ننڍي کنڊ جي عظيم ڪلاڪارا سُرن جي ديوي لتا منگيشڪر
اڄ به جڏهن ڪنهن اداس دل کي سهاري جي ضرورت پوي ٿي، لتا جو آواز مرهم بڻجي ٿو. جڏهن محبت جا جذبا جاڳن ٿا، لتا جو نغمو ساٿ ڏئي ٿو.
لتا سنڌيءَ ۾ به هڪ گيت ”منهنجا سپرين تو کان وڇڙي“ ڳايو آهي. اهو گيت هن سنڌي فلم ”هل ته ڀڄي هلون“ لاءِ رڪارڊ ڪرايو هو
مُشتاق ٽانوري
ننڍي کنڊ جي موسيقيءَ جي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪنهن آواز کي امرتا ملي آهي ته اهو آواز لتا منگيشڪر جو آهي. هوءَ رڳو ڳائڻي نه هئي، پر احساسن جو اهڙو سمنڊ هئي، جنهن مان محبت، درد، دعا، عشق ۽ انساني جذبن جا هزارين رنگ وهي نڪتا. جڏهن لتا ڳائيندي هئي ته لفظ رڳو ٻڌڻ لاءِ نه رهندا هئا، پر دل جي ديوارن تي نقش ٿي ويندا هئا. سندس مڌر آواز ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻ سبب کيس نه فقط ڀارت پر سڄي ننڍي کنڊ ۾ انتهائي عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. لتا منگيشڪر جو خاص ڪمال اهو هو ته هوءَ هر اداڪاره جي احساس کي پنهنجي آواز سان زنده ڪري ڇڏيندي هئي. مڌوبالا جي معصوميت هجي، نرگس جو درد هجي، وحيده رحمان جي خاموش محبت هجي يا مينا ڪماريءَ جي ٽٽل دل، اھو سڀ ڪجهه لتا جي آواز ۾ محسوس ٿيندو هو.

لتا منگيشڪر جو سجائو جنم 1929ع ۾ مڌيا پرديش جي شهر اندور ۾ ٿيو. سندس پيءُ پنڊت ديناناٿ منگيشڪر مرهٽي ڪلاسيڪي راڳ جو ڄاڻو هو ۽ مقامي ٿيٽر ۾ اداڪاري به ڪندو هو. لتا جي ماءُ جو نالو شيوانتي هو جنهن جو واسطو گجرات سان هو. ڄمڻ وقت لتا جو نالو هيما رکيو ويو هو. سندس پيءُ جي ٿيٽر ۾ هڪ اداڪاره لتيڪا ڪم ڪندي هئي. ان جو نالو لتا جي پيءُ کي اهڙو وڻيو، جو هن پنهنجي ڌيءُ جو نالو تبديل ڪري لتا رکيو. لتا موسيقيءَ جا ابتدائي سبق پنهنجي پيءُ کان سکيا. پنجن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ هن پنهنجي پيءُ سان گڏ مرهٺي ٻوليءَ جي سنگيت ناٽڪن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. لتا اڃا 13 سالن جي مس هئي ته سندس پيءَ پرلوڪ پڌاريو. ان بعد هڪ ويجهي عزيز هن خاندان جي سرپرستي ڪئي ۽ لتا کي هڪ گلوڪاره ۽ اداڪاره طور ڪم ڪرڻ لاءِ همٿايو. ننڍپڻ ۾ هن جو آواز تمام سنهو هو ، ان ڪري هن کي ڳائڻ کان منع ڪيو ويندو هو. هن همت نه هاري ۽ محنت جاري رکي. وقت سان گڏ سندس آواز ۾ اهڙي مٺاس، پاڪيزگي ۽ سچائي پيدا ٿي، جنهن ڀارتي فلمي موسيقيءَ جو چهرو ئي بدلائي ڇڏيو. موسيقي لتا جي رڳ رڳ ۾ وهندي هئي. آهستي آهستي هن جي سنگيت کي مڃتا ملڻ شروع ٿي. هن پهريون هندي گانو”ماتا اڪ سپوت ڪي، دنيا بدل دي تو“ مرهٺي فلم ”گجا ڀائو“ لاءِ ڳايو. اها فلم 1943ع ۾ رليز ٿي. 1945ع ۾ لتا ممبئي منتقل ٿي وئي جتي هن استاد امان علي خان کان ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي. سندس پهرين هندي فلم ”آپ ڪي سيوا ۾“ هئي جنهن ۾ هن اداڪاره ۽ گلوڪاره طور ڪم ڪيو. هن جي اوائلي فلمن ۾ ”ميرا بائي“، ”ماجهي بال“ ”گجا ڀائو“ بال‘‘، ”ڇمڪلا دنيا“، ”بڙي مان“، ”زندگي سفر“ ۽ ڇتر شيواجي“ شامل آهن. 1948ع ۾ مشهور موسيقار ماسٽر غلام حيدر جي تربيت هيٺ آئي. ساڳئي ئي سال هن فلم ”مجبور“ جو گانو ”دل ميرا توڙا، مجهي ڪهين ڪا نه ڇوڙا“ رڪارڊ ڪرايو. 1949ع ۾ هن جي ڳايل گاني ”آئيگا آنيوالا“ مقبوليت جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ هن جي شهرت آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ هن بالي ووڊ جي وڏن وڏن موسيقارن سان ڪم ڪيو. لتا انهن ڏينهن ۾ اهي شاهڪار گانا ڳايا جيڪي صدين تائين ياد رهندا. 1955ع ۾ هن سريلنڪا جي فلم سيدا سولانگ ۾ سنهالا ٻوليءَ ۾ گانو رڪارڊ ڪرايو. 1956ع ۾ هن تاملي ٻوليءَ ۾ پهريون گيت ڳايو.

کيس بهترين خاتون گلوڪاره طور پهريون فلم فيئر ايوارڊ 1958ع ۾ ڳايل فلمي گيت ”آجا ري پرديسي“ جي مڃتا طور ڏنو ويو. اهو گيت هن فلم ”ماڌومتي“ لاءِ ڳايو هو.1960 ع واري ڏهاڪي جي ابتدا هن ”جب پيار ڪيا تو ڊرنا ڪيا“ جهڙي شاهڪار گاني سان ڪيو. فلم ”مغل اعظم“ جي هن گاني جي موسيقي نوشاد ڏني هئي ۽ هيءُ گانو مشهور اداڪاره مڌوبالا تي فلمايو ويو. ساڳئي سال فلم ”دل اپنا اور پريت پرائي“ رليز ٿي، انهيءَ فلم ۾ لتا جو ڳايل گانو ”عجيب داستان هئي يي“ سڄي ننڍي کنڊ جو آواز بنجي ويو. 1961ع ۾ هن ٻه مشهور ڀڄن “الله تيرو نام“ ۽ ”پرڀو تيرو نام“ رڪارڊ ڪرايا. 1962ع ۾ هن کي ٻيو ڀيرو فلم فيئر ايوارڊ ڏنو ويو. اهو ايوارڊ هن کي مشهور نغمي ”ڪهين ديپ جلي ڪهين دل“ تي ڏنو ويو. انهيءَ نغمي جو موسيقار هيمنت ڪمار هو ۽ فلم هئي ”بيس سال بعد“. 27 جنوري 1963ع تي هن ڀارت جي وزيراعظم جواهرلال نهرو جي موجودگيءَ ۾ قومي ترانو ”ائي وطن ڪي لوگو“ ڳايو. چون ٿا ته اهو ترانو ٻڌي وزيراعظم جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. لتا هزارين فلمي گيت ڳايا . 1974ع کان 1991ع تائين لتا جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊس ۾ سڀ کان وڌيڪ گانا ڳائڻ واري خاتون طور شامل رهيو. 2012ع ۾ لتا ”سوامي سمارٿ مها منتر“ جي نالي سان پنهنجو البم جاري ڪيو جنهن ۾ هن پنهنجي ڀيڻ سان گڏجي ڀڄن ڳايا آهن. 2014ع ۾ ھن پنهنجي بنگالي گيتن جو البم جاري ڪيو. 30 مارچ 2019ع تي هن پنهنجو قومي ترانو ”سگند مجهي اس مٽي ڪي“ جاري ڪيو. لتا سنڌيءَ ۾ به هڪ گيت ”منهنجا سپرين تو کان وڇڙي“ ڳايو آهي. اهو گيت هن سنڌي فلم ”هل ته ڀڄي هلون“ لاءِ رڪارڊ ڪرايو هو. هن گيت جي موسيقي سي ارجن ترتيب ڏني ۽ پروڊيوسر سترام روهڙا هو.

لتا منگيشڪر جي فن ۽ موسيقيءَ جي ميدان ۾ ڏنل خدمتن جي مڃتا طور ڀارت جو وڏي ۾ وڏو اعزاز ڀارت رتنا، پدما ڀوشن، پدما وڀوشان، زي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ، دادا صاحب پالڪي ايوارڊ، مهاراشترا ڀوشن ايوارڊ، اين ٽي آر قومي ايوارڊ، ليجين آف آنر، اي اين آر قومي ايوارڊ، ٽي قومي فلم ايوارڊ ۽ 15 بنگالي فلم ايوارڊ شامل آهن. 1984ع ۾ مڌيا پرديش سرڪار ۽ 1992ع ۾ مهاراشتر سرڪار ”لتا منگيشڪر ايوارڊ“ جو بنياد وڌو. هيءَ ڀارت جي پهرين ڳائڻي ھئي جنهن کي 1974ع ۾ لنڊن جي رائل البرٽ هال ۾ ڳائڻ جو موقعو مليو. گنيز بڪ لکيو ته لتا منگيشڪر 1948ع ۽ 1987ع وچ ۾ 30000 کان وڌيڪ گانا ڳايا، ڪجهه ذريعن جي اها دعويٰ آهي ته لتا 1991ع تائين هندي فلمن 5025 گانا ڳايا.

6 فيبروري 2022ع تي جڏهن لتا منگيشڪر هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ته ڀارت سميت سڄو ڏکڻ ايشيا سوڳ ۾ ٻڏي ويو، لڳو ڄڻ سرن جو هڪ عظيم دور ختم ٿي ويو هجي پر حقيقت اها آهي ته لتا ڪڏهن به نه مري سگهي ٿي، ڇو ته هوءَ پنهنجي گيتن ۾ هميشه جيئري آهي. اڄ به جڏهن ڪنهن اداس دل کي سهاري جي ضرورت پوي ٿي، لتا جو آواز مرهم بڻجي ٿو. جڏهن محبت جا جذبا جاڳن ٿا، لتا جو نغمو ساٿ ڏئي ٿو. جڏهن وطن لاءِ جذبو اڀري ٿو، لتا جو سر اکين کي آلو ڪري ڇڏي ٿو. لتا منگيشڪر رڳو هڪ فنڪاره نه هئي، هوءَ هڪ دور هئي، هڪ احساس هئي، هڪ اهڙو آواز هئي، جيڪو وقت جي شور کان به مٿانهون آهي. موسيقيءَ جي آسمان تي هوءَ هميشه چمڪندڙ ستاري وانگر روشن رهندي.
____________________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو
mushtaqtanwari@gmail.com
—



