ته اسان ڪرايو ڪري ڳوٺ وڃون. اسان ڏاڍا مجبور۽ لاچار آهيون. اسان سان گڏ ننڍڙا ٻچڙا به آهن. هي صدائون هيون، بس اسٽاپ تي هڪ خاندان جون! آئون ڪراچي پيو وڃان، اتفاق سان مون کي به گلشن حديد جي سواري نه پئي ملي ۽ اتي انتظار ڪندي ٽي چار ڪلاڪ ٿي ويا هئا. آئون انهن عورتن کي ڏسندو رهيس هر ايندڙ ويندڙ ماڻهو کي ساڳيون صدائون ڪنديون رهيون.

 هڪ شخص جيڪو ڏسڻ ۾ ته سٺي گهراڻي جو پئي لڳو، ان کي عورتون ساڳيون صدائون ڪنديون رهيون، پر هن انهن جي هڪ به نه ٻڌي، ائين پيو محسوس ڪرائي ته هو انهن جون صدائون ٻڌي ئي نه پيو. مون کي الائي ڇا ٿي ويو. ان جي ويجهو وڃي ان کي چيو ادا اوهان ٻوڙا آهيو ڇا؟ ڪيتري دير کان هي عورتون اوهان کي ايلاز ۽ منٿون پيون ڪن، اوهان کي جون ئي نه ٿي چري، جيڪڏهن اوهان وٽ پئسا نه آهن ته انهن کي صاف صاف جواب ڏيو، باقي ڪن ٽار ڪيو ائين بيٺا آهيو ڄڻ روبوٽ هجو، منهنجي چوڻ جي دير هئي همراهه صفا تپي ويو، مون کي ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳو توهان جون مائيٽياڻيون آهن ڇا؟ وري معذرت ڪري چوڻ لڳو، ادا اوهان کي معلوم ناهي، پنڻ به سنڌ ۾ ڪلچر ٿي چڪو آهي. آئي ڏينهن ائين اهڙا ماڻهو، ماڻهن کي بيوقوف ڪري ڦرين ٿا. هي هاڻي پروفيشن آهي. مون کيس چيو ته ڇا  اوهان هر ماڻهو کي سڃاڻو ٿا ته سڀ جا سڀ ٺڳ آهن، ٿي سگهي هي مجبور، لاچار هجن. مون کي چوڻ لڳو ڀاءُ اڪثر ماڻهن جو اهو ڌنڌو ٿي چڪو آهي. هاڻي اسان کي هر ماڻهو چا هي مجبور هجي يا لاچار ٺڳ لڳي ٿو. آئون هنن ٺڳ عورتن جي هٿان بيوقوف نه ٿيندس.

 همراهه سان اڃان ڳالهائي رهيو هئس، مون ڏٺو ته اهي عورتون هڪ ڪار کي چنبڙي ويون، منهنجو ڌيان اوڏانهن ويو، ان ڪار ۾ فيملي ويٺل هئي، انهن دير ئي نه ڪئي 10 روپيا ڪڍي کين ڏنا ۽ ڪار جا شيشا بند ڪري انهن جو آواز ئي ٻڌڻ نه پيا چا هين، ڪار ٻاهران عورتون ايلاز ڪنديون رهيون ته اسان کي 10 روپيا نه گهر جن، اسان کي گاڏي جو ڀاڙو ڏيو ته اسان ڳوٺ وڃون، اسان جا پئسا نڪري ويا آهن، اسان مجبور آهيون. ڪار وارن انهن جي هڪ به نه ٻڌي ۽ روانو ٿي ويا.

 اسٽاپ تي اهڙو ته منظر ٿي ويو هو جو هر ماڻهو انهن عورتن کي گهوري گهوري ڏسي ته پيو پر انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، ايئن پيو محسوس ٿئي جيئن تماشائي هجن. عورتن طرف نهاري ڏٺم ته اهي هڪ نوجوان سان ڳالهائي رهيون هيون، ان کي خدا جا ۽ ٻچن جا واسطا وجهڻ شروع ڪيائون، نوجوان به ڏاڍو جذباتي هو، ھن ڇا ڪيو جو کانئن سوال ڪرڻ شروع ڪيا، ڪٿان جا آهيو؟ هتي ڪيئن پهتا آهيو؟ اوهان جا پئسا ڪيئن نڪري ويا؟ اوهان هيترن ماڻهن جا ڪيئن پئسا نڪري ويا؟ اوهان ڏسڻ ۾ ته شريف گهراڻن جون پيون لڳو؟ اوهان هوشيار به پيون لڳو؟ آخر ڪار اوهان سان اهو سڀ ڪيئن ٿيو؟ مون کي صحيح صحيح ٻڌايو پوءِ مان اوهان جي مدد ڪندس. نوجوان جي سوالن جا جواب مختصر ڪري، هنن جواب ڏنو ته اسان ڀٽائي جي ميلي تي گهمڻ آيا هئا سين، اتي اسان کي خبر ئي نه پئي، اسان جا پئسا نڪري ويا. عورتن جو جواب ٻڌي نوجوان انهن عورتن کي چوڻ لڳو اوهان ڪوڙ ٿا هڻو. اوهان عوام کي چريو پيا ڪريو. نوجوان اڃا اهي لفظ مس چيا تہ هنن ڏٺو ته هي نوجوان حقيقت ٻڌڻ چا هي ٿو ۽ جيستائين هن سان سچي ڳالهه نہ ڪندا سين تيستائين هي نه سمجهي سگهندو ۽ نه ئي اسان جي جان ڇڏيندو. ڇو نه هن سان سچ ڳالهايون، ٿي سگهي کيس اسان تي رحم اچي ۽ اسان جي مدد ڪري. عورتن نوجوان کي چيو ته ادا اڄ تائين اسان کان ايئن ڪنهن به نه پڇيو آهي، اوهان کي پنهنجوڀاءَ سمجهي حقيقت ڪيون ٿا.

 عورتن نوجوان کي چيو، ادا اسان پينو فقير، ڦريندڙ يا بيوقوف ڪري پئسو وٺندڙ عورتون نه آهيون، اسان انتهائي گهڻي مجبوري کانپوءِ هي ڪم ڪيو آهي. اسان جا مرد پنهنجي برادريءَ جي ماڻهن سان وڙهي وڙهي تباهه ٿي چڪا آهن، انهن مان ڪافي پوليس وٽ قيد آهن، ڪي ڀاڳيلا ته ڪي معذور ٿي چڪا آهن، گهر ۾ ڪمائيندڙ ڪو به نه بچيو آهي، جيڪو اسان کي ۽ اسان جي ٻارن کي ڪمائي کارائي. گهر ۾ فاقاڪشي ڪري اسان ۽ اسان جا ٻچا ٿڪجي پيا آهن. اسان جي نه مٽ مدد ڪري رهيا آهن، نه اوڙي پاڙي وارا، نه ئي ڳوٺ وارا، الٽو اسان کي ڏسي منهن ڦيرائي ٿا وڃن، اسان تي ڪنهن کي به رحم نه پيو اچي. اسان وڃون ته ڪاڏي وڃون، هي پيٽ ته بکيو نه ٿو رهي سگهي، ٻار بک منجهان دانهون ڪوڪون پيا ڪن، اسان جو االله ڪانسواءِ ٻيو ڪو به هتي ناهي جو اسان جي مدد ڪري.

 نوجوان عورتن جي پوري حقيقت ٻڌي، ڏاڍو مايوس ٿيو ۽ مٿي تي هٿ رکي چوڻ لڳو، واهه جو اسان جو سماج آهي. بيٺي جو سڀ ڪو آهي ۽ ڪرئي جو ڪو به نه آهي. سوچيندي سوچيندي نوجوان زبان مان لفظ ڪڍيا ته مان اوهان جي ڪهڙي مدد ڪريان، اوهان کي گهر وٺي هلندس ته بابا وارا اوهان کي قبول نه ڪندا، جيڪڏهن بابا وارن کي راضي به ڪري وٺان تڏهن به اوهان کي ڪيترو کارائينداسين، اسان پنهنجي گهر جو گاڏو ئي مشڪل سان پيا ڌڪيون، جيڪڏهن اوهان جي دشمنن کي خبر پئي ته عورتون ۽ ٻار فلاڻي هنڌ رهن پي اته اهي ايندا توهان سان گڏ اسان کي به دڦ ڪري ويندا يا وري چوندا عورتن کي اوهان ڪهڙي لالچ جي بنياد تي هتي رهايو آهي، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ان کان علاوه جيڪڏهن اتان جي پوليس کي خبر پئي ته عورتون اسان وٽ آهن، اهي دير ئي نه ڪندا، نوڙي کي نانگ ڪري وٺندا ۽ اسان جي لاءِ مسئلا پيدا ڪندا.

 آخر ڪار نوجوان گهڻي سوچڻ کانپوءِ 100 روپيا ڪڍي انهن عورتن کي هٿ ۾ ڏنا ۽ کين چيو ادي منهنجي وس ۾ هي ئي اٿو. ٻيو آئون اوهان جي لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان، االله ئي اوهان جي مدد ڪندو. عورتون نوجوان جو جواب ٻڌي وڌيڪ مايوس ٿي ويون، انهن مان هڪ اڌ ٿڪجي ويهي رهي. ان کانپوءِ سوچڻ لڳيون ته هاڻي اسان جو ڇا ٿيندو؟ االله در ٻڏائينديون رهيون.

 مون اهو سارو ماحول ڏٺو، ان کانپوءِ انهن عورتن جي ويجهو اچي انهن کي تسلي ڏني. مون جيئن ئي هنن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو تہ چوڻ لڳيون ادا هتي اهڙو ڪو سرڪاري ادارو يا اين جي او آهي، جيڪو اسان کي پناهه ڏئي، اسان کي ۽ اسان جي ٻچن کي پيٽ ڀري ماني ڏئي. مان سوچڻ لڳس ته عبدالستار ايڌي سينٽر به شايد هنن کي پناهه نه ڏئي، ڇو ته هنن جو مسئلو ئي ڪجهه اهڙي قسم جو آهي، وري سرڪاري اداري ۽ اين جي اوز متعلق سوچڻ لڳس ته اهي به منهنجي سمجهه ۾ نه آيا. کين مون چيو ادي هاڻي ڳالهه هي آهي ته اسان جو سماج ظاهري طرح بيحس، لاچار ٿي چڪو آهي، اوهان هتي ويهي ڪيڏو به ماڻهن جي اڳيان ٻاڏايو، اوهان جي ڪير به نه ٻڌندو، نه ئي اوهان جي ڪا مدد ڪندو. هي جيڪي اوهان جي مٿان تڪليفون آيون آهن، سڀ جو سڀ عارضي ۽ وقتي آهن. هي تڪليفون اوهان جي لاءِ آزمائشون آهن، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اوهان آزمائشن ۾ ڪامياب وڃو ٿا يا نه. الله در ٻاڏايو، اهو ئي اوهان جي مدد ڪندو. الله تعاليٰ کي ٻاڏائڻ سان گڏوگڏ ڪجهه عقل کان ڪم وٺي پاڻ محنت مزدوري ڪريو، پنڻ سان اوهان جو مسئلو حل ٿيڻ وارو نه آهي، ڇو ته اوهان پينو فقير نه آهيو، هي پنڻ جو ڪم آهي  پينو فقيرن جو . اوهان جي لاءِ مان سمجهان ٿو ته بهتر ٿيندو ته اوهان کي جيڪي پئسا مليا آهن، ان جو ڀاڙو ڪري وري به پنهنجي ڳوٺ پنهنجي گهرن ڏانهن وڃو ۽ اتي ئي وڃي محنت مزدوري ڪريو، آهستي آهستي اوهان جون آزمائشون ختم ٿي وينديون. اوهان هڪ دفعو وري پنهنجي پيرن تي بيهي ويندو. مون کي چوڻ لڳيون ادا اوهان واقعي سچ ٿا چئو. اسان کي واقعي پنهنجي ڳوٺ وڃڻ گهر جي ، اسان جي لاءِ اهو ئي بهتر رهندو. مون کي پنهنجو همدرد سمجهي ٿورا مڃينديون ڳوٺ وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويون.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته رياست اهڙن لاچار ماڻهن لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ هڪڙو خاندان بلڪل بي سهارا ٿي وڃي ٿو ته ان کي ڪير سهارو ڏئي؟ دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ته ايئن نه آهي. اتي جانور کي به پنهنجو حق ملي ٿو، اسان جي ملڪ ۾ ماڻهو پنهنجي حق وٺڻ لاءِ به در بدر آهن. آخر ماڻهو وڃي ته ڪاڏي وڃي. اسان جي رياست جو قانون ته ايئن نه ٿو چئي ته ڪنهن سان به ائين نا انصافي ٿئي، پوءِ ڇو قانون کي هلائڻ وارا ان کي صحيح نموني نه ٿا هلائين، آخر ڪار حڪمران ڪري ڇا رهيا آهن، ڇا انهن جو رڳو اهو ڪم رهيو آهي ته پنهنجا ۽ پنهنجن جا پيٽ ڀرڻا آهن، انهن اڳيان انسان جانور کان به گهٽ حيثيت رکي ٿو. جيڪڏهن اهڙي قسم جو ڪاروهنوار رياست جو رهيو ته رياست کي ڪير بچائي نه سگهندو.

آخر ۾ مان رياست جي سربراهه، اسڪالرس، سوشل ورڪرس، عالم، وڪيلن، استادن، سماجي ڀلائي جي ادارن، اين جي اوز، ڪالم نويس دوستن ۽ دل ۾ درد رکندڙ عوام کي گذارش ڪندس ته اهڙن پيچيده مسئلن جو ڪو حل تلاش ڪن ته جيئن رياست ۾ ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ڪري سگهجي، ايئن نه ٿئي جو انهن جون آهون. دانهون خدا در منظور ٿين ۽ اسان جي لاءِ ڪي نيون آزمائشون کڙيون ٿين.

_________________

Madad Jhatial-TheAsiaN

پروفيسر مدد علي جھتيال حيدرآباد ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button