Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

سنڌ جي قديم گادي اروڙ ۾ ڪالڪا ديويءَ جي مندر واري ٽَڪريءَ جي کوٽائي

چيف سيڪريٽريءَ جي حڪم تي کاڻين واري کاتي 124 ايڪڙ ايراضيءَ ۾ کوٽائيءَ واري پرمٽ رد تہ ڪئي پر قومي ورثي کي تباھ ڪندڙ ڏوھي عملدارن ۽ پرمٽ ھولڊر کي ڪھڙي سزا ملندي؟ پرمٽ ھولڊر جو نالو ڇو ظاھر نہ ڪيو ويو؟  

اسٽاف رپورٽر

ٻہ ڏينھن اڳ سنڌ جي چيف سيڪريٽريءَ جي آفيس مان جاري ٿيل ھڪ پڌرائيءَ ۾ چيو ويو تہ کاڻين واري صوبائي کاتي سکر جي علائقي اروڙ ۾ 124 ايڪڙن جي ڏنل مائيننگ پرمٽ رد ڪري ڇڏي آھي. اھڙو قدم تڏھن کنيو ويو جڏھن چيف سيڪريٽريءَ روهڙيءَ لڳ اروڙ واري علائقي ۾ قديم ڪالڪا ديـويءَ مندر جي ويجهو پهاڙي ڪٽجڻ واري واقعي جو سخت نوٽيس ورتو. پڌرائيءَ موجب پرمٽ رد ٿيڻ کان پوءِ عملدارن ڪالڪا ديـوي مندر ڀرسان لِيز هولڊر جي آفيس بہ سيل ڪري ڇڏي.

واضح ھجي تہ اروڙ مھا راجا ڏاھر جي وقت سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ ھو ۽ اتي ھڪ ٽڪريءَ تي غار ۾ ڪالڪا ديويءَ جو مندر آھي جيڪو مھا راجا ڏاھر جي زماني کان بہ گھڻو قديم آھي. ھي مندر نہ رُڳو ھندو برادريءَ لاءِ ھڪ مُقدس ماڳ آھي جتي سڄي دنيا مان ھندومت جا ياتري عبادت لاءِ اچن ٿا پر مسلمان توڙي ٻيا ماڻھو سياحت ۽ تحقيق لاءِ ايندا رھن ٿا.    

چيف سيڪريٽريءَ جي ترجمان موجب چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ضلعي سکر جي علائقي اروڙ، روهڙي ۾ واقع ڪالڪا ديـوي مندر جي پهاڙي کي غيرقانوني طريقي سان ڪٽجڻ واري واقعي جو سخت نوٽيس ورتو ۽ مائينز اينڊ منرل ڊولپمينٽ کاتي ”تُرت“ ڪارروائي ڪندي 124 ايڪڙ ايراضيءَ تي ڏنل مائيننگ پرمٽ رد ڪري ڇڏي جيڪا روهڙيءَ جي چُن جي پٿر واري علائقي ۾ آھي۔

چيف سيڪريٽريءَ اھا بہ هدايت ڪئي ته هندو برادريءَ جي مقدس مذهبي ماڳ تي پهاڙي ڪٽڻ ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔ چيف سيڪريٽريءَ جي هدايت تي ڊپٽي ڊائريڪٽر مائينز سکر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي گڏجي ڪارروائي ڪندي ڪالڪا ديـوي مندر ڀرسان لِيز هولڊر جو احاطو سيل ڪري ڇڏيو، ڇو⁠تہ لاڳاپيل مائيننگ لِيز اڳ ۾ ئي رد ٿي چڪي هئي۔ چيف سيڪريٽري سنڌ سڀني لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته اهڙي نوعيت جي غيرقانوني سرگرمين کي روڪڻ لاءِ باقاعدي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي، ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به غيرقانوني مائيننگ يا قبضن جي واقعي کي روڪي سگهجي۔

سرڪاري پڌرائي پڙھڻ کانپوءِ ڪي سوال اُڀرن ٿا. ھڪ سوال اھو آھي تہ ليز ڏيڻ جو اختيار بہ صرف کاڻين واري کاتي کي ئي آھي، تہ انھيءَ جو مطلب تہ کاتي جا اعلي عملدار انھيءَ قديم تاريخي ماڳ ۽ سنڌ جي ورثي وٽ ٽڪريءَ کي تباھ ڪرڻ واري غير قانوني عمل ۽ ڏوھ ۾ مُلوث آھن. انھن عملدارن کي ھڪدم ڇو معطل نہ ڪيو ويو؟ انھيءَ لاءِ باقاعدہ جاچ جو حڪم ڇو ڪو نہ ڏنو ويو؟ اھا ليز ڪڏھن ڏني وئي ھُئي ۽ ھيل تائين قديمي ماڳ کي ڪيترو نقصان پھچي چُڪو آھي، اُھي تفصيل بہ جاري ڪيا وڃن ھا، پر ايئن نہ ڪيو ويو، ڇو؟ ليز ھولڊر ڪير آھي، انھيءَ جو نالو ڇو نہ ظاھر ڪيو ويو؟ ڇا قديم ماڳ ڪالڪا ديويءَ واري ٽڪريءَ کي محفوظ قرار ڏنل قومي ورثي جي حيثيت حاصل ڪانھي؟ سنڌ جي ثقافت کاتي کان اھڙي رپورٽ ڇو ڪونہ ورتي وئي؟ جيڪڏھن محفوظ قومي ورثي جي حيثيت حاصل آھي تہ پوءِ اُتي کوٽائيءَ لاءِ ليز جاري ڪرڻ ۽ کوٽائي ڪرڻ اھڙو ڏوھ آھي، جنھن تي ھڪدم ڪيس داخل ٿيڻ گھرجي ھا، ايئن ڇو ڪونہ ڪيو ويو؟

ھيءُ معاملو ايئن ئي آھي، جيئن سنڌ جي ھڪ ٻئي قومي ورثي ڪارونجھر جبل مان گرينائٽ پٿر جي کوٽائيءَ لاءِ ليزون جاري ڪيون ويون ھيون. اھي واقعا حقيقت ۾ سنڌ جي لاءِ سانحي جي حيثيت رکن ٿا ڇو تہ لوڀ ۽ لالچ ۾ سنڌ جي تاريخ کي ميساريو پيو وڃي. سنڌ جي ساڃاھ وندن کي ڪالڪا ديويءَ واري ھن سانحي کي بہ ڪارونجھر جيان سنجيدہ وٺڻ گھرجي نہ تہ ڪجھ عرصي کانپوءِ وري اُتي کوٽايون شروع ٿي وينديون ۽ سنڌ جي ھزارين ورھين جي ھن تاريخي ماڳ جو نالو نشان بہ ڪونہ رھندو. حڪومت کي گھرجي تہ انھيءَ مندر واري ٽڪري توڙي انھيءَ جي آسپاس وسيع ايراضيءَ ۾ ھر قسم جي کوٽائيءَ تي مڪمل بندش وجھي ڇڏي.

________________   

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button