انسانيت جي بقا اَنا جي قرباني، عاجزي ۽ محبت ۾ لڪل آهي
جڏهن انسان پنهنجي انا کي قربان ڪري ٿو، تڏهن سندس دل ۾ عاجزي پيدا ٿئي ٿي، ۽ جڏهن عاجزي پيدا ٿئي ٿي ته انسان جي نظر وسيع ٿي وڃي ٿي. اڄ جي دنيا کي ڪنهن نئين هٿيار يا نئين فلسفي جي ضرورت نه آهي، ان کي رڳو انهيءَ پراڻي پر وساريل سبق جي ضرورت آهي
انا انسان جي اها اندروني ڪيفيت آهي، جيڪا جڏهن حد کان وڌي وڃي ٿي ته انسان کي پنهنجي ئي وجود جي قيد ۾ قيد ڪري ڇڏي ٿي

حڪيم پريم چاندواڻي
انسان جي تاريخ جو مطالعو ڪجي ته هڪ حقيقت بار بار سامهون اچي ٿي ته انسان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي به سندس اندر مان جنم وٺي ٿي ۽ سندس سڀ کان وڏي تباهي به سندس ئي اندر جي ڪنهن خامي مان پيدا ٿئي ٿي. اڄوڪو دؤر مادي ترقي، جديد ٽيڪنالاجي، بلند و بالا عمارتن ۽ تيز رفتار زندگيءَ جو دؤر آهي، پر ان ترقيءَ جي شور ۾ انسان جي اندر جو سک، روحاني سڪون ۽ انساني همدردي آهستي آهستي سرد ٿي رهي آهي. دنيا جي هر ڪنڊ ۾ وڌندڙ تڪرار، جنگيون، سماجي افراتفري ۽ انسان جي انسان سان وڌندڙ دوريءَ جي پويان جيڪڏهن ڪنهن هڪ بنيادي سبب کي ڳولجي ته اهو سبب رڳو هڪ لفظ ۾ سمايل آهي ــ انا.
انا انسان جي اها اندروني ڪيفيت آهي، جيڪا جڏهن حد کان وڌي وڃي ٿي ته انسان کي پنهنجي ئي وجود جي قيد ۾ قيد ڪري ڇڏي ٿي. اها ئي انا آهي جيڪا انسان کي ٻين کان مٿانهون سمجهڻ جو احساس ڏئي ٿي، جنهن کان پوءِ نه کيس ٻين جي احساسن جي پرواهه رهي ٿي، نه ئي ڪنهن جي حق يا عزت جي اهميت محسوس ٿئي ٿي. جڏهن انسان پنهنجي مان کي ئي سڀ ڪجهه سمجهڻ لڳي ٿو ته پوءِ سماج ۾ محبت، رواداري ۽ همدردي جهڙا آعلي قدر آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳن ٿا.
انهيءَ حقيقت کي هڪ سادي پر انتهائي گهري شعر ۾ بيان ڪيو ويو آهي:
مون انا کي، قربان ڪيو،
رب جو وڏو، احسان ٿيو۔
هي ٻه سٽون بظاهر مختصر آهن، پر انهن ۾ انساني زندگيءَ جو وڏو فلسفو سمايل آهي. جڏهن انسان پنهنجي انا کي قربان ڪري ٿو، تڏهن سندس دل ۾ عاجزي پيدا ٿئي ٿي، ۽ جڏهن عاجزي پيدا ٿئي ٿي ته انسان جي نظر وسيع ٿي وڃي ٿي. ان وقت کيس احساس ٿيندو آهي ته هو هن ڪائنات جو مرڪز نه، پر هڪ ننڍڙو حصو آهي. انهيءَ احساس سان گڏ انسان جي اندر محبت، صبر ۽ خدمت جو جذبو جنم وٺي ٿو.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته وڏا وڏا صوفي، درويش ۽ عظيم انسان انهيءَ ڪري وڏي مرتبي تي پهتا جو انهن پنهنجي انا کي ختم ڪيو. انهن پاڻ کي مٽيءَ جي برابر سمجهيو، ۽ نتيجي طور سندن دلين مان اهڙو نور نڪتو جيڪو ٻين لاءِ به راهه روشن بڻجي ويو. جڏهن انسان پنهنجي مان کي گهٽائي ٿو ته رب جي رحمتن جا دروازا سندس لاءِ کلي وڃن ٿا، ۽ اهو ئي لمحو انسان تي رب جو وڏو احسان بڻجي وڃي ٿو.
پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ جي دنيا ۾ انا هڪ اهڙي باهه بڻجي وئي آهي جيڪا سماجن کي ساڙي رهي آهي. شاعريءَ جي ٻئي حصي ۾ انهيءَ حقيقت کي نهايت واضح انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي:
انا شيطاني، ورثو آهي،
ٿيو عالم فرقو فرقو آهي۔

هي سٽون اسان کي تاريخ جي هڪ اهم سبق ڏانهن وٺي وڃن ٿيون. جڏهن ابليس حضرت آدم عليه السلام کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته سندس دليل به انا تي ٻڌل هو ته مان هن کان بهتر آهيان. اهو ئي غرور ۽ انا سندس تباهيءَ جو سبب بڻيو. انهيءَ واقعي مان انسانيت لاءِ هڪ وڏو درس موجود آهي ته جڏهن به انا غالب اچي ٿي ته نتيجو هميشه تڪرار، نفرت ۽ تباهي جي صورت ۾ نڪري ٿو.
اڄ جيڪڏهن اسان دنيا تي نظر وجهون ته ڏسون ٿا ته قومون، مذهب، زبان ۽ نسل جي بنياد تي انسان هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويو آهي. ماڻهو پنهنجي خيال، پنهنجي گروهه ۽ پنهنجي مفاد کي ئي آخري سچ سمجهي ويٺو آهي. انهيءَ سبب جي ڪري سماج ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو آهي. جتي انا غالب هجي، اتي برداشت ختم ٿي وڃي ٿي، ۽ جتي برداشت ختم ٿئي ٿي، اتي محبت به زنده نه رهي سگهي ٿي.
سوال اهو آهي ته هن صورتحال مان نڪرڻ جو رستو ڪهڙو آهي؟ ان جو جواب به انسان جي اندر ئي لڪل آهي. جيڪڏهن انسان پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي، پنهنجي نفس جو احتساب ڪري ۽ پنهنجي انا کي قابو ۾ آڻي، ته سماج ۾ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي.
انهيءَ لاءِ سڀ کان پهرين ضرورت آهي انڪساري جي. عاجزي انسان جي شخصيت کي حسين بڻائي ٿي. جڏهن انسان عاجز ٿئي ٿو ته هو ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ سکي ٿو، ٻين جي درد کي محسوس ڪري ٿو ۽ ٻين جي عزت ڪرڻ جو شعور حاصل ڪري ٿو.
ٻي ضرورت آهي وحدت ۽ انسان دوستي جي. انسان کي فرقن، گروهن ۽ تنگ نظرين کان مٿانهون ٿي سوچڻو پوندو. جڏهن انسان رڳو انسانيت کي بنياد بڻائي ٿو ته نفرت جي ڀتيون پاڻ ئي ڪري پون ٿيون.
ٽين اهم ڳالهه آهي خود احتسابي. اسان اڪثر ٻين جي خامين تي نظر رکندا آهيون، پر پنهنجي اندر جي ڪمزورين کي ڏسڻ کان ڪيٻائيندا آهيون. جيڪڏهن هر انسان پنهنجي اندر جي انا کي سڃاڻي ان کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري ته سماج پاڻمرادو سنوارجي سگهي ٿو.
حقيقت اها آهي ته دنيا ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچاري جا خواب رڳو تقريرن يا نعرا هڻڻ سان پورا نٿا ٿي سگهن. انهن خوابن جي تعبير تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن انسان پنهنجي دل مان غرور ۽ انا کي ڪڍي ڇڏي. جڏهن انسان پنهنجي مان کي قربان ڪري ٿو ته پوءِ هو ٻين لاءِ جيئڻ سکي ٿو، ۽ جڏهن ماڻهو هڪ ٻئي لاءِ جيئڻ لڳن ٿا ته سماج جنت جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو.
اڄ جي دنيا کي ڪنهن نئين هٿيار يا نئين فلسفي جي ضرورت نه آهي، ان کي رڳو انهيءَ پراڻي پر وساريل سبق جي ضرورت آهي ته انسانيت جي بقا عاجزي، محبت ۽ انا جي قرباني ۾ لڪل آهي.
۽ شايد انهيءَ سچ کي هن خوبصورت شعر کان وڌيڪ سادي ۽ اثرائتي انداز ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي:
مون انا کي، قربان ڪيو،
رب جو وڏو، احسان ٿيو۔
______________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو



