سنڌي اخبارون ۽ ٽي وي چئنل ٻارڙن جا ادبي صفحا ۽ پروگرام شروع ڪن
ڪراچيءَ جي علائقي ڀٽائي جاويد عباسيءَ جي ٻارڙن لاءِ لکيل ٻن ”ڪتابن لومباس جا بونا“ ۽ ”ناني سڦوران ۽ برياني“ جي مھورتي تقريب ۾ اديبن جي گھُر
ڪلچرل رپورٽر
ڪراچي
علمي ۽ ادبي شخصيتن ھڪ پروگرام ۾ ٺھراءُ پاس ڪندي سنڌي اخبارن ۾ ٻارڙن جا ادبي صفحا بحال ڪرڻ ۽ سنڌي ٽي وي چينلن تان ٻارڙن جا پروگرام شروع ڪرڻ جي گھُر ڪئي آھي.
اھا گھُر علمي ادبي فورم پاران ڪراچيءَ جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ ناليواري اديب جاويد عباسي جي ٻارڙن لاءِ لکيل ٻن ”ڪتابن لومباس جا بونا“ ۽ ”ناني سڦوران ۽ برياني“ جي مھورتي تقريب ۾ ڪئي وئي.
تقريب کي خطاب ڪندي علمي ادبي فورم جي روح روان پروفيسر مشتاق مھر چيو ته شاھ لطيف کان ڇوٽڪاري جون ڳالھيون ڪندڙ ٻڌي ڇڏن ته ھو سنڌي ٻوليء جو محافظ آھي، ھن عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو ھوندي به سنڌيء ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري سنڌي ٻوليءَ جي مالڪي ڪئي. ھن چيو ته جاويد عباسي ٻارڙن جو ادب تخليق ڪري شاندار ڪم ڪيو آھي.
محمد علي پٺاڻ خطاب ڪندي چيو تہ اھو وڏو الميو آھي جو ادبي دنيا ۾ اھڙا ماڻھو موجود آھن، جيڪي لطيف جا انڪاري آھن. ھن چيو تہ جاويد عباسي پنھنجو قلم ٻارڙن لاءِ استعمال ڪري ٻاراڻي ادب کي جيئاريو آھي.
جاويد شيخ تقرير ڪندي چيو ته جاويد عباسي پنھنجي ڪھاڻين ۾ مُحاورن واري ۽ عام فھم ٻولي استعمال ڪئي آھي .
ڪتاب جي ليکڪ جاويد عباسيءَ چيو تہ ھن ڪھاڻيون لکيون ناھن پر لکجي ويون آھن. سندس چوڻ ھو ته ھُن پنھنجي اندر جو ٻار مرڻ ناھي ڏنو.
ھُن آڇ ڪئي تہ سنڌي اخبارون ٻارڙن جا صفحا ڪڍن ته ھُو رضاڪارڻي نموني ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آھي.
صدارتي خطاب ڪندي آءِ او بي ايم يونيورسٽي جي ريڪٽر ڊاڪٽر طارق رحيم سومري چيو ته ھڪ ريسرچ موجب جيڪي ٻار ڪتاب پڙھن ٿا، اھي ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪافي تيز ھوندا آھن.
ھُن چيو تہ جاويد عباسيءَ ٻارڙن کي حقيقتيون ٻڌايون آھن. ھُن استادن کي صلاح ڏني تہ اسڪولن ۾ ٻارڙن کي ڪتاب پڙھي ٻڌائين .
تقريب کي عبدالستار رستماڻي، وحيد محسن، جاويد مھر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏھن ته نامياري اديب فتاح ملڪ جي وفات تي دعا گھري وئي.
__________