Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

سنڌ ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون اعليٰ تعليم کان محروم  آھن

سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ عورتن جي خواندگيءَ جي شرح 30 سيڪڙو کان به گھٽ آهي

پاڪستان صنفي برابريءَ جي عالمي انڊيڪس ۾ 142هين نمبر تي، عورتن کي بااختيار بنائڻ بنا ترقي ممڪن ناهي — سيمينار ۾ ماهرن جون تقريرون

ٽنڊوڄام، سنڌ

تعليمي ۽ سماجي ماهرن چيو آهي ته سنڌ ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتن کي اعليٰ تعليم تائين رسائي حاصل نه آهي، جڏهن ته صوبائي سطح تي لڳ ڀڳ 66 سيڪڙو ڳوٺاڻيون عورتون زرعي مزدور فورس جو حصو آهن، پر کين مردن جي ڀيٽ ۾ گھٽ اجرت ڏني ويندي آهي.

اھڙي قسم جون ڳالهيون ماھرن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ”عورتن جو بااختيار بڻجڻ ۽ صنفي برابري“ جي موضوع تي اربع ڏينھن ٿيل سيمينار ۾ ڪيون. سيمينار جي ميزباني اسٽوڊنٽس–ٽيچرز انگيجمينٽ پروگرام ڪئي، جنھن لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد ۽ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سهڪار ڪيو ھو.

وائيس چانسلر پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر الطاف علي سِيال پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ رڳو سماجي ذميواري نه پر ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتون آباديءَ جي اڌ کان وڌيڪ آهن، پر سندن سراسري آمدني مردن جي ڀيٽ ۾ اڌ کان به گھٽ آهي، جيستائين هي فرق ختم نه ٿيندو، ترقيءَ جو تصور ناممڪن رهندو.

ڊائريڪٽر يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته عورتن جا هٿ زراعت جي پيداوار ۾ ڪرنگھي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، پر کين زمين جي ملڪيت، قرضن، تربيت ۽ مارڪيٽ تائين رسائي ۾ سخت مشڪلاتون آهن. هن چيو ته عورتن کي صرف مددگار نه، پر مڪمل هاريءَ طور تسليم ڪرڻ ئي ڳوٺاڻي ترقيءَ جو بنياد آهي. ھن ٻڌايو ته سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ عورتن جي خواندگيءَ جي شرح 30 سيڪڙو کان به گھٽ آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ عورتن جي ليبر فورس ۾ شرڪت صرف 24.26 سيڪڙو آهي۔ هن ٻڌايو ته عالمي صنفي برابري انڊيڪس 2024 ۾ پاڪستان 148 ملڪن مان 142هين نمبر تي آهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالھ آھي.

 ڊاڪٽر غلام مجتبيٰ خشڪ چيو ته سماج هڪ جسم جيان آهي، جنهن جو ڪو حصو ڪمزور ٿئي ته سڄو جسم متاثر ٿيندو آهي، تنهنڪري عورتن لاءِ اعليٰ تعليم ۽ تربيت جا برابر موقعا پيدا ڪرڻ ضروري آهن.

آخر ۾ بشريٰ گل پٺاڻ، قرت العين، فرح ناز گلال، ثمرين ميمڻ، مريم راجپر، عليشبا ۽ رخسار پنهنجي تقريرن ۽ شاعريءَ ذريعي عورتن جي حقن ۽ صنفي برابريءَ جو پيغام ڏنو۔ (پريس رليز)

_____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button