Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

موھن ڪلپنا: ڪنھن چيو مان سنڌ مان آھيان ڀڳو؟ مان ته بس اِتھاس ۾ موڪل تي آھيان!

موھن ڪلپنا کي سنڌو ماتا کان ايئن ڌار ڪيو ويو ھو جيئن ڪنھن ٻار کي ماءُ جي ٿنڃ کان زوريءَ پري ڪيو ويو ھجي، انھيءَ ڪري ھو اھڙو ليکڪ بڻجي ويو جنھن جي ھر ليک جي ھر لفظ مان رت جا ڳوڙھا وھندا رھيا

اوھين سنڌين کي ماري نه سگھندا. سنڌ سنڌين جي سيني ۾آھي ۽ ان سيني جي اندر جا گولي ويندي ته ان مان وھندڙ رت مان زمين تي سنڌ جو نقشو ٺھندو

خُون مان قلم ٻوڙي لکندڙ موھن ڪلپنا ايئن چاليھه ڪتاب لکي ورتا جن ۾ ٻارھن ناول، شاعري، ٻاراڻي ادب، خطن، ڪھاڻين جي مجموعن ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب شامل آھن

موھن ڪلپنا جي ناول جلاوطنيءَ جو ھڪ ھڪ جملو، ھڪ ھڪ اکر زھر جھڙو ڪوڙو آھي. ان جو اندازو ھن مان ڪري سگھجي ٿو: ”ڀڳوان 15 آگسٽ 1947 تي مري ويو ھو.“

نصير اعجاز

سنڌي ٻوليءَ جي ٻن اديبن ـ امر جليل ۽ موھن ڪلپنا منھنجي ذھن تي سڀ کان وڌيڪ اثر ڇڏيو. ستر واري ڏھاڪي ۾ انسان جي وحشيپڻي کي ظاھر ڪندڙ امرجليل جي ڪھاڻي سرد لاش جو سفر ۽ موھن ڪلپنا جي تلخين ڀريل رومانوي ڪھاڻي اُھا شام مان ھر ھر پڙھندو ھئس. اُتر سنڌ جي شھر ڪنڌڪوٽ ۾ ھندو ھجڻ جي ڏوھ ۾ ھڪ ڪُٽنب سان مذھبي انتھاپسندن ھٿان جيڪو انسانيت سوز سلوڪ ڪيو ويو ھو ان جي منظر ڪشي سرد لاش جو سفر ڪھاڻيءَ ۾ اھڙي طرح ڪيل آھي جو پڙھڻ سان لڱ ڪانڊارجي ويندا ھئا. ان ڪھاڻيءَ جي اثر ھيٺ منھنجي ذھن جي اوسر ھڪ نئين انداز سان ٿيڻ شروع ٿي ھئي. ٻئي پاسي موھن ڪلپنا ھو، جنھن کي ٻين لکين سنڌين وانگر سنڌ رڳو ان ڪري ڇڏڻي پئي جو ھو ھندو ھو. اھو درد موھن جي دل ۾ ايترو ته سمائجي ويو ھو جو سندس ھر ڪھاڻيءَ جي ھر اکر ۾ ڪوڙاڻ ڀريل ھوندي ھئي. اُھا شام جھڙي سندس ڪا به رومانس سان ڀريل ڪھاڻي ھجي، پڙھڻ سان لڳندو ھو ڄڻ ترش شراب جو ڍُڪ ڀريو ھجي. ڪجھه ورھيه پوءِ جلاوطنيءَ جھڙو ناوليٽ لکيائين ته پڙھڻ سان دل ۾ تير کُپي ويندا ھئا. بي گھر ٿيڻ، ڌرتيءَ تان بيدخل ٿيڻ۽ پناھگير ڪئمپ ۾ زندگي گھارڻ جو ڏُک ۽ پِيڙا ڇا ٿيندا آھن، اھو ڪنھن کي سمجھڻو ھجي بلڪه محسوس ڪرڻو ھجي ته موھن جو ناوليٽ جلاوطني پڙھي. مون مرحوم طارق اشرف جي رسالي سُھڻيءَ جا اھي شمارا اڄ تائين سنڀالي رکيا آھن جن ۾ جنوري 1973 ۾ سرد لاش جو سفر ڪھاڻي ۽ فبروري 1975 ۾ موھن ڪلپنا جو اھو ناوليٽ ڇپيو ھو. مسواڙي گھر مٽائيندي ٻين ڪيترن ئي ڪتابن سان گڏ سھڻي رسالي جو اھو شمارو گم ٿي چڪو آھي جنھن ۾ موھن جي ڪھاڻي اُھا شام ڇپي ھئي. سندس ھن ڪھاڻيءَ جو ھيرو ۽ ھيروئن زندگيءَ جي ھڪ موڙ تي پھچي الڳ ٿي وڃن ٿا، صرف اھو سوچي ته سندن لاڳاپن ۾ ڪو مقصد ۽ لافانيت ڪانھي. پيار ۽ محبت جي اھا عجيب ڪھاڻي ھئي. اھڙين ڪھاڻين موھن کي انفراديت پسند اديب طور مشھور ڪري ڇڏيو. اُھا شام نالي سان سندس ستن ڪھاڻين جو ڪتاب 1981 ۾ ڇپيو ھو جنھن کي 1984 ۾ انڊيا جي سنڌي ساھت اڪئڊميءَ پاران ايوارڊ ڏنو ويو.

22 نومبر 1930 تي سنڌ جي ڪوٽڙي شھر ۾ جنم وٺندڙ موھن ٻولچند لالا جي ذھن کي پھريون ڌڪ ان وقت لڳو جڏھن سکر ۾ مسجد منزل گاھه ۽ ساڌٻيلي وارا ھندو مسلم فساد ٿيا. فساد ڪجھه وقت اندر ختم ٿي ويا پر موھن کي لڳندو ھو ته اِھا ٺاپُر ڪنھن طوفان اچڻ کان اڳ ڇانيل سانت آھي. سندس ٻاراڻي ذھن کي جيڪو ڪجھه سمجھه ۾ آيو، ان تحت ھو انتھا پسند ھندو تنظيم آر ايس ايس ۾ شامل ٿي ويو، پر ورھاڱي وقت کيس ھوش اچي ويو ۽ ان کان ڌار ٿي ويو. سنڌ مان جلاوطنيءَ سندس ذھن کي مڪمل طور مٽائي ڇڏيو ۽ ھو ھڪ ناليواري اديب طور دنيا آڏو اُڀري آيو. اينسائيڪلوپيڊيا آف انڊين لٽريچر موجب موھن ڪلپنا 1948 ۾ لکڻ شروع ڪيو. “گنو سامتاڻي، لال پُشپ ۽ موھن ڪلپنا سنڌي ادب ۾ ھڪ نئين فلاسافي متعارف ڪرائي. ھنن ڪھاڻين جي ڪردارن ۽ پلاٽ کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو ۽ انساني نفسيات جي گھراين ۾ وڃي اُن کي پروڙي جذباتي ۽ نفسياتي پھلوئن تي لکيو”، اينسائيڪلوپيڊيا موھن جي تعارف ۾ لکي ٿي.

موھن ڪلپنا کي سنڌو ماتا کان ايئن ڌار ڪيو ويو ھو جيئن ڪنھن ٻار کي ماءُ جي ٿنڃ کان زوريءَ پري ڪيو ويو ھجي، انھيءَ ڪري ھو اھڙو ليکڪ بڻجي ويو جنھن جي ھر ليک جي ھر لفظ مان رت جا ڳوڙھا وھندا رھيا. سندس ھر ڪتاب جي پڇاڙي ان اُميد تي ختم ٿيندي ھئي ته من ڪڏھن وري ھو پنھنجي ڌرتي ڏسي سگھي، پوءِ اُھو آخري ڀيرو ئي ڇو نه ھجي. پر اڳتي ھلي سندس اِھا آس به ختم ٿي وئي ھئي. پنھنجي آتم ڪٿا “بُک، عشق ۽ ادب” ۾ لکي ٿو: “گوبند مالھي ۽ ٻيا جلاوطن سنڌي اديب ان آسري ۾ آھن ته ھو ھڪ ڀيرو سنڌ کي ڏسڻ کانسواءِ ڪونه مرندا. پر مان ايئن نٿو سمجھان. مونکي پڪ آھي ته مان جلاوطنيءَ ۾ ئي مرندس ۽ ساڙيو ويندس. ايئن ماڻھن کي ٻُڌائڻ لاءِ ھڪ ڪھاڻي ملي ويندي ته ڪنھن زماني ۾ ھڪ موھن ڪلپنا ۽ ھڪ سنڌ ھوندا ھئا. جيتوڻيڪ انھن کي ھڪٻئي سان بيحد پيار ھو، پر ھو ھڪٻئي کي ڏسي نه سگھيا.”

موھن پنھنجي آتم ڪٿا به سنڌ کي ارپي ھئي. ھو لکي ٿو: “ارپيم سنڌ کي، جنھن کي مان پنھنجي سپنن ۾ ڌُنڌ ۽ ڪوھيڙي ۾ لڪل ڏسندو آھيان.”

ھندستان ۽ پاڪستان جي آزاديءَ وارن ڏينھن تي موھن پاڻ کي منجھيل ۽ عجيب ڪيفيت ۾ ڦاٿل محسوس ڪندو ھو. جلاوطنيءَ بابت پنھنجي نوٽس ۾ ھو اڪثر ان جو ذڪر ڪندو ھو. پنھنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو: “انڊيا جي آزادي منھنجي لاءِ ڪابه خوشي نه آندي. گذريل پنجٽيھه ورھين ۾ مون ڪڏھن به ھندستاني جھنڊي کي سلام نه ڪيو آھي. مون سدائين آزاديءَ جي کوٽ محسوس ڪئي آھي ۽ ڪڏھن به آزاديءَ جي تقريبن ۾ شريڪ نه ٿيو آھيان. اھي پروگرام مون کي ياد ڏياريندا آھن ته ان ڏينھن اسان کان اسان جو وطن کسيو ويو ھو.”  

نومبر 1982۾ تاج بلوچ جي ماھوار رسالي “لطيف” ۾ پنھنجي سيلف پورٽريٽ Self Portrait ۾ موھن اندر جي پيڙا کي ھنن لفظن ۾ ظاھر ڪري ٿو: “مون اندر جي آئيني کي ڀڃي ڇڏيو آھي. ھاڻي منھنجو ڪوئي اندر وارو ڪونھي. ھاڻ جو مان اندر آھيان، اھو ٻاھر آھيان. منھنجي اندر سڙيل ماس جي بدبوءِ آھي. ذھن جون تمام شمعون وسامي ويون آھن. تصور جي ندين پنھنجا وھڪرا ڦيرائي ڇڏيا آھن. ڪلپنا جا ڦول مرجھائجي ويا آھن. پکين جا کنڀ ڪٽجي ويا آھن. وڻن کي باھيون وچڙيل آھن. ڪنھن گمنام ڌنڌ ۾ چنڊ، تارا ۽ آڪاش گم آھن.”

”شايد ڏاڍو شخصي آھيان، ان ڪري ھر جڳھه تي مونکي انڌڪار نظر اچي ٿو. ان انڌڪار ۾ مان اڪيلو آھيان. منھنجي راھه اڪيلي آھي. اِن راھه کي نه ڄاڻان ڪھڙيون راھون ڪٽين ٿيون. مونکي خود پنھنجي منزل جو پتو ناھي.“

”پر مان شايد اڪيلو نه آھيان. مون سان گڏ منھنجي غمن ۽ پريشانين جي فوج به آھي. مون پنھنجي حياتيءَ جون ڪيتريون شامون مندرن ۾ گذاريون آھن ۽ ھڪ عمر کان مون طوائفن جا غزل به ٻڌا آھن. بي رحم زندگيءَ جي پياس ٻجھائڻ لاءِ مون انيڪ گلاس خالي ڪيا آھن ۽ ڪن حالتن ۾ انھن کي به کائي ڇڏيو آھي ۽ انھن شيشن سان منھنجو سڄو اندر ڪپجي ويو آھي.“

”مان ھر جڳھه تي لڙيو آھيان ۽ ھر جڳھه تي منھنجو سر ڪٽيو آھي. پر منھنجو سر به سر آھي  جو رانوڻ جيان ھر دفعي پنھنجي جاءِ تي بيٺو آھي. منھنجو دليل سر وٺڻ، سر ڏيڻ آھي. مان زھر پي سوچيندو آھيان ۽ خون ۾ قلم ٻوڙي لکندو آھيان.“

خُون مان قلم ٻوڙي لکندڙ موھن ڪلپنا ايئن چاليھه ڪتاب لکي ورتا جن ۾ ٻارھن ناول، شاعري، ٻاراڻي ادب، خطن، ڪھاڻين جي مجموعن ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب شامل آھن. سندس ڪھاڻين جو تعداد ٻه سئو کان وڌيڪ آھي. گووا جي آزاديءَ واري جدوجھد تي لکيل ڪتاب “اڃا رات باقي آھي” (1955 )، ٻارن لاءِ ناول “سرڳ جي ڳولا” (1958 )، ڪھاڻين جو مجموعو “موئي نرموھي” (1961)، ٻارن لاءِ ڪھاڻين جو مجموعو “فرشتن جي دنيا” (1967)، نو ڪھاڻين جو مجموعو “چاندني ۽ زھر” (1967)، ناول “ماءُ” (1979)، ست ڪھاڻين جو مجموعو “اُھا شام”، ناول جلاوطني، ناول “رُڃ ۽ پاڇا” ۽ ٻيا سندس مشھور ڪتابن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا.         

جڏھن به ڪي ليکڪ ورھاڱي کانپوءِ واري ادب تي انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ لکن ٿا ته موھن ڪلپنا ۽ سندس ڪھاڻين، خاص طور ناول جلاوطنيءَ  جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ سندن ليک اڻپورا رھن ٿا. ھندستان جي ليکڪا ريتا ڪوٺاريءَ ورھاڱي ۽ لڏپلاڻ تي سنڌي اديبن جي لکيل ڏک ۽ پِيڙا جي داستانن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آھي. اھو ڪتاب Un-bordered Memories جي نالي سان ڇپيو آھي جنھن ۾ موھن جو ناول جلاوطني به شامل آھي. اخبار دکن ھيرالڊ ۾ مونيديپا ساھُو انھيءَ ڪتاب تي Of a home lost for ever جي عنوان سان تبصرو لکيو آھي جنھن م پڻ ھن خاص طور موھن ڪلپنا جي ان ناول جو ذڪر ڪيو آھي. اھڙي طرح بنگلاديش جي ليکڪ نياز زمان ۽ پاڪستاني ليکڪ آصف فرُخيءَ جي گڏيل ڪتاب Fault-lines: Stories of 1971 ۾ به موھن جي ھڪ ڪھاڻيءَ کي شامل ڪيو ويو آھي. اھو ڪتاب بنگلاديش جي يونيورسٽي پريس 2008 ۾ ڇپرايو ھو. آصف فرُخيءَ جي ڪتاب Look at the city from here ۾ به موھن جي ڪھاڻي “تاج محل جو غدار” شامل آھي.

ھندستان ۾ موھن ڪلپنا کي سنڌي ساھت جي ٿنڀن مان ھڪ اھم ٿنڀي جي حيثيت حاصل ھئي. سندس ڪھاڻيون سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن ۾ به شامل رھيون آھن. سينٽرل بورڊ آف سيڪنڊري ايڊيوڪيشن، دھليءَ سينئر اسڪول ڪريڪيولم 2012 ۾ سنڌي ٻوليءَ واري ڀاڱي ۾ موھن جي ڪھاڻي “پٿر جو دشمن” شامل ڪئي ھئي.

ممبئيءَ ويجھو سنڌين جي وستي سنڌونگر (سرڪاري نالو اُلھاس نگر) ۾ رھندڙ موھن ڪلپنا سنڌ ۾ سنڌي ادب ۽ اديبن جي اوسر کان به بيخبر ڪونه ھو. ھو پنھنجون ڪھاڻيون ۽ ناول سنڌ ۾ ڇپڻ لاءِ دوستن ڏانھن موڪليندو ھو ۽ سنڌ مان يار دوست کيس ھتان جا سنڌي ڪتاب ۽ رسالا موڪليندا رھندا ھئا. جنوري 1983 ۾ ماھوار رسالي “لطيف” ۾ ادبي ڇنڊڇاڻ جي عنوان سان ڇپيل سندس ھڪ خط ۾ موھن لکي ٿو: “مان گذريل ھڪ مھيني کان ورھاڱي بعد سنڌ ۾ سنڌي ڪھاڻيءَ جي موضوع تي مقالو ويٺو لکان. اٽڪل اڍائي سئو ڪھاڻي نويسن جون اٽڪل ھڪ ھزار سنڌي ڪھاڻيون پڙھيون اٿم، جن مان پنجھتر کن ته منھنجون فنڪار ڀينرون آھن. اڀياس ڪندي نئين زندگي (1950) ، ٽماھي مھراڻ (1955)، روح رھاڻ (1960) ، سھڻي ۽ ٻين رسالن جي ڪردار جي وڌيڪ ڄاڻ ملي اٿم. پر جيئن ته اڄڪلھه سنڌ ۾ سنڌي ادبي رسالن جو قحط آھي، ماھوار لطيف رسالي جي اشاعت جو مان خيرمقدم ڪريان ٿو.”

موھن ڪلپنا ان خط ۾ ٻين سنڌي اديبن جي ڪھاڻين تي ھڪ ٻن سِٽن جو تبصرو ڪيو ۽ ڪجھه شيخ اياز تي لکيو پر باقي سمورو خط ساڳي رسالي ۾ ڪجھه وقت اڳ منھنجي ڇپيل ھڪ ڪالم تي نھايت جذباتي انداز ۾ لکيو آھي. شيخ اياز تي تبصرو ڪندي چوي ٿو: “اياز جو پتڻ ٿو پُور ڪري به پڙھيم. اھو ڪتاب محترما ماھتاب موڪليو آھي. اياز اسان جو وڏو شاعر آھي، مگر اڃا به مٿس پيغمبريءَ جو جنون چڙھيل آھي. کيس سٺو نثر يا ان جھڙو ڪجھه چوڻ کان عالماڻو احوال ڏيڻ بھتر ٿو لڳي. فڪر جو انداز رومانوي اٿس جو سندس جديد سوچ کي ٿڌو ٿو ڪري ڇڏي. چاھي ته تاريخ ۾ ھنجو وڏو درجو آھي، مگر ھن وقت امداد کانئس گھڻو بھتر ٿو لکي. ھن جي سوچ جديد آھي، تلخ آھي. اڄڪلھه اياز جادُو ٿو ڪري. گھڻو جادو ڪيو اٿائين. ھاڻ وري شاعري به ڪري.”

شيخ اياز به پنھنجي ڪتاب ساھيوال جيل جي ڊائريءَ ۾ موھن ڪلپنا جو ذڪر ڪيو آھي. ڪلياڻ ڪئمپ ۾ سنڌي اديبن سان گھاريل رات جو ذڪر ڪندي اياز لکي ٿو:“مون رات جو ڏھين وڳي کان شعر پڙھڻ شروع ڪيا ۽ صبح جو ڇھين وڳي تائين پڙھندو رھيس. صبح جو مونکي موھن ڪلپنا چيو ھو: تنھنجا شعر ٻڌي مونکي راڻي پرتاب جي زندگيءَ جو ھڪ وااقعو ياد اچي ٿو.ھڪ ڀيري ڪوئي شخص چتور جي قلعي جي ٻاھران ويٺو ھو ته ھن کي قلعي جي اندران ست ڀيرا زور سان تلوار جو آواز آيو. ان تي انھيءَ شخص ڪنھن پاڙيسريءَ کان پڇيو ته ڇا راڻو قلعي ۾ آھي؟ ان تي پاڙيسريءَ حيران ٿي پڇيس ته توکي ڪيئن خبر پئي ته راڻو قلعي ۾ آھي؟ انھيءَ شخص جواب ڏنو: ست ڀيرا ساڳي زور سان تلوار جو وار فقط راڻو ئي ڪري سگھندو آھي.” “ان تي مان موھن ڪلپنا ڏانھن پيار مان ڏسي خاموش ٿي ويو ھئس. ڪنھن ٻئي شخص زندگيءَ ۾ مونکي ايئن داد ڪونه ڏنو، جو ٻُڌي ھن کي اُمالڪ ڀاڪر پائڻ تي دل چوي. رُڳو موھن ئي اھڙو شخص ھو.” 

اندر جو صاف ماڻھو ھجڻ ڪري موھن ڪو رک رکاءُ نه ڪندوھو. جيڪو ڪجھه محسوس ڪيائين اھو چئي ڏيندو ھو. پاڻ بيحد حساس طبيعت جو ھو ۽ ھر انسان جي عزتِ نفس جو احساس ھئس، ان جو اندازو منھنجي ڪالم تي ڪيل ھن تبصري مان ڪري سگھجي ٿو. “جنھن مضمون وڏو جوش جاڳايو اٿم اُھو آھي نصير اعجاز جو “زندگي اي زندگي” ـ  ھو دوستووسڪي ۽ علي بابا ۾ تخليقي نقطئه نظر کان نه، مگر غربت جي خيال کان ھڪجھڙائي ٿو ڀاسي.” منھنجي ڪالم جي ٻن جملن “علي بابا ھڪ پبلشر کي چيو: سڀاڻي تائين توکي ڪھاڻي لکي ڏيندس، اڄ مونکي سئو رپيا ڏي”  ۽ “اڄ دوستووسڪي زندھه ھجي ھا ته کيس علي بابا سان ملي گھڻي خوشي ٿئي ھا” جو حوالو ڏيندي موھن لکيو: “نه، جي دوستووسڪي زندھه ھجي ھا ته علي بابا کي ڏسي روئڻ اچي ھا. پنھنجو ساڳيو دُک ٻين ۾ ڏسي خوش ٿيڻ وارا ماڻھو دماغي مريض ٿيندا آھن.”

مون پنھنجي ڪالم ۾ علي بابا ۽ دوستووسڪيءَ جي ڀيٽ مختلف پھلوئن کان ڪئي ھئي جن ۾ ھڪ پھلو اھو به ھو ته ٻئي ڪنھن پکيءَ جو رت وھندي به ڏسي نه سگھندا ھئا. علي بابا تي ڪالم ساڻس حيدرآباد کان ڄامشوري تائين بس ۾ ڪيل سفر دوران ڪچھريءَ جو نتيجو ھو. ان سفر جي انت تي جڏھن علي بابا سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري سان مليو ۽ ھڪ سئو رپيا گھريائين ته به مان ساڻس گڏ ھئس. پر منھنجي سڄي ڪالم مان دوستووسڪيءَ جي خوش ٿيڻ واري ڳالھه موھن کي جذباتي ڪري ڇڏيو. پنھنجي لحاظ کان موھن بلڪل صحيح به ھو. ساڳي خط ۾ اڳتي ھلي موھن اھا ساڳي ڳالھه ڪئي جيڪا مون پنھنجي ڪالم ۾ چوڻ چاھي ھئي. ھو لکي ٿو: “علي بابا ئي سنڌي ٽي وي ڊراما کي دنيا جي تاريخ ۾ آندو. ھو نئين ڪھاڻين جي بانيڪارن مان ھڪ آھي. ٺيڪ آھي، ھو بيروزگار آھي، سئو رپيا ھن جي ڪھاڻي لکڻ جي محنت جي قيمت آھي، پر سندس ڪردار يا ڪھاڻيءَ جواھو مُلھه نه آھي. اسانجي سماج ۾ ھڪ واڍي کي، موچي، ڌوٻي ۽ ڀنگيءَ کي به محنت جا پئسا ملي ٿا وڃن، ڪمپازيٽرن کي به ملن ٿا ته مشين مئن کي به ۽ بائينڊر کي به، مگر جن اديبن جي محنت سان رسالا نڪرن ٿا، تن تي فقط زباني ناز ڪيو وڃي ٿو ته اھي اسانجي ڪلچر جا محافظ آھن.” موھن لکيو:“اھو صحيح آھي ته نصير اعجاز جو ارادو نيڪ آھي مگر فنڪارن لاءِ ان قسم جي کليل ھمدردي زھر آھي.” موھن اڳتي ھلي پنھنجو قصو به لکيو آھي جڏھن ھو دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال داخل ھو ۽ ڪن ماڻھن سندس علاج لاءِ چندا گڏ ڪرڻ جي مھم ھلائي ھئي. کيس ان عمل وڏي تڪليف ڏني ھئي. ھو لکي ٿو:“ھنن اھو نه سوچيوته چندا وٺي جيئڻ کان خوددار موھن ڪلپنا لاءِ ھندي مھا ساگر ۾ ٽپو ڏيڻ گھٽ تڪليف ڏيندڙ ڪارنامو ٿئي ھا.”

 مان موھن ڪلپنا جي ناول “جلاوطني” کي رُڳو افسانوي ادب جو شاھڪار نه پر ورھاڱي کانپوءِ واري تاريخ جو ھڪ اھم باب سمجھان ٿو جنھن ۾ ھندستان اندر سنڌين جا حالات، سندن سوچ ۽ احساس بيان ڪيل آھن. ناول جو مکيه ڪردار به موھن نالي سان آھي جنھن جو پيءُ ريلوي ۾ ملازم ھو ۽ ورھاڱي وارن فسادن ۾ لاھور ۾ مارجي وڃي ٿو. موھن پوڙھي ماءُ ۽ ٻن ننڍين ڀينرن سان گڏ سنڌ مان بي گھر ٿي بمبئي ڀرسان پناھگير ڪئمپ (ڪلياڻ ڪئمپ نالي ٻي جنگِ عظيم واري فوجي ڇانوڻي) ۾ پھچي ٿو جتي کين شديد برساتن ۾ اُگھاڙي آسمان ھيٺان ڏينھن ۽ راتيون گذاري پناھگير جي حيثيت وارو سرٽيفڪيٽ، راشن ڪارڊ ۽ رھڻ لاءِ ڪوارٽر وٺڻ لاءِ دربدر ٿيڻو پوي ٿو. لٽريچر ۾ گريجوئيشن ڪيل خود دار موھن ٽڪي جي ڪلارڪن ھٿان بيعزتي برداشت نٿو ڪري سگھي ۽ کين کُتيون ٻڌائڻ جي نتيجي ۾ مار کائي رتورت ٿي وڃي ٿو. اتان ھو بيمار ماءُ ڏي اسپتال وڃي ٿو ته بدعنوان ڊاڪٽر ھٿان علاج نه ٿيڻ سبب ماءٌ به گذاري ٿي وڃيس. ھو ڊاڪٽر تي حملو ڪرڻ جي ڏوھ ۾ جيل ھليو وڃي ٿو. ايئن ڪھاڻي اڳتي وڌندي رھي ٿي ۽ خوشحال گھراڻن جي سنڌين سان جلاوطنيءَ جي نتيجي ۾ ٿيل انسانيت سوز سلوڪ جي منظرڪشي اھڙي طرح ڪري ٿي جو پڙھندڙ جي اکين مان لُڙڪن جون لارون وھي پونديون. ھندستان جي ڪنھن مبصر بلڪل ٺيڪ چيو ھو ته جلاوطنيءَ تي لکيل ادب کي سھيڙجي ته لُڙڪن جا سمنڊ وھي پوندا.                     

ڪھاڻيءَ جو ڪردار موھن چوي ٿو:“ سنڌ ديش جا واسي، جي آسمان مان مينھن جو ڦڙو ڪرندو ڏسي اسڪول، ڪاليج، دفتر ۽ دڪان بند ڪري اُگھاڙا ٿي ميدان ۾ ڌُوڪي نعرا ھڻندا ۽ نچندا ھئا، تن پنھنجي ٻچن کي سنڀالڻ لاءِ سلامت ڪُنڊون ۽ پاسا ڳولڻ شروع ڪيا. آسمان مان ٽئنڪن جي لڙائي جھڙا ھيانءُ ڪانڊاريندڙ آواز ۽ وڄ جا چمڪا ڏسي لڳو ٿي ته گذريل سال جيان شايد آسمان ۾ به ھندستان ۽ پاڪستان جيان ان جو ورھاڱو ٿيڻو آھي.” “پنھنجي جائداد، ملڪيت، ڌنڌا ۽ پيشا، محبتون ۽ موھه، پنھنجا شھر، ڳوٺ، گھٽيون، پاڙا، پاڙيسري، ڪپڙا، کوھه، وڻ، ساھه ۽ سپنا ڇڏي ھي ماڻھو ان بستيءَ ۾ ٺونسيا ويا ھئا جت ويھن فُوٽن کان وڏي ڪا جڳھه نه ھئي.” “اھي ماڻھو جن ھٿن ۾ ڇُرا کڻڻ بدران ٻوري بسترو کڻي سنڌ مان ڪوچ ڪيو ھو، تن کي بنا وچ ديوار وارين بئرڪن ۾ بند ڪيو ويو ۽ جتي سُوتلي ۽ سُوئا کڻي ماڻھن ڦاٽل ڳوڻين جون ديوارون ٺاھيون ۽ جن جون جوانيون ۽ محبتون انھن ڦاٽل ڳوڻين جي چيرن ۽ سوراخن مان پڌريون ۽ وائکيون پئي ٿيون.” انھن چند جملن مان ئي اندازو ٿي سگھي ٿو ته سنڌ مان ويل سنڌين پناھگير جي حيثيت ۾ ڇا ڇا نه ڀوڳيو ھوندو. مٿان وري ھن قسم جا جملا:“پناھگير آھين. رات وڻ ھيٺان ڪاٽي سگھين ٿو. ريل جا پٽا ۽ ميدان خالي پيا آھن. جڏھن سنڌ مان ڀڳا، تڏھن جناح کان پڇيو ھئو ته ھاڻ ڪاڏي وڃون.” “تون ھن وقت نه ھندستان ۾ آھين ۽ نه پاڪستان ۾. تون رفيوجي آھين، رفيوجي! نه تنھنجو ھِتي گھر آھي ۽ نه ھُتي. اوھين ڌوٻيءَ جي ڪتي جيان نه گھر جا آھيو، نه گھاٽ جا.”

موھن ڪلپنا جي ناول جو ھڪ ھڪ جملو، ھڪ ھڪ اکر زھر ۾ ٻُڏل آھي. ان جو اندازو ھن مان ڪري سگھجي ٿو: ” ڀڳوان 15 آگسٽ 1947 تي مري ويو ھو.“

موھن ڪلپنا جي لکڻين ۾ رڳو مايوسي نه پر مزاحمت جو سبق آھي. ھو سنڌ ۽ سنڌين جي عظمتن کي قدم قدم تي بيان ڪري ٿو ۽ پنھنجي وجود کي بچائڻ لاءِ جدوجھد لاءِ اُتساھي ٿو. “سنڌي تلوار ھر سنڌي سيني ۾ زندھ آھي، جا ھر ان منصوبي کي ڪٽي ٻه اڌ ڪندي، جو سنڌين جي وجود مٿان حملو ھوندو. ھو معاشي طور پنھنجو قلعو مضبوط ڪري اٿندا ۽ سنڌ جي مسلمان ڀائرن سان گڏ ان زمين جي ماڻھن جي حقن لاءِ وڙھندا، جنھن جو نالو سنڌ آھي.” ھندستان ۾ سنڌين کي پنھنجو وجود بچائڻ لاءِ وڏي جدوجھد ڪرڻي پئي، کين وجود جي جنگ وڙھڻي پئي. موھن ان جو ذڪر به ناول ۾ ڪيو آھي. ھو لکي ٿو:“جن جي زمين سنڌ مان ھن ديش مٿان ھند جو نالو پيو، ان ھند ۾ سنڌين جي ھستيءَ کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، پر مارڻ سان به جو نٿو مري، اھو سنڌي آھي.”

ڪلياڻ ڪئمپ جو نالو سنڌين سنڌونگر رکيو. ھندستان جي پھرين گورنر جنرل راجگوپال آچاريا ان جو نالو ڦيرائي اُلھاس نگر رکيو ته سنڌي مڇرجي پيا. وڏا مظاھرا ٿيا، مٿن لٺيون ھليون ۽ پوليس گوليبازي ڪئي. ان واقعي جو حوالو ڏيندي موهن ناول ۾ چوي ٿو: ”اوھين سنڌين کي ماري نه سگھندا. سنڌ سنڌين جي سيني ۾آھي ۽ ان سيني جي اندر جا گولي ويندي ته ان مان وھندڙ رت مان زمين تي سنڌ جو نقشو ٺھندو.“

موھن ڪلپنا کي اھو احساس اندر ئي اندر ۾ سڄي عمر کائيندو رھيو ته سنڌين جي ھاڻ ڪابه ڌرتي ناھي ۽ ھو پنھنجي ڌار سڃاڻپ ۽ ٻولي وڃائي ويھندا. ان احساس جو اظھار ھو پنھنجي ناول جي ڪردار موھن جي واتان ھن ريت ڪرائي ٿو:“مان بنا زمين ھوا ۾ لٽڪيو پيو آھيان ۽ اندران ختم ٿي رھيو آھيان. آخر سنڌين جي ڪھڙي زمين آھي؟ سنڌو نگر، گانڌيدام؟ سنڌين جي پنھنجي ڪا زمين ناھي، ٻوليءَ کي ڳوٺ جنم ڏيندا آھن ۽ جيئن ته ھندستان ۾ سنڌي ڳوٺ ڪونھن، ان ڪري سنڌي ٻوليءَ کي اندر ئي اندر ڌڪ لڳي رھيو آھي.”

موھن ڪلپنا انھن سنڌين منجھان ھو جن ھندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي  موجودھ لپِي بدلائي ديوناگري ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ ان جدوجھد ۾ ڪامياب رھيا. سنڌي لپِِ بدلائڻ جي حمايت ڪندڙن لاءِ ساڳي ناول ۾ موھن ھنن خيالن جو اظھار ڪري کين نندي ٿو:“اھي چند شخص، جن ورھاڱي بعد سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري يا ھندي لپِي قبول ڪرڻ جو ٺھراءُ پاس ڪيو، انھن جي سيني ۾ تاريخ جي مار کاڌل فرقيپرست ويٺا ھئا. ھو ملڪ گھوري پنھنجو وجود گھورڻ لاءِ تيار ٿيا ۽ جيئن طلاق کانپوءِ زال مڙس ھڪٻئي کي شيون واپس ڪندا آھن، ورھاڱي کان ذھني طور زخميل ھنن شخصن چيو: وٺو پنھنجي لپِي واپس. انھن اھو نه سوچيو ته سنڌي لپِي ھند، سنڌ ۽ ٻاھر رھندڙ ھڪ ڪروڙ سنڌين جي لپِي آھي.”          

“ھندستان ۾ جڏھن به وڳوڙ ٿين ته ان جو پھريون نشانو سنڌي ٿين ٿا.” ناول جو ڪردار موھن سوچي ٿو. “احمد آباد ۾ سنڌين جا دڪان لُٽيا ويا، ناگپور ۾ به، گوھاٽيءَ ۾ به. سنڌين ٿوري وقت ۾ جا ترقي ڪئي آھي، اھا ٻين کي سُئيءَ وانگر اک ۾ چُڀي ٿي. اھڙي ذلت تي سنڌي پنھنجي غيرسلامتيءَ سبب زمين ٽُڪري لاءِ واجھائين ٿا، پر کين اھو ملڻو ناھي.”

ھو چوي ٿو:“ڪنھن ھڪ سنڌيءَ کي ٿڦڙ ھنيو، ھن جو دڪان جلايو، اھو اسان تي احسان ڪيو، اسان جون اکيون کوليون ۽ سبق سيکاريو ته پنھنجي زمين کانسواءِ اسان جو وجود محض ھڪ عبث آھي. اسان جي زمين سنڌ آھي.” اھي جملا شايد سنڌ ڇڏڻ جو پڇتاءُ به ظاھر ڪن ٿا. ھو  ھندستان ۾ رھندڙسنڌين کي نصيحت ڪري ٿو:“سنڌين کي ھندي سامراجواد ۽ ھندو فرقيپرستيءَ کان بچڻو آھي ۽ اسين بچي سگھون ٿا. اسان وٽ ھي رام سان گڏ يا الله به آھي.”

موھن ڪلپنا سدائين سنڌ واپس اچڻ جي خواھش رکي. ڪنھن زماني ۾ ھن پاڪستان جي ھڪ وزيراعظم کي درخواست لکي ته کيس سنڌ اچڻ ڏنو وڃي پر کيس ان جي ڪا به موٽ نه ملي. ناول ۾ ھو دليل ڏئي ٿو:“ھڪ پٽ کي ماءُ جي ھنج ۾ سڪون ملندو آھي. ھونءَ ته ھيءَ ڌرتي انسان جي ماتا آھي، پر ھڪ روسيءَ کي جيڪو سڪون روس ۾ ملندو، اھو کيس چين ۾ نه ملندو. انگريز کي جو مزو انگلنڊ ۾ ملندو، اھو فرانس ۾ نه ملندو. ھڪ جرمن اٽليءَ ۾ ان ريت خوش نه رھي سگھندو. ان طرح سنڌين جو روحاني سُک سنڌ جي زمين ۾ سمايل آھي.” ڪنھن ميلي ۾ موھن کان ڪنھن پڇيو:“ سنڌ جو رستو کلي به وڃي ته ڇا سنڌي اتي ھلندا؟ ھن جواب ڏنو:“رت کي پنھنجي آ زبان، وقت تي ڳالھائيندي سنڌ جي مٽي.”

سنڌ نه اچي سگھڻ جو احساس۽ جان بچائڻ لاءِ وطن ڇڏڻ جو پڇتاءُ ھو پنھنجي ڪردار موھن کان ھن ريت ظاھر ڪرائي ٿو؛“مان ماسڪو وڃي سگھان ٿو، مانٽريال، پيڪنگ ۽ استنبول وڃي سگھان ٿو، پر مان سنڌ وڃي نٿو سگھان. ڇو؟ ڇو جو مان سنڌي آھيان. مون وطن مٿان جان نه، جان مٿان وطن گھوريو؟ ان ڪري مان جلاوطن آھيان. ھڪ شاھي ڀيڙ ۾ اجنبي؟”

ناول جلاوطني جي آخر ۾ موھن (ناول جو ڪردار) ھڪ مشاعري ۾ شعر پڙھي ٿو، ۽ اھو ئي شعر شايد موھن ڪلپنا جي حقيقي زندگيءَ جو ڪلائيميڪس به آھي. شعر ھن ريت آھي:

ڪنھن چيو مون جان لاءِ گھوريو وطن؟

ڪنھن چيو مان سنڌ مان آھيان ڀڳو؟

 مان ته بس اتھاس ۾ موڪل تي آھيان!

 ھڪ صدي يا اڌ صدي…… ھڪ صدي اتھاس ۾

 ڄڻ فلم جي ڪا آه انٽرول،

 اوچتو سِڪ لِيو (بيماريءَ جي موڪل) ڄڻ دفتر مان ورتل.

مون ڏني اتھاس ۾آ ھڪ ٽُٻي،

 ڀل مٽي، لس ليٽ لُڙ لھرون ھجن…..

ايئن موھن ڪلپنا 19جُون 1992 تي لاڏاڻو ڪري ويو. ھو اتھاس ۾ ڊگھي موڪل تي ھليو ويو، سنڌ کي ڏسڻ جا سپنا من اندر سانڍي.

________________

نصير اعجاز ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر صحافي ۽ يارھن ڪتابن جو ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button