Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياوڻج واپار

سنڌ سميت ملڪ جي زراعت تباھ، ڪپھ جي پوک پنجاھ سيڪڙو گھٽجي وئي

ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن مان ڪپھ جي پوک تيزيءَ سان ختم ٿي رهي آهي، موسمي تبديلين، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ غيرپائيدار پوکي راھيءَ سبب گذريل پندرھن سالن اندر ووئنڻ جي اُپت 50 سيڪڙو گھٽجي وئي آھي

مالي سال 202425 ۾ پاڪستان ڪڻڪ جي سڀ کان گهٽ پيداوار رپورٽ ڪئي، سنڌ جا سانگهڙ، گھوٽڪي ۽ ٻيا ضلع بدترين متاثر ٿيا آهن.

ٽنڊوڄام، سنڌ

ملڪ جي زرعي ماھرن خبردار ڪيو آھي ته سنڌ سميت ملڪ جي ڪيترن علائقن مان ڪپھ جي پوک تيزيءَ سان ختم ٿي رهي آهي. موسمي تبديلي، پاڻي جي کوٽ، ۽ غير پائيدار زرعي پوکي راھي سبب گذريل پندرهن سالن دوران ووئنڻ جي پيداوار ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

اهي ڳالھيون اڱاري تي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي بزنس انڪيوبِيشن سينٽر ۾ سينٽر آف ايگريڪلچر اينڊ بايو سائنسز انٽرنيشنل (CABI) جي ميزباني هيٺ ڪپھ جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد ٿيل “ڪپھ ميلي 2025” ۾ ماهرن پنهنجي تقريرن دوران چيون.

سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ۾ ڪپھ جي پيداوار لڳاتار گهٽجي رهي آهي، جنهن جا مک سبب موسمي تبديليون، پاڻي جي کوٽ، ڪميشن ايجنٽن جي اجاره⁠داري، غير مناسب اگهه، پيداوار جا وڌندڙ خرچ، ۽ ايڪسپورٽ ڪوالٽيءَ ۾ گهٽتائي شامل آهن.

هن چيو ته ملتان، گھوٽڪي ۽ سانگهڙ جهڙا “ڪاٽن بيلٽ” وارا علائقا هاڻي ڪمند ۽ سارين جي فصلن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، جيڪو انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو رجحان آهي۔ ڊاڪٽر سيال زور ڏنو ته ڪپھ جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ موسمي برداشت رکندڙ جنسون تيار ڪرڻ، جديد تحقيق، ۽ اداري وچ ۾ مھارتي سهڪار کي لازمي آھي.

سي ⁠اي ⁠بي ⁠آءِ جي پروجيڪٽ مينيجر ڊاڪٽر هيبت الله اسد چيو ته گذريل پندرهن سالن ۾ ڪپھ جي مجموعي پيداوار ۾ اڌ کان وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي، جيڪا پاڪستان جي زرعي معيشت لاءِ سٺو سنئوڻ ناھي.

هن ٻڌايو ته صرف ڪپھ جي پوک تي زهريلي ڪيميڪلن ۽ پيسٽيسائيڊس جو 65 سيڪڙو استعمال ٿي رهيو آهي، جيڪو ماحولياتي آلودگي ۽ صحت جي مسئلن ۾ اضافو آڻي رهيو آهي. ھن چيو ته سي ⁠اي⁠ بي ⁠آءِ 30 هزار کان وڌيڪ هارين کي جيتن جي قدرتي طريقن سان روڪٿام وارن محفوظ طريقن جي تربيت ڏئي رهيو آهي ته جيئن ڪيميڪلن جو استعمال گهٽائي سگهجي.

خوراڪ ۽ زراعت جي عالمي اداري (ايف اي او) سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر اشفاق احمد ناهيون چيو ته ڪپھ جي بحالي لاءِ ٻج کان وٺي مارڪيٽ ۽ ايڪسپورٽ تائين سڄي سپلاءِ چين کي نئين سر ترتيب ڏيڻ ضروري آهي. هن چيو ته هن سڄي نظام ۾ هاريءَ کي مرڪزي اسٽيڪ هولڊر طور شامل ڪرڻ لازمي آهي، ڇو⁠ته پاليسي سازي ۽ مارڪيٽ تائين پهچ ۾ سندس اهم ڪردار آهي.

پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل جي ڊائريڪٽر جمع خان باجڪاڻي چيو ته مالي سال 2024–25 ۾ پاڪستان ڪڻڪ جي سڀ کان گهٽ پيداوار رپورٽ ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جا سانگهڙ، گھوٽڪي ۽ ٻيا ضلع بدترين متاثر ٿيا آهن.

ان موقعي تي ڪپھ سان سلھاڙيل زرعي ۽ ثقافتي نمائش به لڳائي وئي، جنهن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي، سي ⁠اي⁠ بي ⁠آءِ، وفاقي ۽ صوبائي ادارن، ۽ خانگي ڪمپنين جا اسٽال لڳايا ويا. پڄاڻيءَ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال شرڪت ڪندڙ ماهرن، اداري جي نمائندن ۽ مهمانن ۾ شيلڊون ۽ اعزازي تحفا ورهايا، ان تقريب ۾ ڊين فئڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن ۽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي، پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز احمد سومرو، ويمن چيمبر آف ڪامرس جي چيئرپرسن شاهده ٽالپر، گل احمد گروپ جي ڪامران شعيب، ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي ريشما ٿيٻو، سي⁠ سي⁠ آر سڪرنڊ جي عبدالله ڪيريو، زوهيب خانزادو، رفيق احمد جمالي، آر⁠ڊي⁠ايف جي طالب عباسي، اشفاق احمد ڌنئورو استادن، زرعي ماهرن، هارين ۽ شاگردن شرڪت ڪئي۔ (پريس رليز)

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button