سامروٽي: سمن جي صاحبيءَ سبب مشھور ٿر جو سهڻو طبعي ڀاڱو
ھن مضمون ۾ سامروٽيءَ جي جاگرافيائي بيهڪ، ڍاٽڪي ٻوليءَ جي سامروٽي لهجي، کوهن جي مٺي ۽ کاري پاڻي، مقامي مزاج، زراعت ۽ لوڻ جي کاڻين تي روشني وڌي وئي آهي.

ڀارومل امراڻي
سمن جي صاحبيءَ جي ڪري مشهوري ماڻيندڙ ‘سامروٽي’ جو علائقو وڏين ڀٽن تي مشتمل وڻڪار وارو ٿر جو سهڻو طبعي ڀاڱو آهي ، جنهن کي ڪجهه محققن پائر لکيو آهي. معمور يوسفاڻيءَ ۽ ڊاڪٽر عبدالعزيز موجب سامروٽيءَ کي پائر به سڏيو وڃي ٿو. ٿر جي هڪ ترقياتي اداري ٿرديپ جي هڪ ڊاڪيومينٽري ۾ سامروٽي کي ‘پائر’ سڏيو ويو آهي.
سائين رائچند هريجن سامروٽي جي حد بندي ڪندي ڄاڻايو آهي ته هن ڀاڱي ۾ مٺي تعلقي جو ڏکڻ اولهه ۽ ڏيپلي تعلقي جو اتر وارو علائقو اچي وڃي ٿو. سامروٽيءَ جي حد بندي ڪندي شاعر ۽ ليکڪ ميرحسن آريسر لکي ٿو ته؛ تعلقي ڏيپلي جي ڏکڻ واري حصي کان شروع ٿي چيلهار لڳ مالهڻ ماتا جي مندر جي سيم تائين پکڙيل علائقو سامروٽيءَ واري طبعي ڀاڱي ۾ ٿو اچي. پر هن حد بندي تي اڃان وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سامروٽيءَ ۾ ڳالهائي ويندڙ ڍاٽڪيءَ کي سامروٽي جي لهجي جي ڍاٽڪي چئبو آهي.ٿر جي نوجوان اديب دليپ ڪوٺاريءَ پنهنجي هڪ مضمون ۾ سامروٽيءَ لهجي ۽ سامروٽي جي حصي تي تحقيق ڪندي لکيو آهي ته؛ سامروٽي لهجي ۽ ٿر جي طبعي ڀاڱن جي حدبندين متعلق ڪُجهه ڳوٺاڻن ۽ روينيو تپيدارن کان حاصل ڪيل ڄاڻ مطابق سامروٽِيءَ جي ڀاڱي جي حد يونين ڪائونسل مٺِيءَ جي گڙسِيئَر ۽ پاٻُوهرَ جي ڳوٺن تي ختم ٿيندڙ حد ۽ پريان مُهراڻي يُو.سِيءَ جي ڳوٺ ٻِواٽِي کان پَرتي يَڪو ئي سامروٽِيءَ جو ڀاڱو شروع ٿِي وڃي ٿو، جيڪو اولهه کان هيلاريو پير، پِيلوڙي، ڀورنهيائِي، اَرجکَ، ڇَهي سُوٽهڙ، ڪاڪ جُوڻيجا وٽان ٿيندو، اُتر ڏِسا کان ونگي وٽان مَٽيندو، تعلقي ڏيپلي جي ڏکڻ پاسي کان هلندو اچي ٿو. هِن هنڌان مِٺِيءَ تعلقي جا ڳوٺ مالهڻور خانجِي، ڪپُوسر، ڀارمَليو، آروکِي، سوڀيار، مالِيهار، سَجائِي، لَسيو، موڏُور، ڪارِيهار، ڀاڏُور، ڏيرو، ڏاڀڙِي، ڪيرلو، سينگاريو، وِنگڙ نهڙي، ڀُڪڙيو، کورڙُو، ويڙهِي جهپ، ويندي يونين ڪائونسل ڀڪُوئي جو ٿورو ٽُڪرو سامروٽِيءَ ۾ اچن ٿا. هن ڀاڱي ۾ ڏيپلي تعلقي جو ڳچ حصو شُمارجي ٿو. يونين ڪائونسل ڏيپلو خود، ڀٽارو يوسِيءَ جو اوڀر پاسو ۽ کيتلارِيءَ جو اوريُون دنگ وِيندي علِي بندر تائين وڃي سامروٽيءَ جو علائقو سڏجي ٿو.
ٿر ۾ اڪثر طور سامروٽي ان علائقي کي چيو ويندو آهي، جتي جي کوهن جو پاڻي ويجهو آهي. کوهن ۾ سيمي جو پاڻي ۽ مٺو ۽ پاتار جو پاڻي کارو آهي.هتان جي رهواسين کي ‘سامروٽيو’ سڏيو ويندو آهي. گامن جي گوهرن وٽ سماجي پرک ۾ تالهريو پاڻي پيئڻ جي ڪري اڪثر طور سامروٽي مزاج تالهريو آهي. هن علائقي ۾ مٺي پاڻيءَ وارن کوهن تي واڙيون ڪيون وينديون آهن. ڪڻڪ، بصر، گجر، داڻا سميت مختلف ڀاڄيون پوکيون وينديون آهن. ڍٽ جي ڀيٽ ۾ هتان جي واريءَ هلڪي ٿيندي آهي، برساتي پاڻي جي ريلن ۾ واريءَ مٿانهين کان گهڻي هيٺ لهي ايندي آهي. ڪاٺي زمين کانسواءِ ريٽاسي زمين ۾ ايتري زرخيري نه آهي. سامروٽي ۾ ڀٽون وڌيڪ آهن ۽ ڏهر واري زمين گهٽ آهي. لوڻ جو کاڻيون گهڻيون آهن جن کي سن سڏيو وڃي ٿو. سامروٽي جي لوڻ جي کاڻين ۾ سارڻ جو سن مشهور آهي.
ڳوٺ ٻولهاڙي جي ڀرسان ڳڀڻ ڳوٺ ۾ ‘ٻانهياري‘ جي مشهور وڏي ڀٽ آهي. جنهن کي محمد اسماعيل عرساڻي سير ريگستان ۾ ٿر جي ٽيون نمبر وڏي ڀٽ ڏيکاري آهي. چيو وڃي ٿو ته راڻي نالي هڪ ريٻارڻ کي ڏير جانجهه چيو ته ڀاڀي مٿي تي ٻه دلا ٻيلهڙي جا ۽ ٽيون دلو ڪڇ تي کڻي هن ڀٽ چڙهي وڃي ته آئون عاج جو چوڙو پارايان. راڻي ان وقت حمل سان به هئي پر هن شرط قبول ڪري چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. ڀٽ جي چوٽي تي پهچڻ سان دم پرواز ڪري ويو. جانجهه کي پنهنجي اهڙي شرط جو وڏو افسوس ٿيو، پوءِ هن ڪڇ مان عاج جو چوڙي آڻي راڻي جي قبر پڪي ڪرائي چوڙو مٿي ر کيو.
معمور يوسفاڻي لکي ٿو ته ڄام هٻي جي پوٽي ڄام ڏاهر تعلقي ڏيپلي ۾ پنهنجي نالي سان شهر ٻڌايو هو. ڄام ڏاهر جي ننگرپاڪر ۽ مٺي تعلقن ۽ تعلقي ڊگهڙي جي ڏاکڻئي حصي، بدين ضلعي تائين حاڪميت هوندي هئي. ڄام ڏاهر جو ڪهڙو دور هو؟ ڏيپلي تعلقي ۾ ٻه ڏهر جا ڳوٺ آهن. هڪ ڏهر جو ڳوٺ لياکڙي جي ڀرسان آهي. ٻيو رڻ ڪنڌي وٽ ‘آمرنو’ ۽ ‘سدوهي’ جي ڀر سان آهي. ڄام ڏهر جو ٻڌايل شهر ڪهڙي هنڌ تي هو؟ لوڪ سگهڙن جي هڪ راءِ آهي ته رحمڪي بازار ۽ ٻلهياري جي وچ ۾ هڪ وڏو ڏهر آهي. جتي ڄام ڏاهر پنهنجو شهر ٻڌايو هو. معمور يوسفاڻي پڻ شهر ڏهر جو ڏس اتي ڏي ٿو.
چيو وڃي ٿو ته ڄام ڏاهر تمام گهڻو سخي ۽ سوروير هو. ڄام ڏاهر کي مڃتا ڏيندي شاهه لطيف پنهنجي سر جو نالو ڏهر رکيو. هتي سوال اهو اڀري ٿو ته پوءِ لطيف سائين ڄام ڏاهر جي سخاوت ۽ سورهيائي سميت ڪردار جي ڳڻن تي هڪ به بيت ڇو نه چيو آهي ؟ جڏهن ته ڄام ڏاهر جي خاندان مان ڄام هٻي، ڄام ڪيريي، ڄام جسوڌڻ کي ڳايو آهي. ڪلياڻ آڏواڻي لکيو آهي ته هن سر ( سر ڏهر ) ۾ سمايل خيال، لطيف سائين کي ڏهر مان لنگهندي آيا آهن. لطيف سائين ڪهڙي ڏهر مان لنگهيو هو؟ ٿر ۾ ڪيترائي ڏهر آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سر ڏهر متعلق لکي ٿو ته سنڌي راڳ جي روايت جي اعتبار سان ڏهر جو مفهوم هڪ خاص اهميت رکي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اهو نالو سنڌ جي ڪنهن آڳاٽي عوامي نغمي جو هجي، جنهن بابت ڪا ڄاڻ باقي نه رهي آهي. مگر مشهور معروف روايتن ۽ ڪن تاريخي اهڃاڻن جي روشني ۾ انهي نتيجي تي پهچجي ٿو ته، سر ڏهر صوفي طريقي جي خانقاهن ۽ درگاهن تي درويشن جي ذڪر جي حلقن ۽ سماع جي محفلن واري ماحول مان اسريو. انهن سمورن موضوعن تي جامع تحقيق جي ضرورت آهي.
جسوڌڻ جي زماني ۾ درياءَ جو هڪ وهڪرو پٽيهل ڍوري جي صورت وهندو هو. ان سان گڏ ٻيو ڍاڳي ڍورو هو. ٻنهي جو پاڻي وهي اچي ‘ٻليار’ يا ‘ٻلهياري’ ۾ پوندو هو. درياءَ جي ٻنهي وهڪرن جي سڪي وڃڻ کانپوءِ جسوڌڻ ۽ سندس ڪٽنب آگريا توڙي ٻيا قبيلا دربدر ٿي ويا، لطيف سائين ڍوري تي بيٺل ڪنڊي (وڻ ) کان تن جا سماچار پڇڻ لڳو؛
ڀرئو ڍور تراءُ پيٺيون ڪوٽ درازئا،
نه سي پاڻيءَ واريون، نه سو هُل هُڳاءُ،
اديون آگريا، کڻي ڪنهن کوڻ وئا،
(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ص58)
ڪنڊا تون ڪيڏو، جڏ ڀريو ئي ڍور وهي،
جسوڌڻ جيڏو، تو ڪو ڏٺو پيڙو.
(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ص145)
ڪنڊا تو وٽاءِ، سچ ڪ سيڻن لڏئو،
مڃر تو مٿاءِ، ڇڻيو پوءِ ڇڳا ڪئو،
(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ص145)
هڪ روايت موجب ڄام تماچي جي محبت جو ڪردار نوري جسوڌڻ جي ڌيءَ هئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ ادب سلسلي جي ستاويهين ڪتاب مشهور سنڌي قصا، عشقيه داستان؛ سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي ۾ نوري جي نسل بابت مختلف روايتن سان هي روايت پڻ آندي آهي. جڏهن ته ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب‘لطيفي سئر’۾ص 94 تي لطيف سائين جو هڪ بيت تذڪري هيٺ آندو آهي.جنهن ۾ نوري آهيرياڻي ۽ سندس سرتيون ٿر جون ٿورياڻيون آهن.
ماڻهو چونم مي، آءُ آهيرياڻي آهيان،
مون ور سرتيون سي، جي ٿورياڻيون ٿرن جون،

ٿر ۾ ٻه بازارون مشهور رهيون آهن، هڪ ونگو بازار ۽ ٻي رحمڪي بازار، ٻئي هاڪڙي جي اوڀرندي ڍوري واري وهڪري تي آباد آهن. ونگي جي ڄار پتڻ وٽ هاڪڙي جي ان وهڪري سان پراڻ جو وهڪرو پڻ ملي ٿو. هن علائقي ۾ ٽي بندر گاهه علي بندر، رحمڪي بازار، ۽ سنڌڙي بندر اھم هوندا هئا. جتان ڪڇ ڀڄ، پير بندر، منڊالي، لنڪا، جاوا ۽ سماترا ڏانهن سمنڊ رستي واپاري اچ وڃ ٿيندي هئي. سنڌڙي جي بندر گاهه جي قلعي کي ميان غلام شاهه 1762ع ۾ ڪڇ جي حاڪم کان فتح ڪيو هو. سنڌڙي ۾ ڪڇ جي راجا رانڌون قلعو جوڙايو هو. جيڪو 1819ع زلزلي ۾ زبون ٿي ويو . رحمڪي بازار کان ڏيڊ ڪوهه جي پنڌ تي ڪانجي ڪوٽ آهي. جيڪو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي زماني ۾ ڊٺو هو.
ٺٽي ۾ سمن جي صاحبي ختم ٿيڻ سان سما سردار مختلف علائقن ۾ پکڙجي ويا، ڄام راهو ۽ ڄام لاکو رحڪمي بازار واري پاسي آيا. ڄام راهو جو الاد راهمون ۽ ڄام لاکي جو اولاد لاکيار سڏاڻو. عبدالڪريم آزاد سميجو پنهنجي ڪتاب ‘نسب نامه سنڌ ’ ۾ راهما قبيلي جو شجرو سائوند کان شروع ڪري ٿو. انهي شجري ۾ سائوند جا ٻه پٽ هڪ راهو ٻيو هوٿي ڄاڻايل آهن راهو جي اولاد راهمي قبيلي جون 15 نکون مميا، سڌيا، گهريا، ڪڙيا، علوديا، دلو، سُرتان، ورياهه، لاکا، مينڌرا، ويڻا، ڪيسرا، سوڏا، رتا، ديڻا آهن.
پروفيسر مراد علي راهمون پنهنجي هڪ ليک ۾ لکي ٿو ته فقير رمضان ڀان فقير جي دفتر تان ورتل مواد موجب ڄام جوڻي جا ٻه پٽ ٿيا، هڪ ڄام ڳڙ راهو، ۽ ٻيو ڄام هوٿي، ڄام ڳڙ راهو جو پٽ ساند راهمي قبيلي جو ڏاڏو آهي. ڄام ساند کان سينگالي جي ارباب مير خان تائين شجري جي ترتيب هن ريت آهي. ڄام انيرا راهو، ڄام ڀڙ راهو، ڄام جوڻو. ڄام هوٿي ، ڄام صاحب خان، ڄام حسن، ڄام ٻاڀڻيو، ڄام جوڻو، ڄام جيهو،، ڄام هنگورو، ڄام گهريو ڄام ڏنو، ڄام ارجڻ، ڄام رائڌڻ، ڄام رائڌڻ ، ڄام جيسر، ڄام مارک، ڄام راسينگ ، ڄام ڏيسر، ڄام مارک، ڄام الهرکيو، ڄام پهاڙ خان، ڄام آساريو خان ڄام پهاڙ خان، ڄام مير خان، ڄام يونس خان، ڄام مير خان. هي شجرو مٿي ڄام هالي سان ملايل آهي. هن شجري جي آخر ۾ ارباب نور محمد راهمي ( اڳوڻي ايم ايل اي ) جي نوٽ ۽ صحي سان گڏ نامور عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو نوٽ ۽ صحيي ٿيل آهي. هن شجري ۾ ڄام لقب جيئن سمن جي شجري ۾ اچي پيو ، ائين ڀانن ڄام لقب سان گڏ لفظ ‘پاڳ’ لکيو آهي . راهما قبيلي جي اڳواڻن جو لقب ارباب آهي. اهو لقب ڪڏهن مليو ؟ اهو تحقيق طلب آهي
ارباب عبدالرحيم موجب راهمن جي هن علائقي ۾ اچڻ وقت علي بندر کان اوڀر ونگي تائين پوري پٽي تي لياقت جت اثر رسوخ هوندو هو. جت کان راهمن جو هتي اچي ويهڻ برداشت نه ٿيو، نيٺ معاملو وڏي معرڪي تائين پهچي ويو. پوءِ اچي رڻ گجيو راڙو ٿيو، ماڻڪي نالي ٻني وٽ هڪ پاسي لياقت جت جو لشڪر هجي ، ٻي پاسي راهما ڀائر. لياقت جت جنگ جي ميدان ۾ لوهي ٽوپ پائي مٿي پٽڪو ٻڌي آيو هو، جيئن تلوار اثر نه ڪري. ويڙهه وڙهندي ارباب ڀاڻي لياقت تي تلوار جو وار ڪيو پر لوهي ٽوپ جي ڪري بچي ويو. لياقت جت سامهون وار ڪرڻ وارو هو، تنهن کان اڳ ڀاڻي جي ڀر سان بيٺل ڀرڪيي راهمي جي وار لياقت جي وجود کي وڍي ڇڏيو. انهي ويڙهه ۾ ٻنهي ڌرين جا ڪافي ماڻهو شهادت جو جام پي ويا. آخر ۾ لياقت واري ڌر هار مڃي راهمن جي ڌر اڳواڻ ارباب ڀاڻي کي فتح جو تاج پارايو.
ارباب ڀاڻي جو اولاد ڳوٺ ڄام تلي ۾ رهي ٿو. ارباب عبدالرحيم موجب ارباب ڀاڻي جي پڳدار اولاد جي ترتيب هن ريت آهي . ارباب انڙ ، ارباب سئلو، ارباب ڀاڻو، ارباب ڏجو، ارباب قيصر، ارباب ڄام، ارباب تماچي، ارباب محمد، ارباب عبدالرحيم ، ارباب عبدالستار، ارباب الهواريو. ڄام تلي جي راهمن ۾ ارباب محمد جو ننڍو ڀاءُ ارباب عثمان پنهنجي دور جو ناليوارو شخص ٿي گذريو آهي. ٿر جي راڄ نيتي ۾ ارباب عثمان جو تذڪرو ٿيندو رهي ٿو.
پراڻ ساگرو ، ريڻ ۽ هاڪڙو ڪوري کاري ۾ وڃي ڇوڙ ڪندا هئا، علي بندر کان هيٺ ڪوري کاري کان ڪوري ندي نڪرندي هئي. هن علائقي ۾ نوتيار قبيلي جو اثر رهيو آهي. نوتيار قبيلي جي توريا نک مشهور رهي آهي. انهي نک جي سنهڙي نوتيار هڪ سنهڙو واهه کوٽايو هو، جيڪو سنهڙو واهه سڏجي ٿو. سنهڙي نوتيار کي ڪانجي ڪوٽ وٽ راهمن ماريو هو. توريا نک جي علي نوتيار جي نالي پويان علي بندر سڏجي ٿو. علي بندر وٽ سنڌ جي امير فتح علي 1799ع ۾ وڏو بند ٻڌايو هو.
رحمڪي بازار کي راهمڪي يا راهومڪي بازار پڻ لکيو ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته هن بازار کي پهرين راهما قبيلي جي ماڻهن وسائي هئي پر ڪڏهن وسائي؟ ان تي ڪا حتمي راءِ نٿي ملي. رحمڪي بازار جي نالي جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته، راهموڪي يعني راهومن جي وسين (بستي ) جنهن کي هن پوئين ويجهي دور ۾ ڪي پڙهيل غلطي سان ‘راهه مڪي’ (مڪي شريف جي راهه ) سمجهڻ لڳا. سنڌ گزيٽر ۾ رحمڪي بازا جو نالو ‘رحيم ڪي بازار’ ڏنل آهي، هي صورتخطي جي غلطي آهي يا ڪنهن رحيم نالي واري شخص جي نالي پويان رحيم جي بازار سڏاڻي آهي!؟ نامور شاعر حسن درس پنهنجي شاعري ۾ رحمڪي باراز کي ‘رامڪي بازار ’ ڳايو آهي ته ؛
رامڪي بازار ۾ ماٺڪي بيٺي رهي،
ڪونج جهڙي ڪولهياڻي ڪا ڪڪي بيٺي رهي،
رحڪمي بازار ۾ ڪڇ جي راجا ڏيسر (1718 کان 1751ع ) اصل قلعي جي مٿان پنهنجو قلعو جوڙايو هو. رحمڪي بازار ارڙهين صدي جي اڌ تائين وسيل رهي. هن بازار جي حسن کي مير مراد علي ٽالپر جي دور ۾ کوسن ۽ واگهيلن ڌاڙو هڻي اجاڙيو. هن وقت هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي طور آباد آهي.‘سنڌ گزيٽر’ ۾ لکيو ويو آهي ته هتي ٻه ڌرمشالائون ۽ هڪ ٿاڻو آهي. هڪ رستو حيدرآباد کان رحمڪي بازار اچي ٿو، ٻيو عمرڪوٽ کان رحمڪي بازار جو گس آهي. لطيف سائين پنهنجي شاعري ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ اچ وڃ جي لاءِ رڻ جي چوڏهن چارن جو ذڪر ڪيو آهي ته ؛
راءِ سان رٺا جي، تن جاڙيجن جاڙ ڪئي،
ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪاڇڙو.
(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ص151)
انهن چوڏهن مان چوٿون چارو راهومڪي بازار وارو آهي. رحمڪي بازار ۽ ڀر واري علائقي جي اجڙڻ جي المئي کي احمد فقير هن ريت بيان ڪيو آهي ته ؛
نڪا ڪوڪ ڪنڊڙي تي نڪا ڏنگ ڏڙي،
راهمڪي رڙي، موڪلايو مياڻ کان.
رحمڪي بازار کان ونگي ويندڙ پراڻي گهاڙو تي ڳوٺ ٻلهياري ۾ ڪوٽ جا آثار ملن ٿا. هي اوائلي ڪوٽن مان هڪ آهي. ابن حوقل جي نقشي ۾ هي ڪوٽ ڏيکاريل آهي.ميرن جي وقت ۾ مير شير محمد هن جي مرمت ڪرائي هئي. چيو وڃي ٿو ته انگريز دور تائين سلامت هو. جاڙيجن ۽ بلوچن گڏجي هن تي قبضو ڪيو هو.
سومرا دور جو تخت گاهه وڳهه ڪوٽ رحمڪي بازار کان پنج ميل جي فاصلي تي آهي. وڳهه ڪوٽ جي لاءِ هڪ راءِ هي آهي ته سومري حاڪم ويڳي يا ويگي هي ڪوٽ اڏايو هو پر ڪجهه محقق ائين لکن ٿا ته هتي ڪڇ جي راءِ ڪوٽ اڏايو هو جنهن کي ويڳي فتح ڪيو هو. رحيمداد مولائي شيدائي هن ڪوٽ جو نالو وجيه ڪوٽ به ڄاڻايو آهي. رائچند هريجن موجب 1226ع ۾ سومرا سوڍن کان عمرڪوٽ ۾ هار کائي ٻن ڌڙن ۾ تقسيم ٿي ويا هڪ قافلو ملتان طرف ويو ، ٻيو وڳهه ڪوٽ طرف آيو. جتي اڳ به سومرن جو راڄ هو. سومرن جو تيرهون حاڪم چنيسر هو، جنهن سن 1282 کان 1300ع تائين 18 ورهيه اتي حڪومت ڪئي. سندس ڏينهن ۾ ليلان جو مشهور واقعو ٿيو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب وڳهه ڪوٽ جي ڀر سان چنيسر پنهنجو ڪوٽ پڻ ٺهرايو هو. 1809ع جي زلزلي ۾ چنيسر ڪوٽ جو شهر تباهه ٿي ويو، ڦٽل شهر ۽ آثار موجود آهن.
چنيسر جي راڄ جي حوالي سان ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي لکي ٿو ته؛ سومري گهراڻي جي داسڙو شاخ مان راجا چنيسر نالي ديول ڪوٽ تي راڄ ڪندو هو. گربخشاڻي ميجر راوٽي جو حوالو ڏيندي ديول ڪوٽ کي ديول بندر سڏيو آهي ، جيڪو مڪلي ٽڪريءَ جي ڇيڙي وٽ، سنڌو ندي جي بگهاڙ شاخ جي ڪنڌي تي هڪ عاليشان شهر ۽ واپاري مرڪز هو. معمور يوسفاڻي موجب ليلان چنيسر جي قصي جي آثارن کي تعلقي ساماري ۾ ڄاڻايو آهي. معمور يوسفاڻي ساماري شهر ۽ ساماري روڊ جي وچ تي ڳاڙهي ڀڙي جي ڏکڻ ۾ ‘ليلان جو ڀڙو ’ آهي. جڏهن ته ليهور جا کنڊرات ليلان جي ڀڙي جي ڏکڻ ۾ ڪافي ايراضي ۾ پکڙيل آهن.
ليلان ڇڏ ليهور، وڃ پنهنجي مائٽين،
اسان پڻ ليهي هور، تون پڻ سکياڻي ٿئين.
(شاهه جو رسالو؛ مرزا قليچ ص477)
چنيسر جي حاڪميت ديول ڪوٽ کان ليهور تائين هئي؟ يا ليلان جي قصي سان لاڳاپيل چنيسر ٻيو آهي؟ لطيف سائين چنيسر کي ڄام جي لقب سان ڳايو آهي ۽ سماٽ قبيلي جي اهم رسم شادي وقت ڍڪڻي تي پير رکائڻ جو به ذڪر ڪيوآهي.
چوڏس چنيسر ڄام جو، ڏِهه ڏهڪار،
ٺاڪر اکيين ٺار، مڻِيي تي ٿي مٽيين،
(شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي ص291)
پوچا ڏٺم پير ڍڪڻ مٿي ڍول جا،
مون ڀائيو تنهن وير، ڪوجهي ڪندو پريتڙي،
(شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي ص292)
جيڪڏهن ديول ڪوٽ کان ليهور تائين حڪومت ڪندڙ هڪ حاڪم آهي ته پوءِ چنيسر سومرو پهريون حاڪم ٿيو جنهن کي ڄام جي لقب سان نوازيو ويو.
ٿر جي طبعي ڀاڱن جا اڪثر ڄاڻو ضلعي هيڊ ڪواٽر مٺي شهر کي سامروٽي جي حدن ۾ شامل ڪن ٿا. مٺي جي ڀر سان هڪ ڳوٺ کاري واءِ آهي. مٺي جو شهر مٺي واءِ جي نالي پويان آباد ٿيو آهي يا مٺان ٻائي جي نالي پويان ؟ سائين رائچند هريجن لکيو ته هي شهر مٺي نالي بجيراڻي جو ٻڌايل آهي . جڏهن ته ڪجهه صدري روايتن موجب هن شهر جو بنياد مٺان ڪنڀارڻ رکيو هو. مٺي جي استاد ۽ ليکڪ حاجي محمد دل لکيو آهي ته پربتگر جي مڙهي وٽ دڙي مٿي ويٺل سينڌل جي گهر واري مٺان ٻائي ڏاهي ۽ وڏي مهمان نواز هئي. چيو وڃي ٿو ته مٺي جي گڍي ڀٽ نرن سوڍن جا گهر وسيل هئا. پوءِ اتي ميرن قلعو ٺهرايو. جنهن جا آثار گڍي سڏجن ٿا. شهر ۾ ميرن جا ٻه ٻيا قلعا به هئا، جن جا نشان به ختم ٿي ويا آهن.
سامروٽي جي حدن ۾ ايندڙ ٻيو شهر ڏيپلو آهي. جيڪو تعلقه هيڊڪواٽر پڻ آهي. تاريخ ريگستان جو مصنف رائچند هريجن لکي ٿو ته،‘هي شهر ڏيپي ميگهواڙ جو ٻڌايل آهي، جنهن جي قبر تعلقي آفيس جي ايوان ۾ آهي. اڳي موجوده تعلقي آفيس واري هنڌ ڪچو قلعو هو، جو هاڻي ڊهي ويو آهي.’ ڏيپي مينگهواڙ هن شهر جو بنياد ڪڏهن رکيو انهي تي پردو پيل آهي. محمد عثمان اديب لکيو آهي ته، ڏيپلو پهرين ڏيپي جو ڳوٺ سڏبو هو، پوءِ وقت جي گردش ۾ ڦري ڏيپلو ٿيو. ميرپورخاص جي والي مير ٺاري خان1800ع ڏيپلي ۾ ٻه ڪچا گڍ ٺهرايا هئا. هڪ گڍ ترت برساتن ۾ ڊهي پيو، ٻيو گهڻي وقت تائين قائم رهيو. هن ڪچي قلعي ۾ مير ٺاري جا سپاهي رهندا هئا.
انگريز دور ۾ ڏيپلو 1844ع کان 1856ع تائين روينيو جي حوالي انتظامي طور تي ڪڇ سان رهيو . بعد ۾ واپس سنڌ جي انتظامن هيٺ شامل ڪيو ويو. ڏيپلي جي ميمڻ برادري علم، ادب، وڻج واپار، سياست ۽ سماجي خدمتن جي فيلڊ ۾ تمام گهڻي مشهور رهي آهي. هتان جا رهواسي پنهنجي نالي پويان ڏيپلائي لکندا آهن. جڳ مشهور ليکڪ، صحالي، ناول نويس، پبليشر محمد عثمان ڏيپلائي هن شهر ۾ جنم ورتو. ٿر مان پهرين اخبار محمد عثمان ڏيپلائي هٿ سان لکي ‘فرحت آثار ’ جي نالي سان جاري ڪئي هئي. عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو پڻ مرتب ڪيو. محمد عثمان اديب ۽ مشتاق مٺواڻي جون لوڪ ادب جي لاءِ خدمتون سارهه جوڳيون آهن. محمد عثمان اديب ‘تعلقي ڏيپلي جي تاريخ’ لکي ڏيپلي جي تاريخ جو بنيادي ڪيو آهي. ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ لطيفيات تي تحقيقي پورهيو ڪري پاڻ مڃايو آهي. ڏيپلائي ميمڻن جي ادبي خدمتن جي حوالي سان ڊاڪٽر سعيده شفيق ميمڻ جو ڪتاب اهم دستاويز آهي.
امر رائسنگهه راجپوت ڏيپلي جي تاريخ تي لکيل پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته سرو جو شهر ڏيپلو کان اولهه ڏکڻ ڪنڊ تي 8 ڪوهه جي فاصلي تي آباد هو. هن شهر کي ڪڇ جي جاڙيجن ٻه ڀيرا ڌونئري ڏينهن جو لٽيو. هتان جو واپاري طبقو عدم تحفظ شڪار ٿي ڏيپلي ڏانهن لڏي آيو. پويان سري جو شهر اجڙي ويو. چيلهار جا ميمڻ پڻ چيلهار مان لڏي اچي ڏيپلي ۾ ويٺا. جتي چيلهاريا ميمڻ سڏائيندا آهن. هن وقت ڏيپلائي ميمڻن جي وڏي اڪثريت ملڪ جي وڏن شهرن ۽ ملڪ کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ آباد آهي. پر ڏيپلي سان انهن جو تعلق سار جي تار وسيلي ڳنڍيل رهي ٿو.اتي به پنهجين ڪالونين ۽ گهر جي پتي واري بورڊ تي ‘ڏيپلي’ کي نمايان رکيو آهي. هن وقت ڏيپلي ۾ ميمڻن کان سواءِ جوڻيجا، بجير، لنگها، مينگهواڙ، ڪلر، کٽي، راهما، نهڙي، سامي، راجپوت، پاڙها، سوٽهڙ، حجام ۽ ٻيا قبيلا آباد آهن.
ڏيپلي سميت پوري سامروٽي ۾ لطيف سائين جي شاعري چٽي ۽ درست تلفظ سان ٻڌڻ جي لاءِ ملندي آهي. لطيف سائين سامروٽيءَ جي ڳوٺ ويڙهي جهپ کي ڳايو آهي؛
کاروڙيان کڻي، ويڙهي جهپ ويا.
سيڻ منهنجا سيد چئي هاڻي هت هئا،
پسي پڊ تني جا لڙي لڙڪ پيا.
ڏيهي ڏور ٿيا، ڏيان ڏوراپا ڪن کي.
(شاهه جو رسالو؛ مرزا قليچ ص584)
هڪ راءِ آهي ته لطيف سائينءَ هي بيت پاربرهم فقير لاءِ چيو آهي. پاربرهم ميڪڻ فقير جو مريد هو. ويڙهي جهپ جي ڀرسان ڳوٺ کاروڙي رهندو هو. چيو وڃي ٿو ته لطيف سائين پارو فقير سان ملڻ آيو ته لطيف سائينءَ جي اچڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ پارو ويڙهي جهپ ۾ سماڌي وٺي ڇڏي هئي.
جن محققن جو موقف آهي ته؛ مارئيءَ جا مائٽ کاروڙي چارڻ کان لڏپلاڻ ڪري ويڙهي جهپ آيا. انهن جو چوڻ آهي ته؛ ‘ ان زماني ۾ ٿر جي سمن جي سلطنت جي گاڌي جو ھنڌ تعلقي ڏيپلي جي ديھه کاڙڪ ۽ ڳوٺ پاتار ڀرسان ھوندو ھو. سمن جي صاحبي ھاڪڙي جي اڀرندي ڪناري کان وٺي، ڪڇ، پارڪر، مارواڙ ۽ ڪاٺياواڙ يعني لوڻي نديءَ جي اولھندي ڪناري تائين پکڙيل ھئي.’ پر هن موضوع تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. سامروٽي ‘سمانگر’ جو اهم حصو رهي آهي.ڪوي چمن چارڻ پنهنجي ڪوتا جي ڪتاب ‘ سما را جهولڻا’ جي هڪ طويل ڇند ۾ سمانگر جو عڪس چٽيندي چوي ٿو ته؛
راج سما کت، سامي، نج ٿر نگر،
جي ڪُل انُڙ جهڙا، پڇماڻ انپر،
ننگر ٺٽو نيپڻا، ساسڻ دي صدر،
اٺ ڪروڙ دت آپيا، چڙهت ڏن پهر،
جي ڪل وڪئي جهڙا جنمين جورا ور،
پيلو ڏان سماپيا، ويرت پيران ور،
سما سپڙ سريکا، پريت پال پرٿوي پر،
چاڙهي پنگا چارڻ، سکپال ڪويسر ،
جي ڪل راءِ کنگهار، سا گرنار تڻي گر،
راوَ ڏياچ سريکا جهونا گڍ شهر،
مٿا ڏينا منگيا، نهين ڪينا اُتر،
جي ڪُل گاهي جام سا، سنڌو پت جبر…
(سمن جو ٿر نگر تي راڄ هو، سمن جي راجائي خاندان ۾ ڄام انڙ جهڙو داناءَ ۽ سخي پيدا ٿيو، ننگر ٺٽي ۾ مکيه راڄڌاني جوڙي، ڄام انڙ سج اڀرڻ ٽاڻي اٺ ڪروڙ جو سوالين کي دان ڏنو، سمي جي ڪڙ م ۾ ڄام وڪيئي جهڙي اڙبنگ مڙس جنم ورتو، جنهن چارڻ جي گهرڻ تي اڻ مندائتا پيرون دان ڪيا. هن ڌرتيءَ تي پريت پال جهڙو سخي ڄام سپڙ ٿيو، سمي سپڙ ڄام چارڻن کي ڪلهي تي چاڙهي محلات ۾ وٺي اچي دان ڪيو. جنهن قبيلي ۾ گرنار گڍ جو ڌڻي راءِ کنگهار ٿيو، انهيءَ ساڳي آڪهه ۾ جهونا گڍ شهر جو سورمو راءِ ڏياچ پيدا ٿيو، جنهن سر جي سوالي منڱڻي کي جواب ڏيڻ جي بدران سُر جي صدا ۾ سر وڍي ڏنو، جنهن خاندان ۾ ڄام ڳاهي جهڙا سنڌوءَ جا سپوٽ پيدا ٿا)
سخي ڏاتار ۽ سپوٽ سمن سردارن کي لطيف سائين پنهنجي شاعري ۾ هن ريت ڳايو آهي ته ؛
اکين سوئي اوڙکئو جو ڪنين سئوم ڪرن،
ماءَ منهنجو من ڄام پسندهين پتئو،
(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ ص98)
سنهيا سرير ۾، راهوءَ جا رهيام،
ٻئا در وسريام، ڏٺي جادم جکري،
(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ ص105)
جن گنگا جر گڏئو سي ٿئا ڌڻ ڌڻي،
عزت آسائن کي ڏي ٿو گهوٽ گهڻي،
طامائن تڻي، پسو جا پيدا ٿئي.
(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ ص99)
چوٽاڻي چوٽ وهي، سُڪا سانگ ڀري،
ڪوڏئون ڏان ڏڏن کي سٻڙ سنجهي ڏي،
ان راهه مٿي رونجهي، ماڻڪ اُڇلئا مينهه جئن.
(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ ص120)
انڙ ۾ آس گهڻي تهان وڏيرو ڊرپ،
سو مڱڻهارن مپ، جو نه موٽائي مڱڻا.
(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ ص120)
اروڙجي اٿيو، ديمين پييس دانهه،
پاٻوهيو پير کڻي، سمو سرڻين ڏانهه،
مٿئان مٿي ٻانهه، اُڀو آڇي سلطان کي.
(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ ص109)
ابڙو اگهامن ۾، سٻڙ جئن ٻيلي،
سي پٽ ڪنهن نه پوڻئا جي ٿو ڀڙ ڀيلي،
سمون سانوڻ مينهن جئن رڃون ٿو ريلي،
اچن جي ويلي، تن بور بخشي بٺ ڌڻي.
(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ ص110)
ٻيلي ٻئي پار، جان مون نيڻ هڻي نهاريا،
چوري رکيم چت ۾ ڏِسين جا ڏاتار،
هي سر توهان ڌار، ٻيجي ڪنهن نه ٻوليو.
شاهه جو رسالوڪلياڻ آڏواڻي ص369)
ميڪڻ فقير؛ ميڪڻ ڪاپڙي ڪڇيءَ ٻوليءَ جي وچولي دور جو نامور سنت ڪوي آهي. ميڪڻ فقير جو جنم 1666ع ۾ ٿيو. لطيف سائينءَ کان 23 سال وڏو هو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب بدين شهر جي ڀرسان ڪاڇيل ڀٽ تي ڀڳت ميڪڻ جو تڪيو موجود آهي، جتي روايت ملي ٿي ته شاهه حبيب شاهه،شاهه لطيف کي ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ کيس ڪاپڙي پنٿ جي ميڪڻ گروءَ وٽ سکيا جي لاءِ ڇڏيو هو، شاهه صاحب کانئس ويدانت جي ڄاڻ ۽ جوڳ وديا حاصل ڪئي.ڏاڏي ميڪڻ کيس ڪوٽيشور، نارائڻ سر، گرنار، ڪارونجهر ۽ نانيءَ جي جوڳين سان ملايو. ۽ ساڻن گڏ سفر ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي هئي. پاربرهم عرف پارو فقير ميڪڻ جو چيلو هو. شاهه صاحب ويڙهي جهپ پاربرهم سان به ملڻ ويو هو، پر هو کانئس اڳ سماڌ وٺي چڪو هو.
شاهه ۽ ميڪڻ جو تقابلي اڀياس ڪبو ته منجهن فڪري هڪجهڙائي ملندي.. هتي ميڪڻ ۽ شاهه جي هم خياليءَ جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا؛
ميڪڻ فقير؛
رڙي رمي تون رام چئه آتم اهو نه ڀل.
_
جتي ستي تپشوي آڪر پنٿ اچن،
نِمن ڪري نر نار، جوڳي جاترا ڪرن،
سور پورا ساڌ جن، آڪر پنٿ اچن،
مانگي جو ميڪو چوي ڀاءُ ڀڳتي ڪن،
لطيف سائين ؛
اکر پڙهه الف جو وائي ٻي وسار.
_
هلڻ جو هنگلاج ڏي آديسين اُتوم،
نيئي پورب پار ڏي، ويراڳين وڌوم،
هُو جو تيرٿ تڪيو، سامين سُونهايوم،
تاج جويي چواڻي ماڌو جوشي اشڪ ميڪڻ جو هڪ اڻپورو شعر ٻڌايو آهي؛
ميڪڻ چئي مون کي سيد مرشد مليا،
راول فقير؛ ويڙهي جهپ ۾ پاربرهم جي آستاني جي ڀرسان راول فقير جو به آسٿان آهي ڪجهه رايا ڀٽائي جي ويڙهي جهپ اچڻ واري روايت کي هن ريت بيان ڪن ٿا ته، راول فقير ڳوٺ کوروڙي ۾ رهندو هو، ڀٽائي هن سان هڪ ڀيرو کوروڙي ۾ ملي ويو هو. ٻيهر جڏهن ڀٽائي هن سان ملڻ لاءِ آيو تڏهن راول فقير هن فاني دنيا کي الوداع ڪري چڪو هو. ڳوٺ کوروڙي جو قبرستان ويڙهي جهپ ۾ آهي.
راول جوڳين ۽ سامين جو هڪ پد به آهي ڀٽ ڌڻي راول جي تذڪري ۾ انهي پد وارن سامين کي ڳايو آهي يا ويڙهي جهپ واري راول کي ؟ انهي تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. لطيف سائين سر رامڪلي ۾ چوي ٿو ته ؛
پوڄا ڪار م پاڻ کي، جوڳي رکج جوڳ،
خلق خادم جئن ڪرين، ايءُ راول وڏو روڳ،
ڀڳن ڪونهي ڀوڳ، نانگا وڃن نڱئا.
(شاهه جو رسالو؛ عثمان علي انصاري ص579)
ويراڳي واڳي، ڏين ڏهاڙي ڏيل کي،
راول رتي مولهئين، سامي سُهاڳي،
لنوء جن سين لاڳي، سي جوڳي پسان ته جيان.
(شاهه جو رسالو؛ عثمان علي انصاري ص578)
راول رهي نه رات جيڏيون،
منهنجو راول رهي….
ڪو نه ڪرينديس ڪانڌ ري،
وهاڻي پرڀات ،
منهنجو راول رهي…
مٽ نه معذورن جا،
ڪا جا جوڳي ذات،
منهنجو راول رهي…..
لڳم لاهوتين جو،
منجهان ڪينر ڪات،
منهنجو راول رهي ….
(شاهه جو رسالو؛ مرزا قليچ بيگ ص429)
سر مومل راڻي ۾ به ڀٽائي راول سامين کي ڳايو آهي؛
جنهن تڙ ڌوڙون ڌُون، چئا چندن چڪ ڪيو،
اچن ڀونر ڀنڀوليا پاڻي تنهين پُونِ،
راول رتو رُون، ڪو وهه لڳو واسئين.
(شاهه جو رسالو؛ مرزا قليچ بيگ ص371)
ڳوٺ مٺي ڍاڀڙي جي ڀر سان ‘ ٽوڙ جي ڀٽ’ جي ڏکڻ اولهه ۾ هڪ ڀٽ تي لطيف سان منسوب ماڳ آهي، جتي وڏيون ڪنڊيون بيٺل هونديون هيون، جن کي لطيف جون ڪنڊيون سڏيو ويندو هو.
________________

ڀيرو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.



