نشي جي ڪري رُڳوسنڌ جي نوجوانن نہ پر سندن ڌرتيءَ جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي
ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ منشيات جو استعمال تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. توهان خيرپور جو مثال وٺو ته خيرپور جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ بہ آئس جهڙو خطرناڪ نشو پهچي رهيو آهي. اهو ڪيئن پهچي رهيو آهي، ان جي پويان ڪنهن جو هٿ آهي؟ پوليس کي اھا سڀ خبر آهي.

ليکڪ: راهب علي وساڻ
منشيات اڄوڪي دور ۾ سنڌ سميت سڄي پاڪستان لاءِ هڪ انتهائي سنگين سماجي، اخلاقي ۽ صحت سان لاڳاپيل مسئلو بڻجي چڪو آهي. ڏٺو وڃي ته هن جديد دور ۾ اسان جي سنڌ ۾ نشي جي لهر تيزي سان پکڙجي رهي آهي، بلڪه پکڙجي چڪي آهي. ھن وقت سنڌ ۾ الڳ الڳ قسم جي منشيات وڪرو ٿي رهي آهي.انهن ۾ چرس، هيروئن، شراب، آفيم، گٽڪو، مائو ۽ تيزي سان وڌندڙ آئيس (Ice) جو نشو شامل آهي. خاص طور تي سنڌ جو نوجوان نسل منشيات جي لعنت مان گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي، جيڪو سماج لاءِ خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي.
سنڌ جي وڏن توڙي ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ منشيات پهچي وئي آهي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ منشيات جو استعمال تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. توهان خيرپور جو مثال وٺو ته خيرپور جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ بہ آئس جهڙو خطرناڪ نشو پهچي رهيو آهي. اهو ڪيئن پهچي رهيو آهي، ان جي پويان ڪنهن جو هٿ آهي؟ پوليس کي اھا سڀ خبر آهي.
سنڌ جي شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ ۾ نشو ڦهلايو پيو وڃي جنهن جو شڪار سنڌ جا غريب ماروئڙا ٿين ٿا. سنڌ ۾ اڳئي روزگار جو بحران آهي ۽ ٻيو وري هي خطرناڪ نشا سنڌ ۾ آندا پيا وڃن جنهن ۾ سنڌ جي نوجوانن کي ڦاسائي برباد ڪيو پيو وڃي. نشي جي ڪري رُڳوسنڌ جو نوجوان نہ پر سنڌ جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي.
ايتري قدر جو سنڌ جا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بہ منشيات کان پاڪ ناهن. علمي ادارن اندر به منشيات جو وڪرو ٿي رهيو آهي. سنڌ حڪومت وقت بوقت زباني پابنديون لڳائي ٿي پر عملي طور تي ڪنٽرول نه ٿي ڪري.منشيات جي خاتمي لاءِ حڪومت، والدين، استادن، ميڊيا ۽ سماجي تنظيمن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ آگاهي مهم هلائڻ گهرجي ته نوجوانن کي منشيات جي نقصانن بابت ڄاڻ ملي جڏھن تہ قانون تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گھرجي.
منشيات سنڌ جي سماج لاءِ هڪ وڏي لعنت آهي جيڪا نوجوان نسل جي مستقبل کي تباهه ڪري رهي آهي. جيڪڏهن وقت سر هن مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ويو ته سماج کي وڌيڪ نقصان پهچي سگهي ٿو. تنهن ڪري هر فرد جي ذميواري آهي ته منشيات کان پاڻ به بچي ۽ ٻين کي به بچائي.
______________________

راهب علي وساڻ خيرپور ضلعي جو آھي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جو شاگرد آھي



