ٿرڪول ريلوي رٿا جي لاڳت 15 ارب رُپيا وڌي وئي، سنڌ سولر رٿا ۾ 3 ارب رُپين جو فراڊ
ريلوي لائين وڇائڻ واري رٿا تي عمل ۾ دير ٿيڻ جي ڪري رٿا جي لاڳت 75 ارب رُپين مان وڌي 90 ارب رُپيا ٿي وئي. عالمي بينڪ جي 27.4 ارب رُپين جي قرض سان شروع ڪيل سنڌ سولر انرجي رٿا ۾ 3 ارب رُپين جو فراڊ ٿي چُڪو، سنڌ ڪابينا ۾ آگاھي
اسٽاف رپورٽر
ڪراچي
ٿر واري ڪوئلي جي ٽرانسپورٽيشن لاءِ اسلام ڪوٽ کان ڇوڙ ۽ بن قاسم کان پورٽ قاسم تائين ريلوي لائين وڇائڻ واري رٿا تي عمل ۾ دير ٿيڻ جي ڪري رٿا جي لاڳت 75 ارب رُپين مان وڌي 90 ارب رُپيا ٿي وئي آھي.
اھا ڳالھ اڄ سومر ڏينھن سنڌ وازرت جي گڏجاڻيءَ ۾ ظاھر ٿي جنھن جي صدارت وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ڪري رھيو آھي. ھن خبر جي شائع ٿيڻ تائين ڪابينا جي گڏجاڻي جاري ھئي.

وڏي وزير ڪابينا کي ٻُڌايو تہ گذريل آڪٽوبر مھيني ۾ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي ريلوي وزارت جي وچ ۾ ھڪ ٺاھ ٿيو ھو جنھن تحت اسلام ڪوٽ کان ڇوڙ ۽ بن قاسم کان پورٽ قاسم تائين ريلوي لائين وڇائڻي آھي تہ جيئن ڪوئلي جي ٽرانسپورٽيشن ۾ سولائي ٿئي.
رٿا موجب ٿر ڪول فيلڊ کان ڇوڙ تائين 105 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائي ويندي جڏھن تہ بن قاسم کان پورٽ قاسم تائين 9 ڪلوميٽر ڊبل ٽريڪ ريلوي لائين وڇائڻي آھي. اھا رٿا سنڌ حڪومت ۽ ريلوي وزارت جي پارٽنرشپ ھيٺ عمل ۾ ايندي.
”رٿا جي ابتدائي لاڳت جو ڪاٿو 75 ارب رُپيا ھو. رٿا ھيٺ ايندڙ ايراضيءَ ۾ بہ پنجاھ سيڪڙو اڪوئٽي تي ٻنھي ڌرين رضامندي ظاھر ڪئي ھئي. رٿا جي پي سي ون تحت 53.72 ارب رُپيا منظور ٿيل ھئا. سنڌ حڪومت 26.86 ارب رُپين مان 6.61 ارب رُپيا اڳئي منظور ڪري ڇڏيا ھئا. پر ھاڻي رٿا جي لاڳت وڌي 90 ارب رُپيا ٿي وئي آھي،“ مراد علي شاھ ڪابينا کي ٻُڌايو. ھُن ناڻي واري کاتي کي ھدايت ڪئي تہ 6.61 ارب رُپيا ھڪدم جاري ڪيا وڃن.
ڪابينا سنڌ ۾ سولر انرجي رٿا تي بہ ويچار ڪيو جيڪا عالمي بينڪ جي قرض سان شروع ڪئي وئي ھئي. ان رٿا جي لاڳت 27.4 ارب رُپيا ھئي.
ڪابينا جي گڏجاڻيءَ ۾ انڪشاف ٿيو تہ سولر انرجي رٿا ۾ 3 ارب رُپين جو فراڊ ٿيو آھي. سنڌ ڪابينا ٺيڪيدار فرم کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جي سفارش ڪئي. انھيءَ فراڊ جي جاچ جي ذميواري اينٽي ڪرپشن کاتي کي ڏيڻ جي ھدايت ڪئي وئي.
انھيءَ رٿا ھيٺ گھٽ آمدنيءَ وارن ماڻھن کي گھر گھر سولر سسٽم ھڻي ڏيڻو ھو. ٿر، ڪوھستان ۽ ڪچي جي علائقي ۾ رھندڙ ماڻھن کي ھڪ لک ويھ ھزار سولر ڪِٽس مھيا ڪرڻيون ھيون جڏھن تہ آن گرڊ مستحق صارفين لاءِ ھڪ لک 30 ھزار ڪٽس ڏيڻيون آھن. ھر ڪِٽ ۾ سولر پينل، بيٽري، ايل اِي ڊي لائيٽس، ڊي سي پکو، موبائل چارجنگ جي سھولت شامل آھي.
_____________



