سنڌي ادب: مان ۽ سنڌو ندي… (آزاد نظم)
ناليواري شاعرہ حميرا نُور جو آزاد نظم
حميرا نُور جو اصل نالو حميرا شمس شيخ آھي. سوشيالاجيءَ ۾ سندس ماسٽرس ڪيل آھي. پاڻ ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ آھي. سندس چار ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ درد جي خوشبو، زائفان ذات ، تون ۽ مان ، ۽ گنگيون زندگيون، شامل آھن.

مان ۽ سنڌو ندي
مان جڏهن به پنهنجو پاڻ کي
سنڌوءَ جي
شفاف اکين ۾ ڏسان ٿي،
منهنجي وجود جا وسريل
سڀئي باب
لهرن جي موج ۾
وري جيئرا ٿي پون ٿا.
سنڌو ندي رڳو درياھ ناهي،
اها ته ڌرتيءَ جي ڌڙڪن آهي،
وقت جي پيشانيءَ تي
ازل کان لکيل
ھڪ اڻ مٽ سٽ آهي.
مان سندس ڪناري تي بيهي
پنهنجا سوال هوا ۾ اڇلايان ٿي
هوءَ خاموشيءَ سان
وهندي وهندي
مونکي صبر جا ڪيئي فلسفا
سيکاريندي وڃي ٿي.
منهنجي رڳن ۾ وهندڙ رت
شايد سنڌوءَ جي ئي سرگوشي آهي،
منهنجي هر ساھ ۾
هن ڌرتيءَ جي
خوشبوءَ جي روشني آهي.
جيڪڏهن مان لفظ آهيان،
ته
سنڌو منهنجو مطلب آهي.
جيڪڏهن مان آواز آهيان،
ته
سنڌو منهنجو سُر آهي.
وقت جا طوفان ايندا رهندا
پر سنڌوءَ جو
وهڪرو نه جهڪندو
۽ جيستائين
منهنجي سيني ۾
ڌرتيءَ لاءِ ڌڙڪندڙ دل رهندي
تيستائين مان ۽ سنڌو نديءَ
هڪ ئي ڪهاڻيءَ جا
ٻه استعارا،
هڪ ئي محبت جا
ٻه نالا،
۽ هڪ ئي ازلي خواب جا
ٻه امر ساٿي
ٿي رهنداسين.
_________________

حميرا نور



