واشنگٽن ڊي سي کان الاسڪا تائين: هڪ پاڪستانيءَ جو سفرنامو
علم دوست ڪاموري راجيش ڪمار، جيڪو اسسٽنٽ ڪمشنر طور لَکي ضلعي شڪارپور ۾ مقرر آهي، انگريزي ٻوليءَ ۾ آمريڪا ياترا ۽ خاص ڪري واشنگٽن ڊي سي ۽ الاسڪا ۾ گذاريل وقت کي قلمبند ڪري انگريزي جي بھترين سفر نامن جي فھرست ۾ اضافو ڪيو آھي.

آمريڪا جي اصل ڌرتيءَ ڌڻين توڙي سنڌين سان ڪيل ڪچھريون جا داستان بہ ھن سفرنامي ۾ شامل آھن.
رياض شاھد دايو
سفر نامي ۾ ھر ليکڪ پنھنجي سفري تجربي، مشاھدي ۽ احساسن جي باريڪ بينيءَ کي بيان ڪندو آھي. آمريڪا ياترا بابت ڪيترائي سفر ناما، مختلف ٻولين ۾، ڪيترن ئي ليکڪن لکيا آھن. جن ۾ ميڪسم گورڪيءَ جو ڪھاڻي جي انداز ۾ لکيل سفرنامو توڙي ٻيا شامل آھن. اھڙي طرح اردوءَ ۾ مستنصر حسين تارڙ، ابن انشا، رضا علي عابدي، قدرت اللہ شھاب ۽ سنڌيءَ ۾ الطاف شيخ ۽ ٻين ليکڪن پنهنجي تاريخي، ثقافتي ۽ ميل ملاقاتن سان ٽمٽار سفرناما لکيا آھن، جيڪي سڀ اسان کي آمريڪا ۽ ان جي شھرن بابت گهڻ رخي ڄاڻ فراهم ڪن ٿا.
اسان جي علم دوست ڪاموري راجيش ڪمار، جيڪو منهنجي هن تحرير وقت اسسٽنٽ ڪمشنر طور لکي ضلعي شڪارپور ۾ تعنيات آهي ۽ سنڌ جي متحرڪ ترين شاخ سنڌي ادبي سنگت گهوٽڪيءَ جو سينئر ميمبر آهي، بہ انگريزي ٻوليءَ ۾ آمريڪا ياترا ۽ خاص ڪري واشنگٽن ڊي سي ۽ الاسڪا ۾ گذاريل وقت کي قلمبند ڪري انگريزي جي بھترين سفر نامن جي فھرست ۾ اضافو ڪيو آھي. ھن پنھنجي سفر جي يادن کي صرف تصويري ۽ تفريحي البم ۾ قيد نہ ڪيو آھي پر پنھنجي تحرير کي جامع انداز سان لکي، پڙھندڙن آڏو آمريڪا جي دلچسپ معلومات کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آھي. ھن اتي رھڻ، گھمڻ ۽ سکڻ دوران جيڪو محسوس ڪيو ۽ مشاهداتي اک سان ڏٺو ان کي خوبصورت نثراڻي صورت ۾ بيان ڪيو آھي.
ھُو فطرت جي منظرن کان اڳي ئي گھڻو متاثر آھي، ڇو تہ انگريزي ادب ۽ لٽريچر جو گھڻ پاڙهو ۽ انگريزي ٻولي جو پروفيسر بہ ٿي رھيو آھي. تنھن ڪري سندس سفرنامي ۾ فطرتي حسن ۽ دلڪش منظرن کان وٺي ادب، فن، فڪر، فلم، فنونِ لطيفہ جو ذڪر، سندس ٻولي ۽ اسلوب ۾ نکري نروار ٿئي ٿو.
ھي سفر نامو Community Solution Program جي چئن مھينن جي سکيا دوران لکيو ويو آھي. کيس ان پروگرام کي ميچوئر ڪرڻ ۾ لڳ ڀڳ ھڪ سال لڳو.

ڪراچي ايئرپورٽ کان دبئي ايئرپورٽ پھچڻ تائين ليکڪ کي ڪيترا ئي خيال اچن ٿا. وڏي ڀاءُ جي اوچتي وڇوڙي جو ڏک ۽ گھر ڀاتين کان ڏور ٿيڻ جي احساس واري ڪيفيت تہ واشنگٽن جي ھوائي سفر ۾ ڀر ۾ ويٺل ھڪ عورت بہ محسوس ڪئي،ساڻس ھمدردي جو اظهار بہ ڪيو،جو پنھنجن کان پري ٿيڻ تي ھر حساس ماڻھوءَ جو فطري رد عمل ايئن ئي ھوندو آھي.
سفر نامي ۾ واشنگٽن ڊي سي پھچڻ ۽ اتي گرانڊ حيات ھوٽل ۾ رھائش، وري ڪووڊ ٽيسٽ جي مرحلي مان ڪليئر ٿيڻ، جو پڻ تفصيل سان ذڪر ٿيل آھي. انھيءَ ٽريننگ گروپ ۾ يورپ، ايشيا؛ آفريڪا ۽ سائوٿ آمريڪا جا ھڪ سئو نوجوان، جيڪي ستر ملڪن مان چونڊجي آيل ھئا، ۽ پنھنجي اڳواڻيءَ واري مهارت وڌائڻ لاء پھتا ھئا.
ھي پروگرام 25 کان 38 سالن جي عمر وارن نوجوانن لاء ڊزائن ٿيل ھو. جنھن جو مقصد ھو “پنهنجين قائدانہ صلاحيتن کي ترقي ڏيڻ ۽ سڄي دنيا ۾ پائيدار ۽ مثبت تبديلي کي هٿي ڏيڻ.” ڪورس جي ڪاميابيء کان پوء پنھنجي ملڪ ۾ پھچي ڇھن مھينن لاءِ پلان تحت پنھنجي ڪميونٽيز ۾ ڪم رٿيل ھو.جيڪو سال جو پروسيس ٿئي ٿو. پنج ڏينھن واشنگٽن ڊي سيءَ ۾ رھڻ دوران تعارف کان سواء بہ ڪيتريون ئي سرگرميون ڪيائين ۽ ڪيترن ئي ليڊرشپ سيشنز جو حصو بڻيو. ان کان پوءِ کين ملڪ جي 42 شھرن ۾ موڪلي ليڊرشپ لاء تيار ڪيو ويو. ليکڪ واشنگٽن ڊي سي لاء ھڪ سڄو سارو باب لکي اسان کي اتان جي تاريخ، ڪلچر،رهڻي ڪهڻي،ريتن رواجن ۽ وائيٽ ھائوس وغيرہ جي باري ۾ تفصيلي طور ٻڌايو آھي.
پنجن ڏينھن جي Orientation ceremony کان پوء ليکڪ کي عملي سکيا لاء Ketchikan City موڪليو ويو جيڪو Washington DC کان ڪيترن ئي ڪلاڪن جي هوائي فاصلي تي آھي.
ڪيچيڪان (Ketchikan) سٽي آمريڪا جي ڏکڻ – اوڀر ساحل واري حصي ۽ الاسڪا جي ساحل تي آھي، جتي اصلي آمريڪن (Native American)بہ رھن ٿا. اتي ڪيترن ئي ملڪن جا آبادڪار (immigrants)بہ آباد ٿيل آھن. الاسڪا جي ويجھو Misty Fiords National Monument بہ آھي, جيڪو برفاني گليشيئرن جو جهنگلي علائقو ۽ انيڪ جهنگلي جيوت جو گهر ( Glacier-Carved wilderness & home of rich wild life ) جي ڪري مشھور آھي.
اھڙي ماحول ۾ اسان جو دوست راجيش ڪمار پھچي ٿو، جتي جي رھائش ۽ ماحول کان شروعات ۾ مانوس نٿو ٿئي. پر آھستي آھستي اتان جي ماحول ۽ ڪلچر ۾ سمائجڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ڪامياب ٿئي ٿو. اھي ئي زندگيءَ جون للڪارون ھونديون آھن جن سان نه صرف سمجھوتو ڪرڻو پئي ٿو پر انھن جي ماحول جو حصو بڻجي ۽ انھيء ڪلچر ۽ نفسيات کي اپنائڻو پئي پئي ٿو. ھتي ننڍڙو ڳوٺ نما شھري ماحول آھي جنھن جي سڄي آبادي تيرھن سو ماڻھن تي مشتمل آھي. اتي کيس رھائش جي حوالي سان ڪافي شيئرنگ گھر مٽائڻا پيا. اسان ماڻھو ھوئن بہ رڌ پچاءُ گھر ۾ ڪرڻ ۽ سکڻ کي عيب ٿا سمجھون. جڏھن ٻاھرين دنيا ۾ وڃون تہ ان جي ذائقي جون شيون ھوٽلن تي نٿيون ملن ۽ جيڪڏھن ملن بہ ٿيون تہ برداشت ڪرڻ جھڙيون نہ ھونديون آھن. انھيء سڄي عمل مان گذرڻ وقت رڌ پچاءُ سکڻ ۽ ڪرڻ وارو عمل اسان سان شيئر ڪيو اٿائين، جيڪو اسان کي گھڻو ڪجھ سيکاري ٿو.
شروع واري ڏينھن ۾ ھڪ ڊنر جو ذڪر ڪري ٿو جنھن کي ڪميونٽي ارينج ڪيو ھو. جنھن ۾ ٻين سان گڏ اتان جي اڳوڻي گورنر ۽ ھڪ سنڌيءَ سان تعارف ٿئيس ٿو. جنھن کان پوء ھڪ سڄو چيپٽر سنڌ مان لڏپلان ڪري آيلن تي مشتمل آھي. انھن سنڌين سان ڪچھريون، کائڻ پيئڻ، انھن جي ڌنڌي ڌاڙي ۽ ٻين ڳالھين تي بحث مباحثو وڏي پيماني تي ڪيو آهي.
اسان وٽ الطاف شيخ ھڪ وڏو سيلاني آھي جنھن ٻاھرين دنيا ۾ سنڌين کي ڳولھي ڪچھريون ڪيون. اھڙي طرح راجيش صاحب بہ آمريڪا جي جنھن بہ شھر ۾ ويو اتان جي سنڌين کي ڳولھي لڌو جنھن جو تفصيلي ذڪر بہ ڪيو اٿائين.
پنھنجي ڪميونٽي ٽريننگ دوران ۽ خاص ڪري Ketchikan ميرين ٽوئر Misty fiords monument جي حوالي سان نيچرل واٽر ويز ۽ تاريخي، تھذيبي، سائنسي ڳالھين جو پنھنجي سفر نامي ۾ ذڪر ڪيو اٿائين. ان کان پوء آمريڪا جي آلاسڪا رياست جي حوالي سان ۽ لوڪل گورنمنٽ سسٽم لاء لکي ٿو تہ اھو ماڊل يا مثالي گورنگ سسٽم آھي ۽ اتان جي تعليمي سرشتي جي حوالي سان ڪافي تعليمي ادارن جي ڪيل وزٽ تي ٻڌل پنھنجا تجربا ۽مشاهدا شيئر ڪيا آهن . پبلڪ لائبريرين لاءِ لکي ٿو تہ انهن جو لوڪل اسڪولن سان بھترين ڳانڊاپي وارو سسٽم آھي. پوليس سسٽم ۽ پبلڪ ھيلٿ سينٽر جا تجربا بہ شيئر ڪيا اٿائين.
ڪلچر ۽ ٻين شين جو جيڪو ذڪر ڪيو اٿائين، جيڪو اسان جي روايتن ۽ عادتن کان گھڻو مختلف آھي. هن Native American جي ڪميونٽيءَ سان جيڪي ڪچھريون ڪيون انھن ۾ Saxman community جو تعداد چار سئو جي لڳ ڀڳ آھي. پر انھن جي ٻولي، ثقافت ۽ ميل ميلاپ جو طريقو صدين جي روايتن تي مشتمل ۽ منفرد آھي. مطلب تہ ھتان جي ڪلچر جي Diversity ماڻھو جو مزاج، ڪميونٽيءَ سان ڪيئن ويجھو ٿجي، انھن ۾ ڪيئن ڪم ڪجي، ڊاڪٽر ڀڳت ۽ ٻين سنڌين سان ڪچھريون، اتان جي مقامي ريڊيو تي انٽرويو ڏيڻ جو تفصيلي ذڪر ڪيو اٿائين. راجيش ڪيچيڪان ۾ رھي،ماڻهن، موسم ۽ ڪلچر جو جھڙي نموني تعارف ڪرايو آهي، اھڙو دل کي ڇھندڙ ذڪر مون اڳ نہ پڙهيو آهي. دل ڪري ٿي تہ اھڙي موسم ۽ ماحول جيللڪارن کي منهن ڏيندڙ ماڻهن سان ھڪ دفعو مکا ميل ٿي اچجي.
جڏھن آڪٽوبر ۽ نومبر مھينو اچي ٿو تہ غيرمعمولي ٿڌ سبب Ketchikan دنيا کان ڪٽيل جزيرو ٿي پئي ٿو، تنھن ڪري گھڻا ماڻھو اتان نڪري ٻين شھرن جو رخ ڪن ٿا. اھڙو تجربو مون کي پڻ ٻہ ڀيرا مھينو ،مھينو ھڪ ٽريننگ دوران چائنا جي شھر ھربن ۾ ٿيو. جتي سڄو علائقو برف جي وادي ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻھو ملڪ جي ٻين حصن ۾ وڃي رھن ٿا. اھڙي طرح اتان جي ماحول جو فائدو وٺندي ليکڪ بہ آمريڪا جا ڪافي شھر گھميا جن ۾ پورٽلينڊ، سيئٽل، نيو جرسي، لاس ويگاس، لاس اينجلس، سان فرانسسڪو، بوسٽن، ريلي، نارٿ ڪيرولائنا وغيرہ اچي وڃن ٿا. دل چاھي ٿي تہ انھن شھرن جو تفصيل سان ذڪر ڪجي پر پاڻ اھو پڙھندڙن تي ڇڏيون ٿا تہ اھي پاڻ پڙھي مزو وٺن.
سچ تہ راجيش ڪمار ھي سفر نامو لکي اسان کي آگاھي ڏني آھي تہ آمريڪا جا سماجي ادارا، انھن جي ڪارڪردگي،نظم ۽ ضبط ۽ جوڙ جڪ ڪيئن آهي. ھر سيڪٽر تي روشني وڌي اٿائين جنهن مان انھن جي ترقيءَ جو راز معلوم ٿئي ٿو. اھڙين ٽريننگز جي خواھش مند نوجوانن لاءِ ھن ڪتاب ۾ گھڻو ڪارائتو مواد ڏنل آهي. اميد تہ ھي ڪتاب پڙھي ھو بہ اھڙي ماحول لاء پاڻ کي تيار ڪندا، جيئن ڪميونٽيءَ لاءِ جٽادار ترقيءَ ۾ سندن اھم ڪردار بہ ڪارآمد ٿي سگھي.
حساس ماڻھو جڏھن ڪٿي وڃي ٿو تہ اتان جي ماحول ۾ رھڻ کان پوء جڏھن واپس ٿئي ٿو تہ ان جي ڪھڙي ڪيفيت ۽ سوچون ھونديون آھن، اھو ليکڪ جي لفظن ۾ توھان سان شيئر ڪجي ٿو.
“هن سفر جو سڀ کان دلچسپ پهلو اهو آهي ته وطن واپسي بلڪل ان وقت ٿئي جڏهن توهان اتي جي زندگي ۽ ثقافت سان مڪمل طور هم آهنگ ٿي چڪا هجو. هر شيءِ بهترين لڳڻ لڳي، ڪم واري جاءِ تي توهان مزو وٺڻ شروع ڪيو ھجي، ماڻهو توهان سان گهر جي ڀاتين وانگر ورتاءُ ڪرڻ لڳا ھجن،اوهان سان رلي ملي ويا هج ۽ ان صورتحال ۾ اوهان کي واپس وڃڻو پئي. جيتوڻيڪ مان واپس پنهنجي وطن وڃڻ لاءِ بيحد بيتاب هئس، پر مون کي انهن ماڻهن لاءِ خوشي گاڏڙ ڏک به ٿي رهيو هو، خاص طرح سان ڊينس، ليزا ۽ ايلِي لاءِ، جيڪي منهنجي وطن واپسي تي اداسي محسوس ڪري رهيا هئا.”“
________________

رياض شاھد دايو انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو صدر آهي ۽ ڪراچي ۾ رھي ٿو



