سنڌي ادب: مظلوميت جو نقاب (مختصر ڪھاڻي)
هر اک مان وهندڙ رت يا ڳوڙهو بي گناهيءَ جو دليل ناهي هوندو. هيءَ ڪهاڻي هڪ اهڙي حقيقي واقعي جي چوڌاري گھمي ٿي، جتي انساني همدردي، جلدي بازي ۽ اڻچڪاسيل واقعا انسان کي هڪ سخت آزمائش ۾ وجهي ڇڏين ٿا. هڪ شخص جو زخمي مُنھن ۽ سندس مظلوميت جو داستان جڏهن قبرستان جي مٽيءَ ۾ دٻيل تلخ سچ سان ٽڪرائجي ٿو، ته نه صرف ڪهاڻيءَ جو رخ بدلجي وڃي ٿو پر پڙهندڙ کي به پنهنجي اندر جهاتي پائڻ تي مجبور ڪري ٿو.

ليکڪ: نسيم بخاري
صبح سوير منهنجي گھر جو درکڙڪيو.
در کوليم ته سامهون عمران بيٺو هو. مان کيس سالن کان سڃاڻندو هئس، پر اڄ سندس مُھانڊو ڄڻ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو ٿي لڳو. اک جي ڪُنڊ مان رت وهي رهيو هئس، مُنھن تي تشدد جا تازا نشان ۽ ڪپڙن تي مٽي ڄميل هئس.
مان کن پل کيس ڏسندو رهيس.
”تو کي ڇا ٿيو آھي؟“ مون بي اختيار پڇيو.
هن ساهه سنڀاليندي چيو: ”قبرستان دعا لاءِ ويو هئس. واپسيءَ تي هٿياربندن مون کي روڪي ورتو. موبائل، سُڃاڻپ ڪارڊ، اي ٽي ايم ڪارڊ، جيڪو ڪجهه مون وٽ هو، سڀ کسي ورتائون. مون مزاحمت ڪئي ته مون کي ماريائون به.“
مون کيس اندر ويهاريو، پاڻي پياريو ۽ پڇيو:
”پوءِ مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟“
هو مون ڏانھن ڏسڻ لڳو.
”توهان کان صلاح وٺڻ لاءِ ئي ته آيو آهيان.“
”جتي چئو، مان توسان هلان ؟“
مون کيس آٿت ڏني.
”ٿاڻي تي هلون ٿا.“
عمران اڃا جواب ڏيڻ وارو ئي هو ته اسان جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڪيبن ۾ ٻارن جون شيون وڪڻندڙ ڪريم ڳالهايو:
”ٿاڻي ڇو ٿا وڃو سائين؟ جتي واردات ٿي آهي، اتي جي بااثر ماڻهن سان ملو. مسئلو حل ٿي ويندو. پوليس ڇا ڪندي؟“
مون عمران ڏانهن ڏٺو. ”ڇا ٿو چوين؟“
”ٺيڪ آهي سائين، مون کي ته پنهنجو سامان واپس گهرجي.“ عمران چيو.
مون ڪريم کي چيو: ”يار، منهنجي ته انهن ماڻهن سان ڪا سڃاڻپ به ناهي. نه سندن گهر ڏٺو آهي، نه رستي جي خبر آهي.“
ڪريم منهنجي ڳالهه پُوري ٿيڻ کان اڳ ئي چيو: ”مان هلان ٿو نه سائين.“
”ٺيڪ آهي، هل.“
اسان ٻن موٽر سائيڪلن تي روانا ٿياسين.
ٿوري ئي دير ۾ قبرستان جي حدن ۾ داخل ٿياسين. پر قبرستان ۾ قدم رکندي ئي هڪ عجيب منظر ڏسڻ ۾ آيو. هي رڳو قبرن جو شهر نه هو، پر هتي هڪ پوري آبادي آباد هئي. هنڌ هنڌ پڪا گهر، ڪٿي ننڍا دڪان، ڪٿي گهاٽا وڻ ۽ ڪٿي ماڻهو پنهنجي روزمرهه جي ڪمن ۾ مصروف هئا.
مون کي محسوس ٿيو ڄڻ قبرن جي وچ ۾ هڪ ٻي دنيا آباد ٿي چڪي هجي.
ڪجهه دير کان پوءِ اسان هڪ وڏي مسجد ڀرسان پهتاسين. وڻن جي گهاٽي ڇانو هيٺ ڪجهه ماڻهو کَٽُن تي ويٺا هئا. اسان کي ڏسندي ئي اهي اٿي بيٺا. اسان جو آڌرڀاءُ ڪيائون ۽ عزت سان ويهاريائون. مون پنهنجو تعارف ڪرائڻ چاهيو ته هڪ بزرگ هٿ جي اشاري سان مون کي روڪي ڇڏيو.
”سائين، توهان کي ڪير نٿو سڃاڻي؟ اسان توهان کي چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا. حڪم ڪريو، ڪهڙي خدمت ڪريون؟“
مون عمران جو قصو ٻڌايو.
بزرگ عمران ڏانهن ڏٺو.
”حقيقت ڇا آهي؟ واقعو ڪيئن پيش آيو؟ تفصيل سان ٻڌاءِ.“
عمران وري ساڳي ڪهاڻي ٻڌائي: ”پنهنجن وڏڙن جي قبرن تي دعا گهرڻ ويو هئس. واپس اچي رهيو هئس ته انهن ماڻهن مون کي روڪي ورتو. چيائون ته تون هتي ڇو آيو آهين؟ اسان جي دشمني آهي. پوءِ موبائل ۽ ٻيو سامان کسي ورتائون. مھاڏو اٽڪايو ته تشدد ڪيائون.“
بزرگ خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو. پوءِ اوچتو چيائين: ”دشمني انهن جي نه، اسان جي آهي. هي ڪهڙا ماڻهو آيا آهن، جيڪي اسان جي علائقي ۾ اچي اسان کي بدنام ڪري رهيا آهن؟ جيڪڏهن دشمنيءَ جو معاملو هو ته ڦرلٽ ڇو ڪئي؟ تشدد ڇو ڪيو؟“
بزرگ جي ڳالهه تي مون ڪنڌ لوڏيو.
بزرگ عمران کان پڇيو: ”تون انهن کي سڃاڻي سگهندين؟“
”ها.“ عمران ھڪدم جواب ڏنو.
”انهن جا منهن کليل هئا. مان کين چڱيءَ طرح سڃاڻي سگهان ٿو.“
بزرگ چيو: ”شام جو هتي اچ. مان سڀني ماڻهن کي گڏ ڪندس. حقيقت پڌري ويندي.“
سندس آواز ۾ اوچتو جذبات جي شدت اچي وئي: ”هيءُ رڳو تو سان واقعو ناهي ٿيو. هيءُ مون سان ٿيو آهي. اھو اسان جي عزت تي حملو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي وڏڙن جي قبرن تي دعا گهرڻ اچي ۽ ساڻس اهڙو ورتاءُ ٿئي ته اهو اسان سڀني سان خراب سلوڪ آهي. هي اسان لاءِ هڪ پيغام آهي ته ڪو اسان کي ڪيئن ذليل ۽ خوار ڪرڻ چاهي ٿو.“
اسان شام جو واپس اچڻ جو واعدو ڪري اٿياسين.
رستي ۾ ڪريم عمران کان پڇيو: ”واردات ڪٿي ٿي هئي؟“
عمران سامهون اشارو ڪيو. ڪريم ان طرف وڌي ويو. اسان به سندس پٺيان هلڻ لڳاسين. ٿورو اڳتي هڪ پوڙهو ماڻهو بيٺو هو. هن ڪريم کي ڏٺو ۽ پڇيو: ”اوڏانھن ڇو ويا هئا؟“
ڪريم کيس سڄو واقعو ٻڌايو. عمران پوڙهي ماڻهوءَ کي غور سان ڏٺو.
اوچتو سندس آواز بلند ٿيو: ”هن ئي ته مون کان موبائل کسيو هو! تشدد به هن ئي ڪيو هو.“
پوڙهي ماڻهوءَ ڪريم ڏانهن ڏٺو.
”توهان ئي ٻڌايو، هن کي ڇڏي ڏيو.“ ڪريم عاجزيءَ سان چيو.
” ٻڌايان ته هن سان اهو واقعو ڇو پيش آيو؟“
جيڪو جواب مليو، تنهن اسان جي سڄي ڪهاڻيءَ جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو.
پوڙهي ماڻهوءَ چيو: ”هي صبح سوير قبرستان ۾ هڪ ننڍڙي ٻار سان جنسي زيادتي ڪري رهيو هو. اسان کيس سڳ سوڌو پڪڙيو. هي پنهنجي جان بچائي اسان کان ڀڄي ويو.“
گھڙي کن لاءِ ڄڻ وقت بيهي رهيو.
عمران جو مُنھن رنگ ئي ڇڏي ويو.
ٿوري دير اڳ تائين مان جنهن شخص کي مظلوم سمجهي هتي وٺي آيو هئس، اوچتو اهو ئي شخص هڪ اهڙي سنگين الزام ھيٺ هو، جنهن جي شدت منهنجي پيرن هيٺان ڌرتي ڪڍي ڇڏي ھئي .
ويجهو بيٺل هڪ ماڻهوءَ چيو: ”هلو، وڏي وٽ هلو. اهو فيصلو ڪندو.“
اسان ٻيهر ان ئي بزرگ وٽ پهتاسين. بزرگ مون ڏانھن ڏٺو.
”سائين، توهان ڪهڙي ماڻهوءَ جي سفارش کڻي آيا هئا؟“
مان ماٺ رهيس.
هن چيو: ”هاڻي توهان ئي فيصلو ڪريو ته هن سان ڇا ڪيو وڃي؟“
مون ڊگهو ساهه کنيو.
”هن مون کي جيڪا ڪهاڻي ٻڌائي، مون به اها ئي توهان کي ٻڌائي. مون کي ڪهڙي خبر هئي ته حقيقت ڪجهه ٻي هوندي؟ هي مون وٽ مدد لاءِ آيو هو. مان ته هونئن به ماڻهن جي ڪم اچڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. انساني همدرديءَ جي ناطي هن سان گڏ هليو آيس. مان توهان کي ڪهڙو فيصلو ٻڌايان؟ هن وقت لڳي ٿو ڄڻ مان پاڻ توهان وٽ يرغمال بڻجي ويو آهيان.“
بزرگ پڇيو: ”توهان کي هن جي گهر جي خبر آهي؟“
مون انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
سندس لهجي ۾ سوال تمام گهرو هو: ”ته پوءِ توهان اهڙي ماڻهوءَ جا سفارشي بڻجي ڪيئن آيا آهيو، جنهن جي گهر جو پتو توهان کي معلوم ناهي؟“
مون نظرون جهڪائي ڇڏيون.
”ڇا ڪريان سائين؟ پنهنجي عادت کان مجبور آهيان. ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ڪڏھن ڪڏھن سندن تعارف، نسبت ۽ پسمنظر معلوم ئي نٿو ڪريان.“
بزرگ عمران ڏانهن ڏٺو. ”هن هڪ ٻار سان زيادتي ڪئي آهي نه؟ هاڻي هن سان سڄو ڳوٺ زيادتي ڪندو. هن کي به خبر پوڻ گهرجي ته قبرستان ۾ اهڙو گندو ڪم ڪرڻ جو انجام ڇا ٿيندو آھي.“
عمران رڙ ڪئي: “مون تي الزام ٿا ھڻن .“
”ماٺ ڪر، بي غيرت.“
بزرگ جي دڙڪي تي هو ھيسجي ويو.
”تو وٽ گھڻا پئسا هئا؟“
عمران چيو: ”ٽي هزار.“
بزرگ ٽوڪ ڪندي چيس: ”تنهنجي شڪل ٽن هزارن جھڙي لڳي ٿي ؟“
ان وچ ۾ پوڙھو ماڻهو اڳتي وڌيو. ”ڪوڙ ٿو ڳالهائي سائين! هن وٽ پنج سئو رپيا هئا. ۽ جنهن ٻار سان زيادتي ڪندي پڪڙجڻ مھل ڀڳو ته سندس چپل به رھجي ويو جيڪو هتي پيل آهي ۽ ثبوت طورموجود آھي .“
”جنھن قبر تي دعا جي ڳالھ ڪري ٿو ان تي نه گل نه وري پاڻي جو ڪو ڇنڊو.“
ٻئي ماڻهوءَ به تصديق ڪئي: ”ها سائين، هي صحيح ٿو چوي. هن ڇوري جو سامان مون وٽ رکيو هو.“
پوڙهي ماڻهوءَ پنھنجي صفائيءَ ۾ چيو: ”سائين، مان هتي قبرن جي سار سنڀال ڪندو آهيان. توهان جي علائقي ۾ رهي ڏينهن ڏٺي جو ڦر ڇو ڪندس؟ مون کي هتي رهڻو ناهي ڇا؟ جيڪڏهن ڏوھ ڪريان ها ته ڀڄي نه وڃان ها؟“
پر بزرگ جي ڪاوڙ اڃان گھٽ نہ ٿي هئي. ”هن لوسي ڇوري کي مان اهڙو سبق سيکاريندس، جيڪو سندس نسل ياد ڪندا. زمانو ڏسندو ته اهڙا گندا ڪم ڪندڙن سان ڪهڙو ورتاءُ ٿيندو آهي. بس، اھو مون تي ڇڏي ڏيو. توهان بي فڪر ٿي هليا وڃو.“
مان خاموش ويٺو رهيس.
جنهن شخص جو سفارشي ٿي مان هتي آيو هئس، تنهن جون پنهنجون ڳالهيون بدلجي چڪيون هيون ۽ سندس واردات جي حقيقت منهنجي سامهون پڌري ٿي چڪي هئي.
منهنجي دل ۾ رڳو هڪ ئي خيال گردش ڪري رهيو هو: مان هن کي ڪهڙي مصيبت ۾ وٺي آيو آهيان؟
جيڪڏهن مان نه اچان ها ته شايد هن وقت تائين ماڻهو کيس گهيري چڪا هجن ها. خبر ناهي پوءِ ساڻس ڇا ٿئي ها.
منهنجي ذهن ۾ هڪ ٻيو خيال به آيو.
جيڪڏهن واقعي هُن قبرستان ۾ هڪ ٻار سان اهڙو گندو فعل ڪيو هو ۽ اهو ٻار اُتي ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي وڃي ها ته اهو رڳو هڪ ڏوھ نه رهي ها؛ اها اهڙي خبر بڻجي وڃي ها، جيڪا سوشل ميڊيا، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي سڄي علائقي کي بدنام ڪري ڇڏي ها.
ماڻهو چون ها: ”ڏسو، ته قبرستان ۾ به اهڙا واقعا ٿين ٿا!“
۽ جن ماڻهن پنهنجي وستي، پنهنجي قبرستان ۽ پنهنجي عزت کي سالن کان سنڀالي رکيو هو، انهن لاءِ اهو داغ شايد ڪڏهن به نه ڌوپجي ها.
پر ان وقت منهنجي سامهون هڪ ٻيو سوال هو. ”ڇا مون کي هڪ اهڙي شخص کي، جنهن بابت حقيقت اڃا تائين منهنجي سامهون مڪمل طور واضح نه هئي، ان کي هجوم جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏيڻ گهرجي؟“
مون بزرگ ڏانهن ڏٺو.
”سائين، مان اڻڄاڻائيءَ ۾ ئي سهي، غلط ماڻهوءَ سان توهان وٽ آيو آهيان. منهنجي نيت ۽ ڪردار توهان ڄاڻو ٿا. جيڪڏهن ممڪن هجي ته هن کي معاف ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن ڪا ڪارروائي ضروري هجي ته اها قانون موجب هجي. مان به هن کي پنهنجي طريقي سان سمجهائيندس. شايد خدا کيس هدايت ڏئي.“
بزرگ ڪجهه دير خاموش رهيو. پوءِ چيائين: ”توهان پهريون ڀيرو اسان وٽ آيا آهيو. توهان جي هر ڳالهه اسان کي منظور آهي.“
سندن لهجو بدلجي چڪو هو.
هنن عمران جو موبائل فون ۽ ڪارڊ واپس ڪرائي ڇڏيا.
اسان اتان اٿي پنهنجي علائقي ڏانهن واپس آياسين. عمران خاموشيءَ سان پنهنجي گهر هليو ويو.
ڪريم مون سان گڏ هو. اوچتو هُو کلڻ لڳو.
”سائين، هي ته ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو. هن مون کي ٻڌايو هو ته هن کان چار هزار رپيا کسجي ويا هئا.“
مون هن ڏانهن ڏٺو ۽ رڳو ايترو چيو:
”خدا جو شڪر ادا ڪر ته شام ٿيڻ کان اڳ معاملو ختم ٿي ويو.“
ڪريم خاموش ٿي ويو.
مون چيو: ”تو ڏٺو هو نه؟ جڏهن اسان پهريون ڀيرو اتي وياسين ته ڪجهه ماڻهو کٽن تي ويٺا هئا. پوءِ جڏهن عمران جي حرڪت جو ذڪر ٿيو ته ڪيترا ماڻهو گڏ ٿي ويا. سڀ مٿس کلندا به رهيا هئا ۽ سڀني جون نظرون ان انتظار ۾ هيون ته کيس ڪڏهن ٿو سندن حوالي ڪيو وڃي. خبر ناهي شام جو هن سان ڇا ٿئي ها.“
ڪريم ڪنڌ لوڏيو.
مون ڳالهه جاري رکي: ”۽ جيڪڏهن شام جو ڪجهه اهڙو ٿي وڃي ها ته اسان به محفوظ نه رهون ها. سڄي علائقي ۾ اسان جي پڻ بدنامي ٿئي ها ته اسان ڪهڙي ماڻهوءَ جا وڪيل بڻجي ويا هئاسين.“
اسان ٻئي خاموش هلندا رهياسين. واقعو منهنجي ذهن ۾ ڦرندو رهيو هو.
عمران جو زخمي مُنھن. اک مان وهندڙ رت. سندس فرياد. منهنجو يقين. ڪريم جو مشورو.
قبرستان جي وستي. کٽن تي ويٺل بزرگ. پوءِ اوچتو سامهون آيل الزام. ۽ اها چپل، جنهن سڄي ڪهاڻيءَ جو رخ بدلائي ڇڏيو هو.
مان سوچيندو رهيس ته انسان ڪيترو جلدي ڪنهن کي مظلوم سمجهي وٺندو آهي ۽ ڪيترو جلدي ڪنهن کي مجرم به قرار ڏئي ڇڏيندو آهي.
حقيقت ڇا هئي؟ ان جو علم ته خدا کي ئي ھوندو آهي. پر هڪ ڳالهه ضرور سمجهه ۾ آئي: هر اک مان وهندڙ ڳوڙهو پوري حقيقت نٿو ٻڌائي، ۽ هر زخمي چهرو لازمي طور بي گناهيءَ جو دليل نٿو بڻجي. ڪڏهن ڪڏهن انسان پاڻ لاءِ اهڙي ڪهاڻي ٺاهيندو آهي، جنهن ۾ هو مظلوم هوندو آهي، پر زندگيءَ جو هڪ لمحو اوچتو ان ڪهاڻيءَ جو پردو چيري ڇڏيندو آهي.
ڪريم مون ڏانھن ڏٺو.
”سائين، جيڪڏهن اها حقيقت توهان تي ظاهر نه ٿئي ها ته توهان ڇا ڪريو ها؟“
مون جواب نه ڏنو.
هو پاڻ ئي ڳالهائيندو رهيو: “توهان ته هن جي حق ۾ ڪالم لکي ڇڏيو ها. ميڊيا تي شور مچايو ها ته هڪ بي گناهه ماڻهوءَ کي قبرستان مان واپسيءَ تي لٽي تشدد ڪيو ويو، پوليس ڪٿي آهي، قانون ڪٿي آهي؟“
مون ڊگهو ساهه کنيو.
”ڪريم، انسان جي زندگيءَ ۾ هر لمحو ڪا نه ڪا آزمائش کڻي ايندو آهي. ڪڏهن آزمائش اها هوندي آهي ته اسان ظلم جو شڪار ٿي وڃون، ۽ ڪڏهن آزمائش اها هوندي آهي ته ڪنهن جي تڪليف ڏسي بنا دير سندس ساٿي بڻجي وڃون.“
مان ڪجهه دير ماٺ رهيس. پوءِ چيم: ”هر واقعو اسان کي ڪجهه نه ڪجهه سيکاري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن حقيقت سامهون اچڻ کان اڳ فيصلو ڪري ڇڏڻ به هڪ غلطي هوندي آهي.“
اسان گهر جي ويجهو پهچي چڪا هئاسين.
مون دل ۾ سوچيو: ”شايد قبرستان رڳو مُردن جي آخري آرامگاهه ناهن هوندا. ڪڏهن ڪڏهن اهي جيئرن ماڻهن جا ڪردار به دفن ڪندا آهن، ڪڏهن ڪوڙ، ڪڏهن غرور، ڪڏهن گناهه ۽ ڪڏهن اسان جي پنهنجي جلدي بازي.“
”ڪڏهن هڪ معمولي چپل، هڪ موبائل فون، پنج سئو رپيا ۽ بدلجندڙ بيان انسان کي اهو ٻڌائڻ لاءِ ڪافي هوندا آهن ته سچ تائين پهچڻ کان اڳ فيصلو ٻڌائڻ ڪيترو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.“
ان ڏينهن مان عمران سان گڏ ڏوھاري ڳولھڻ نڪتو هئس. واپس آيس ته پنهنجي اندر هڪ ٻيو سوال کڻي آيس: جنهن شخص لاءِ اسان آواز اٿاريون ٿا، ڇا اسان ڪڏهن اها زحمت به ڪئي آهي ته اهو معلوم ڪريون ته هو واقعي مظلوم به آهي؟
ڪريم ويندي ويندي رڳو هڪ جملو چيو: ”سائين، اصل حقيقت ته خدا ئي ڄاڻي ٿو، پر هر واقعي ۾ اسان لاءِ ڪو نه ڪو سبق ضرور هوندو آهي.“
مون ڪنڌ لوڏيو.
واقعي، شايد ھن ڏينهن جو سڀ کان وڏو سبق اهو ئي هو: انسان کي هر ڏک تي ھڪدم يقين ڪرڻ کان اڳ حقيقت ڳولھڻ گهرجي، ۽ هر الزام تي ھڪدم سزا ڏيڻ کان اڳ انصاف جو دامن پڪڙڻ گهرجي.
ڇو ته سچ ڪڏهن ڪڏهن دروازي تي زخمي حالت ۾ کڙڪو ڪندو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن اهو ئي کڙڪو اسان کي اهڙي حقيقت جي سامهون آڻي بيهاريندو آهي، جنهن جو اسان خواب ۾ به تصور نه ڪيو هوندو آھي .
_____________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



