Editor's pickMain Slideثقافت

سنڌ جون سُڄاڳ ناريون: ورھاڱي کان گھڻو اڳ ھنن ليڊيز ڪلبون قائم ڪيون ھيون

لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد سنڌ جي ٻن زنانين ڪلبن جي تاريخ ۽ لاهن چاڙهن جو احوال. گومي ٻائي ليڊيز ڪلب ۱1934 ۾ لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿي، ۽ ناري سڀا، جيڪا شريمتي چتر ٻائي آڏواڻيءَ جي نالي سان منسوب هئي، ۱1941 ۾ حيدرآباد ۾ قائم ٿي. سنڌي عورتن حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ اھڙي زماني ۾ ليڊيز ڪلبون قائم ڪيون، جڏهن عورتن لاءِ خاص ڪلبن جي وجود بابت ڪير سوچي به نٿي سگهيو.

ليکڪ نصير اعجاز

ويھين صديءَ جو پهريون اڌ سنڌي سماج لاءِ هڪ اهم نئون موڙ باثبت ٿيو، يا ان کي ”سماجي ۽ سياسي بيداريءَ جو دور“ چئي سگهجي ٿو، جڏهن سنڌ جي عورتن للڪارن کي قبول ڪيو ۽ مختلف تحريڪن ۾ سرگرم ٿي حصو وٺڻ شروع ڪيو، جهڙوڪ آزاديءَ جي تحريڪ، سماجي سڌارن جون تحريڪون، زناني تعليم کي هٿي ڏيڻ، ۽ عورتن جي برابر حقن جي تحريڪ. انهن جي بيداريءَ جو اندازو ان ڳالهه مان ڪري سگهجي ٿو ته سنڌي عورتون عالمي زنانين تنظيمن ۽ انهن جي ناري اڳواڻن سان ڳنڍيل هيون، جيڪي پنهنجن ملڪن ۾ جنسي برابري ۽ حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيون هيون. حيدرآباد ۾ ”آل انڊيا وومين ڪانفرنس“ جي ارڙھين اجلاس (28ڊسمبر 1945 کان پھرين جنوري 1946ع) جي ميزباني ڪرڻ، جنهن ۾ سڄي هندستان مان پنج سئو کان وڌيڪ عورتن کان علاوه مصر، شام، لبنان، سيلون (سريلنڪا)، برطانيه ۽ آسٽريليا جون نمايان زنانين تحريڪن جون عورتون شريڪ ٿيون هيون، سنڌي عورتن ۾ سماجي ۽ سياسي بيداريءَ جي سطح جو ثبوت آهي.

هتي مان پاڻ کي سنڌي عورتن جي سماجي بيداريءَ جي ان تحريڪ تائين محدود رکندس، جنهن کي هينئر تائين نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ اها آهي عورتن کي سماجي پليٽ فارمن تي متحد ڪرڻ لاءِ ليڊيز ڪلبون قائم ڪرڻ.

حقيقت ۾ اهو ”مهذب دنيا“ جو اونداھو دور هو، جڏهن عورتن کي انگريز مردن پاران سڄي هندستان ۾ قائم ڪيل ڪلبن جو ميمبر بنجڻ جي اجازت نه هئي. ايتريقدر جو ڪراچيءَ جي تاريخي ”سنڌ ڪلب“ ۾ به عورتن جي ميمبرشپ تي پابندي هئي، جيڪا 25 مئي 1871ع تي سر وليم ميرويڌر جي صدارت هيٺ برطانوي فوجي آفيسرن، پروفيشنلز ۽ ٻين يورپين لاءِ قائم ڪئي وئي هئي.

جڏھن گومي ٻائي ليڊيز ڪلب تي قبضي جي ڪوشش ٿي تہ گيٽ کي بند ڪيو ويو ھو

اهڙي ريت، اڳ ۾ قائم ٿيل ٽي ڪلبون جن کي ”هندستان جي ڪلبن جي اشرافيا“ سڏيو ويندو هو، بنگال، مدراس ۽ بمبئي ۾ ترتيبوار 1827ع، 1831ع ۽ 1833ع ۾ قائم ٿيون، انهن ۾ عورتن کي بار (بار روم) ۾ داخل ٿيڻ جي بالڪل اجازت نه هئي. انهن کي ليڊيز حصي ۾ ئي رهڻو پوندو هو، جنهن کي ڪڪڙين جو واڙو چيو ويندو هو، سواءِ 1918ع جي جڏهن جنگ بنديءَ واري ڏينهن انهن کي ان حصي مان ڪڍي جشن جا مشروبات پيارڻ لاءِ آندو ويو هو.

گومي ٻائي ڪلب جي تاريخي خوبصورت عمارت

مدراس ڪلب پاران عورتن کي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي هڪ خوبصورت ڪلب اديار (Adyar) جو بنياد وڌو ويو، جنهن ۾ اٺ ڪُنڊو قبو ۽ باغ هئا، ۽ ماڻهن کي ھمٿايو ويندو هو ته اهي مدراس ڪلب جي سختين کان بچڻ لاءِ ان ۾ شامل ٿين. اديار ڪلب عورتن کي ميمبرشپ ڏني. ابتدا ۾ رڳو يورپين لاءِ قائم ٿيل هيءَ ڪلب 1960ع ۾ هندستانين کي به ميمبر طور شامل ڪرڻ لڳي ۽ پوءِ 1963ع ۾ ان کي ”مدراس ڪلب“ ۾ ضم ڪيو ويو.

گومي ٻائي

اهڙي حالت ۾، سنڌي عورتن تحرڪ ورتو ۽ ٻه ليڊيز ڪلبون قائم ڪيون – هڪ حيدرآباد ۾ ۽ ٻي لاڙڪاڻي ۾، جيڪي سنڌ جا اهڙا شهر هئا جتي انهن ڏينهن ۾ رڳو عورتن لاءِ ڪلبن جي وجود جو ڪير تصور به نٿي ڪري سگهيو. ٻنهي ليڊيز ڪلبن جي پنهنجي هڪ ڊگهي ۽ لاهن چاڙهن واري تاريخ آهي.

حيدرآباد جي ناري سڀا (ليڊيز ڪلب)

ناري سڀا حيدرآباد جي تاريخي عمارت

حيدرآباد ۾ ليڊيز ڪلب جي تاريخي عمارت هيرآباد واري علائقي ۾، عامل ڪالونيءَ جي ھڪ گھٽيءَ ۾ سٽي گيٽ هوٽل جي بلڪل پاسي ۾ واقع آهي. ليڊيز ڪلب قائم ڪرڻ جو خيال ۱1929 ڌاري آيو هو. ڪلب لاءِ پلاٽ 1932ع ۾ حاصل ڪيو ويو، پر ان جو بنياد رکڻ ۾ ڇهه سال لڳي ويا. 1938ع ۾، ڪليڪٽر يو. ايم. ميرچنداڻي ڪلب جو بنياد رکيو، پر تعميراتي ڪم 1940ع تائين شروع نه ٿي سگهيو. ان دير جو سبب تعمير لاءِ مناسب فنڊ جمع ڪرڻ هو. ڪجهه فنڊ عطين جي صورت ۾ مليا.

ناري سڀا ڪلب شريمتي چتر ٻائي آڏواڻيءَ جي ياد ۾ تعمير ڪئي وئي هئي. عمارت جي تعمير تي ايندڙ خرچ جو وڏو حصو چتر ٻائي جي پٽ برداشت ڪيو. پلاٽ، فرنيچر ۽ ٻيو سامان 1940ع تائين حاصل ٿيل ۽ جمع ٿيل عطين ذريعي حاصل ڪيو ويو. ڪل 153 ميمبرن کي شامل ڪيو ويو ۽ ڪلب 1941ع ۾ پنهنجي موجوده ھنڌ تي فعال ٿي.

ليلاوتي هرچنداڻي عرف دادي ليلا (پيدائش: 20 ڊسمبر 1916ع)، جيڪا هڪ انتهائي محترم تعليمي ماهر هئي، 14سيپٽمبر 2017ع تي پنهنجي وفات تائين هن تاريخي يادگار جي آخري زنده باني ميمبرز مان هئي.

ليڊيز ڪلب هڪ ماڙ عمارت آهي جيڪا ورهاڱي کان اڳ واري دور جي طرزِ تعمير کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن ۾ هڪ هال، هڪ اسٽيج ۽ ٻه ڪمرا آهن، ۽ عمارت جي اڳيان هڪ ننڍڙو ميدان آهي. هڪ ڊگهي راهداري اسٽيج ڏانهن وڃي ٿي.

ورهاڱي کان پوءِ ليڊيز ڪلب غير فعال ٿي وئي. گذريل ڪجهہ سالن کان، تعليمي ماهر ۽ سماجي ڪارڪن خورشيد ميمڻ عمارت ۾ هڪ اسڪول هلائي رهي آهي، پر ان جو مستقبل به هن عمارت جي ورثي وانگر خطري ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته بلڊر مافيا جون اکيون ان تي لڳل آهن ته عمارت جو ڪنٽرول حاصل ڪري ان کي ڊاهي هڪ وڏي گهڻ ماڙ عمارت تعمير ڪئي وڃي.

لاڙڪاڻي جي گومي ٻائي ليڊيز ڪلب

لاڙڪاڻي ۾ گومي ٻائي جواهرمل ليڊيز ڪلب جي به ڪجهه اهڙي ئي ڪهاڻي آهي، پر لاهن چاڙهن جي باجود، اها اڃا تائين قائم ۽ فعال آهي.

لاڙڪاڻي جي هن تاريخي ورثي جي هڪ اهم خاصيت اها آهي ته هن پنهنجي دور ۾ ڪجهه مشهور مھمانن جي ميزباني ڪئي آهي. ورهاڱي کان اڳ، هي باقاعدگي سان هندو، عيسائي ۽ مسلم عورتن جي منعقد ڪيل مختلف ثقافتي سرگرمين جي ميزبان جو ڪردار ادا ڪندي هئي.

هيءَ ڪلب پڙهيل لکيل ۽ سماجي مزاج رکندڙ عورتن جو مرڪز رهي آهي، ڇاڪاڻ ته اھا هڪ خوبصورت عمارت هئي جنهن ۾ وسيع ايراضيءَ ۾ ڇٻر، گُل ٻُوٽا، ٽئريس ۽ جوگنگ جا رستا آھن، جتي اهي پنهنجي سماجي، ذاتي، ۽ سياسي معاملن تي گڏجاڻيون ڪرڻ سان گڏ ورزش، واڪ ۽ جوگنگ به ڪري سگهنديون هيون.

شروع ۾، لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر/ڊپٽي ڪمشنر جي زال کي ڪلب جي چيئرپرسن مقرر ڪرڻ جو رواج هو، پر پوءِ ميمبرن وڌيڪ جمهوري ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. انهن عهديدارن ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن کي چونڊڻ لاءِ هر ٻن سالن کان پوءِ چونڊون ڪرائڻ شروع ڪيون.

هن ڪلب جي تاريخ بابت ٻه مختلف روايتون آهن. ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ڪلب هڪ سنڌي ڊپٽي ڪليڪٽر تعمير ڪرائي هئي، جنهن ان جو نالو پنهنجي ڀيڻ گومي ٻائيءَ جي نالي تي رکيو هو. 3جنوري 1934ع تي، ڪلب جو افتتاح هڪ سينئر برطانوي بيوروڪريٽ جي زال آر. اي. گبسن (R.E. Gibson) ڪيو هو. ان وقت ڪلب جون 107ميمبر هيون ۽ ڪلب حڪومت جي ڪنهن به مالي مدد کان سواءِ هلندي هئي.

ٻيءَ روايت موجب، جيڪا مقامي صحافي جاويد شاهه جيلانيءَ ٻڌائي، پندرھن ھزار چورس فٽ زمين شريمتي گومي ٻائيءَ عطئي طور ڏني هئي، جيڪا جواهرمل (هڪ فلاحي شخصيت) جي زال هئي، ۽ هن پاڻ ڪلب جي عمارت تعمير ڪرائي.

گومي ٻائي جواهرمل ليڊيز ڪلب، جيئن ان جي گيٽ تي لڳل تختي تي لکيل آهي، ريلوي ڦاٽڪ روڊ تي تاريخي تجر باغ (ورهاڱي کان پوءِ جناح گارڊن جو نالو ڏنو ويو) جي پاسي ۾ آهي. وقت گذرڻ سان گڏ، ڪلب انسانن جي هٿان تباهيءَ جو شڪار ٿي ۽ مقامي ماڻهن جي قبضن سميت گهڻا لاها چاڙها ڏٺا.

جڏهن هن ڪلب لاءِ هي علائقو چونڊيو ويو هو ته ان جو ماحول تمام سٺو ۽ صحتمند هوندو، پر افسوس جو وقت گذرڻ، آباديءَ ۾ واڌ، عمارتن، دڪانن، ٻين تجارتي دفترن ۽ ريسٽورنٽن جي تعمير سبب اهو شهر جو هڪ انتهائي ڳتيل علائقو بڻجي ويو.

ليڊيز ڪلب، جنهن ليڊي مائونٽ بيٽن (1941ع)، پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم جي زال بيگم رانا لياقت علي خان، سنڌ جي پهرئين وڏي وزير جي زال ۽ ٻين بيوروڪريٽن جي ميزباني ڪئي هئي، 1977ع کان جنرل ضياءَ جي فوجي حڪومت دوران غير فعال رهي. انھيءَ کان پوءِ واري مرحلي ۾ ان جون سرگرميون ٻيهر شروع ٿيون. اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو هن ڪلب کي ترقي ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو هو ۽ هڪ پروجيڪٽ تيار ڪرايو هو، پر افسوس جو سندس حڪومت برطرف ٿيڻ سبب ان تي عمل نه ٿي سگهيو. جڏهن جنرل مشرف مقامي حڪومتن جو نظام بحال ويو، تڏهن لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ، جنهن جو سربراهه خورشيد جوڻيجو هو، ڪلب جي ترقيءَ لاءِ ڏھ لک رپيا خرچ ڪيا. ان دوران سندس ڀيڻ ڊاڪٽر فخرالنساءَ جوڻيجو سرگرم ٿي جنهن ڪلب کي هلائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي.

حيدرآباد واري ليڊيز ڪلب ۾ ھلندڙ اسڪول

ان دوران گومي ٻائي ڪلب پنهنجي زمين جو ڪجهه حصو لينڊ مافيا جي هٿان وڃائي ويٺي. هن تاريخي ڪلب کي وڌيڪ قبضي کان ان وقت بچايو ويو جڏهن شهرين سپريم ڪورٽ ۾ لينڊ مافيا خلاف ڪيس داخل ڪيو، پر اهي قبضو ڪيل حصا خالي ڪرائڻ ۾ ناڪام ويا جتي ڪجهه دڪان تعمير ڪيا ويا هئا.

2004 ۾، حڪومت ڪلب ۽ پلاٽ کي هڪ بلڊر کي وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر پوءِ اهو خيال ان وقت ترڪ ڪيو ويو جڏهن ڪلب جي ميمبرن هڪ سٽيزن ايڪشن فورس جوڙي ان فيصلي خلاف تحريڪ هلائي.

سال 2015ع ۾، ميڊيا رپورٽ ڪيو هو ته ڪلب پنهنجي ٽي ايڪڙ زمين وڃائي ويٺي جنھن تي ھڪ مقامي ماڻهوءَ قبضو ڪري هوٽل ٺاھي هئي. عدالت ڪيس جا رڪارڊ طلب ڪيا هئا ۽ رينيو بورڊ سميت مختلف ادارن کي نوٽيس جاري ڪري سڀني غير قانوني عمارتن کي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو هو پر ڪو به عمل نه ٿي سگهيو. ڪجهه سال اڳ، ڪلب جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر صبيحه مغل ميڊيا ۾ چيو هو ته ”اسان جا ٻه دڪان قبضي هيٺ آهن ۽ لينڊ مافيا ان قيمتي پلاٽ ۽ تاريخي عمارت تي قبضو ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيرو ٻيهر فعال ٿي وئي آهي“.

گومي ٻائي جواهرمل ليڊيز ڪلب جون چونڊون هر ٻن سالن ۾ ٿينديون آهن. محترمه فريده پيچوهو ڪلب جي صدر رھي آهي ۽ محترمه سڪينه گاد سيڪريٽري، جنهن کان علاوه ڪلب کي هلائڻ لاءِ هڪ مئنيجنگ ڪميٽي به آهي. ھڪ سئو کان وڌيڪ عورتون ڪلب جون ميمبر آهن جيڪي باقاعدگي سان ڪلب اچن ٿيون ۽ مختلف سماجي سرگرميون ڪن ٿيون.

”اسان 1934ع ۾ تعمير ٿيل ڪلب جي تاريخي اڏاوت کي ان جي اصل ۽ سچي صورت ۾ برقرار رکڻ سان گڏ ميمبرن لاءِ هڪ جديد ۽ جِم به تعمير ڪرائي آهي. ڪلب پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ نامور وڪيلن تي مشتمل هڪ ليگل ڪائونسل به جوڙي آهي،“ محترمه سڪينه گاد فون تي ٻڌايو.

”اسان خاص ڏينهن جهڙوڪ ڏياري، پاڪستان ڏينهن، عورتن جو عالمي ڏينهن وغيره تي سماجي گڏجاڻيون ۽ ٻيا پروگرام پڻ ڪندا آهيون ۽ برساتن دوران متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ تمام گھڻيون سرگرميون سرانجام ڏنيون،“هن چيو.

___________

Nasir Aijaz - Sindh- Pakistan

نصير اعجاز صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button