Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسماج

مامتا پروگرام ھيٺ مالي مدد لاءِ سنڌ جون 770000 عورتون رجسٽر ٿي ويون

مامتا پروگرام ميٽرنل اينڊ چائلڊ سپورٽ پروگرام ھيٺ جنوري 2023 کان شروع ٿيو ۽ ڊسمبر 2027 تائين جاري رھندو. پروگرام ۾ پندرھن ضلعا شامل ھئا جن کي 22 ضلعن تائين وڌايو ويندو

ڳورھاري ۽ ٻار کي کير پياريندڙ عورتن کي ٽن سالن ۾ 41 هزار رپيا مالي مدد ڏني ويندي جيڪا اڳ ۾ 30 هزار رپيا هئي۔ هن امداد جو مقصد ماءُ جي مناسب خوراڪ، باقاعده طبي چڪاس ۽ محفوظ ولادت کي يقيني بڻائڻ آهي

ڪراچي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تازو سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته مامتا پروگرام جي نالي سان مشهور ميٽرنل اينڊ چائلڊ سپورٽ پروگرام (MCSP) کي وڌيڪ ست ضلعن تائين وڌايو وڃي جنهن سان مجموعي دائرو 22 ضلعن تائين وڌي ويندو۔

هن واڌاري جو مقصد ڄاول ٻارڙن جي صحت ۾ سڌارو آڻڻ آهي جنهن لاءِ مربوط طبي سهولتن سان گڏ ڳورھاري ۽ ٻار کي کير پياريندڙ مائرن کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي۔

وڏي وزير لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور، شهيد بينظير آباد، ڄامشورو، دادو ۽ نوشهروفيروز کي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آھي۔ هي پروگرام اڳ ۾ 15 ضلعن ۾ جاري هو۔ ان واڌاري سان گڏ ڳورھاري ۽ ٻار کي کير پياريندڙ عورتن کي ٽن سالن ۾ 41 هزار رپيا مالي مدد ڏني ويندي جيڪا اڳ ۾ 30 هزار رپيا هئي۔ هن امداد جو مقصد ماءُ جي مناسب خوراڪ، باقاعده طبي چڪاس ۽ محفوظ ولادت کي يقيني بڻائڻ آهي۔ هي پروگرام 48.3 ارب رپين جي وڏي سماجي تحفظ منصوبي جو حصو آهي جنهن مان 6.3 ارب رپيا سنڌ حڪومت ڏئي رهي آهي۔ اهو پروگرام جنوري 2023 ۾ شروع ٿيو هو ۽ ڊسمبر 2027 تائين جاري رهندو۔ ھيستائين صوبي جي 800 صحت مرڪزن تي 7 لک 70 هزار ڳورھاري ۽ ٻار کي کير پياريندڙ عورتون  رجسٽر ٿي چڪيون آهن جن مان 740 مرڪز پيپلز پرائمري هيلٿ ڪيئر انيشيوٽو (PPHI) جي تحت ۽ 62 مرڪز صحت کاتي جي انتظام هيٺ آهن۔ اهليت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال، ڪمپيوٽرائيزڊ نيشنل آئيڊينٽيٽي ڪارڊ (CNIC) جو هجڻ ۽ مقرر ڪيل ضلعن ۾ رهائش ضروري آهي۔

ڄاول ٻارڙن جي معاونت پروگرام (مامتا) مشروط مالي امداد واري ماڊل تي ٻڌل آهي جنهن ۾ نقد رقم کي ماءُ جي صحت جي اهم مرحلن سان ڳنڍيو ويو آهي جيئن حمل دوران طبي چڪاس، ادارتي ولادت ۽ پيدائش کان پوءِ سنڀال۔ ان جو مقصد زچگي ۽ ٻارڙن جي موت جي شرح کي گهٽائڻ ۽ گهٽ آمدني وارن پٺتي پيل علائقن ۾ مائرن ۽ ٻارڙن جي بهتر صحت کي يقيني بڻائڻ آهي۔

آبادي جي انگن اکرن ۽ پيدائش جي شرح جي حساب سان اندازو آهي ته پنجن سالن جي عرصي دوران مداخلتي ضلعن ۾ 26 لک ڳورھاري ۽ ٻار کي کير پياريندڙ عورتون موجود هونديون۔ حڪومت جو هدف آهي ته انهن مان 13 لک عورتن تائين رسائي حاصل ڪئي وڃي جيڪا مستحق آبادي جو 50 سيڪڙو بڻجي ٿي۔ (پريس رليز)

_________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button