Editor's pickMain Slideدنياڪالم

 فاشزم مخالفن خلاف ٽرمپ جو قدم: آمريڪي سياست ۾ تڪرار جو نئون باب

صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هو کاٻي ڌر جي اينٽي فاشزم تحريڪ اينٽيفا کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي رهيو آهي

ٽرمپ مخالف ڌر جي آواز کي دٻائڻ ٿو چاهي. جيڪڏهن هر احتجاج ڪندڙ گروهه کي دهشتگرد سڏيو ويندو، ته پوءِ آمريڪي جمهوريت ۾ راءِ جي آزادي ۽ سياسي اختلاف جو ڇا ٿيندو؟

سوال اهو آهي ته ڇا آمريڪا پنهنجي جمهوري قدرن کي بچائيندو، يا سياسي اختلاف کي دهشتگردي سان ڳنڍي راءِ جي آزاديءَ لاءِ نوان خطرا پيدا ڪندو؟

مُشتاق ٽانوري

واشنگٽن جي سياسي فضا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تڪرار جا طوفان اٿيا آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هو کاٻي ڌر جي اينٽي فاشزم تحريڪ اينٽيفا کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي رهيو آهي. هن اهو اعلان پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽرٿ سوشل تي ڪيوآهي. فوري طور تي واضح نه ٿي سگهيوآهي  ته ٽرمپ اهو فيصلو قانوني طور ڪهڙي طريقي سان لاڳو ڪندو، ڇاڪاڻ تہ اينٽيفا وٽ ڪا مرڪزي جوڙجڪ يا واضح قيادت ناهي، جنهن سبب واضح ناهي ته آخر ڪير يا ڪهڙو حصو نشانو بڻجندو. صدر ٽرمپ لکيو آهي ته ”کيس آمريڪا جي محب وطنن کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي  آهي ته هو اينٽيفا، جيڪا هڪ خطرناڪ، بيمار ۽ انتهاپسند کاٻي ڌر جي تباھڪاري تحريڪ آهي، کي وڏي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ هو سختيءَ سان تاڪيد ڪري ٿو ته جيڪي ماڻهو اينٽيفا کي فنڊ ڪن ٿا، انهن جي قانوني طور تي مڪمل جاچ ڪئي وڃي.“ پر سوال هي آهي ته ڇا واقعي هڪ اهڙي غير منظم، بي ڍانچي واري سماجي تحريڪ کي دهشتگرد قرار ڏيڻ ممڪن آهي؟

اينٽيفا ڪا روايتي سياسي جماعت ناهي. ان جون نه ڪي مرڪزي آفيسون آهن ۽ نه ئي واضح اڳواڻ. هي اصل ۾ کاٻي ڌر جي سوچ رکندڙ ماڻهن جو هڪ ڄار آهي، جيڪو فاشزم، نسل پرستي ۽ انتهاپسنديءَ خلاف سرگرم رهيو آهي. مختلف رياستن ۾ مقامي سطح تي گڏجاڻيون، احتجاج ۽ مظاهرا اينٽيفا جي سڃاڻپ آهن. اينٽيفا جو بنياد آمريڪا ۾ نه پر يورپ ۾ پيو. 1920ع ۽ 1930ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اٽليءَ ۾ مسوليني ۽ جرمنيءَ ۾ هٽلر جهڙا فاشسٽ اڳواڻ اڀري رهيا هئا، تڏهن کاٻي ڌر جا ڪارڪن پاڻ کي ”اينٽي فاشسٽ“ سڏائڻ لڳا. هن تحريڪ جو مقصد فاشزم جي وڌندڙ لهر کي روڪڻ هو. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ به اينٽي فاشسٽ گروهه مختلف ملڪن ۾ موجود رهيا، پر جديد دور ۾ آمريڪا ۾ اينٽيفا جو نالو 2010ع جي ڏهاڪي ۾ وڌيڪ مشهور ٿيو. خاص طور تي 2017ع ۾ ورجينيا جي شارلٽس وِل شهر ۾ گوريلن جي ”يونائيٽ دي رائيٽ“ ريلي دوران اينٽيفا ڪارڪنن جو ڪردار عالمي ميڊيا ۾ نمايان ٿيو. هنن انتهاپسند ساڄي ڌر جي ڪارڪنن سان مقابلو ڪندي روڊن تي احتجاج ڪيو، جنهن ۾ تشدد به ڏسڻ ۾ آيو. ان کان پوءِ اينٽيفا ڪيترن ئي احتجاجن ۾ سامهون آيو، خاص طور تي جڏهن پوليس جي هٿان ڪارا آمريڪي شهري قتل ٿيا. 2020ع ۾ جارج فلوئيڊ جي قتل کان پوءِ جڏهن آمريڪا ۾ وڏي پيماني تي احتجاج ٿيا، تڏهن ٽرمپ اينٽيفا کي انهن حالتن جو ذميوار قرار ڏنو.

 هڪ وائٽ هائوس آفيسر سي اين اين کي ٻڌايو ته اهو انهن ڪيترن ئي قدمن مان هڪ آهي، جيڪي صدر ٽرمپ کڻي رهيو آهي ته جيئن کاٻي ڌر جي انهن تنظيمَن جو مقابلو ڪري سگهجي، جيڪي سياسي تشدد کي هٿي ڏين ٿيون. پرڏيهي دوري تي ويل ٽرمپ هن هفتي جي شروعات ۾ اوول آفيس ۾  پُراڻ پسند ڪارڪن چارلي ڪِرڪ جي قتل جو ذڪر ڪندي اهو اشارو ڏنو هو. انتظاميا جي ڪيترن ئي آفيسرن جو چوڻ آهي ته ڪِرڪ جي قتل کانپوءِ هو اهڙن کاٻي ڌر وارن گروپن کي نشانو بڻائيندا، جيڪي مبينا طور منظم طريقي سان تشدد کي ڀڙڪائين ٿا.

سياسي تجزين نگارن جو خيال آهي ته ٽرمپ جو هي قدم قومي سلامتي کان وڌيڪ سياسي حڪمت عملي آهي. ايندڙ چونڊن کي نظر ۾ رکندي، هو پنهنجي پُراڻ پسند ووٽرن کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ چاهي ٿو. اينٽيفا کي تشدد سان ڳنڍڻ، ۽ ان کي ”قوم دشمن“ ثابت ڪرڻ، ٽرمپ لاءِ هڪ اثرائتو سياسي نعرو ٿي سگهي ٿو. ڊيموڪريٽ اڳواڻن ۽ لبرل حلقن هن فيصلي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. سندن چوڻ آهي ته ٽرمپ هنن قدمن وسيلي مخالف ڌر جي آواز کي دٻائڻ ٿو چاهي. جيڪڏهن هر احتجاج ڪندڙ گروهه کي دهشتگرد سڏيو ويندو، ته پوءِ آمريڪي جمهوريت ۾ راءِ جي آزادي ۽ سياسي اختلاف جو ڇا ٿيندو؟ آمريڪي قانون ۾ هڪ وڏو فرق موجود آهي، پرڏيهي دهشتگرد تنظيمن تي سخت قانون لاڳو ٿين ٿا، پر اندروني گروپن تي اهڙي سڌي پابندي نه آهي. اينٽيفا کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جو مطلب، قانوني طور تي شايد رڳو علامتي عمل ئي هجي، پر ان جا سماجي ۽ سياسي اثر گهرا ٿي سگهن ٿا.

آمريڪا اڳ ئي شديد سياسي ورڇ جو شڪار آهي. قدامت پسند ۽ لبرل حلقن جي وچ ۾ فاصلن ۾ ويڇو هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ واضح ٿي رهيو آهي. اينٽيفا تي ڪارروائي ان ويڇي کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي. اينٽيفا جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اها تحريڪ هميشه فاشزم ۽ نسل پرستي جي مخالفت ۾ سرگرم رهي آهي، پر هن جو غير منظم هجڻ حڪومتن لاءِ هڪ وڏو چيلينج رهيو آهي. ٽرمپ جو اعلان عملي کان وڌيڪ علامتي آهي، پر ان جا سياسي ۽ سماجي اثر انتهائي اهم آهن. سوال اهو آهي ته ڇا آمريڪا پنهنجي جمهوري قدرن کي بچائيندو، يا سياسي اختلاف کي دهشتگردي سان ڳنڍي راءِ جي آزاديءَ لاءِ نوان خطرا پيدا ڪندو؟

______________

مشتاق ٽانوري ڪراچيءَ م رھندڙ صحافي آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button