راڳ جي راڻي عابده پروين: روح ۾ پيھي ويندڙ سُرن جي سرجڻهار
عابدہ پروين فقط راڳ نه ٿي ڳائي پر وجد، عشق، فنا ۽ بقا جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿي. سندس آواز ۾ اها طاقت آهي جو لڳي ٿو ڄڻ ڪو پکي پر پکيڙي روح کي مٿي اُڏاري کڻي وڃي رهيو هجي.
مُشتاق ٽانوري
عابده پروين، جنهن جي آواز ۾ سُر فقط ٻڌڻ ۾ ناهن ايندا، پر روح ۽ جسم جي رڳ رڳ ۾ لهر بڻجي وهندا آهن. عابده پروين جو آواز ڪنهن عام ڳائڻيءَ جو آواز ناهي، اهو اهڙو صوفياڻو ساهه آهي، جيڪو ٻڌندڙ جي دل کي درويشيءَ جي دروازي تائين وٺي وڃي ٿو. جڏهن هوءَ ڪلام ڳائي ٿي ته لفظن جا موتي آواز جي سمنڊ ۾ ٽمٽار ٿيڻ لڳن ٿا. سندس سُر ڪڏهن سحرانگيز صبح جي اذان لڳن ٿا، ته ڪڏهن شام جي صوفي محفل ۾ ٻرندڙ ڏياٽيون. هوءَ فقط راڳ نه ٿي ڳائي پر وجد، عشق، فنا ۽ بقا جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿي. سندس آواز ۾ اها طاقت آهي جو لڳي ٿو ڄڻ ڪو پکي پر پکيڙي روح کي مٿي اُڏاري کڻي وڃي رهيو هجي.

عابده پروين جو جنم لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر پاڙي جي هڪ راڳي گھراڻي ۾، 20 اپريل 1956ع تي ٿيو. سندس والد سُريلو راڳي ماسٽر غلام حيدر لاڙڪاڻي ۾ ئي موسيقيءَ جي تربيت جو هڪ اسڪول هلائيندو هو ۽ سندس والده ممتاز بيگم به ڳائيندي هُئي. سندس مائٽ لاڙڪاڻي کان لڏپلاڻ ڪري خيرپور، سکر، مٽياري ۽ آخر ۾ حيدرآباد ۾ اچي رهيا. هن موسيقيءَ جي ابتدائي سکيا پنهنجي والد کان ورتي، پوءِ لاڙڪاڻي ۾ استاد ميهر علي خان کان موسيقيءَ جي سکيا ورتائين. موسيقيءَ ۾ سندس رهبري اُن وقت جي مهان موسيقيءَ جي استادن، استاد محمد جُمن، استاد نياز حُسين، استاد سلامت علي خان ۽ ماسٽر محمد ابراهيم ڪئي. ناميارو براڊڪاسٽر الله بخش بُخاري به مٿس ڏاڍو مهربان هو.
عابده پروين جي تربيت ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ شيخ غلام حُسين جو هو، جنهن سندس اُچار ۽ ادائگي سنوارڻ جا جتن ڪيا. سڀ کان پهرين 1972 ع ۾ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ”شوقيه ڳائيندڙ“ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ريڊيو تي پاڻ جيڪو پهريون ڪلام رڪارڊ ڪرايو هُئائين، اُن جا ٻول هئا ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وِڌا، زندان هزارين مان نه رڳو“ جنهن جو شاعر مولانا عبدالغفور مفتون همايوني هو، ان کان سواءِ هن صاحبڏني فاروقيءَ جو ڪلام پڻ رڪارڊ ڪيو، جنهن جا ٻول هُئا ”من گھرئي مشتاق سان، جيئري جُدايون ڪيمَ ڪر.“ هُوءَ ريڊيو وسيلي ٿورڙي ئي وقت ۾ تمام گھڻي مشهور ٿي وئي. شيخ غلام حُسين اڳتي هلي 1975ع ۾ عابده سان ٻي شادي ڪئي.

عابده، ريڊيو تي گيت، غزل ۽ ڪافي ڳائڻ سان گڏ اڳتي هلي صوفي بزرگن جي ڪلام ڳائڻ تي ڌيان ڏنو ۽ درگاهن تي ڳائجندڙ ڪلامن کي ڳائڻ شروع ڪيائين. عابده پروين جي گائيڪي جو بنياد صوفي شاعريءَ تي بيٺل آهي. هوءَ جڏهن ڪلامِ عشق پڙهي ٿي ته لفظ سندس آواز ۾ اهڙي طرح ڳرجي وڃن ٿا، جيئن کنڊ چانهه ۾ حل ٿي مٺاس بڻجي ٿي وڃي. سندس راڳ ٻڌندي محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ وقت بيهي ويو آهي ۽ فقط سُر ئي ساهه کڻي رهيا آهن. سندس فن ۾ ٽي خاص خوبيون ”روحاني گہرائي، جذباتي شدت ۽ راڳ جي پختگي“ نمايان آهن.
حيدرآباد ريڊيو تي عابده جي آواز ۾ شاهه جي ڪجھه واين کي اُردو ترجمي سان به رڪارڊ ڪيو ويو. عابده پروين کي مُلڪي سطح تي مڃرائڻ ۾ ٽيليويزن جو وڏو هٿ آهي. 1979ع ۾ پي ٽي وي تي ممتاز مرزا پروگرام ”سنڌ سينگار“ ۾ کيس متعارف ڪرايو. هن سنڌي فلم ”ڌرتي لاهِ ڪُنوار“ جا اٺ نعما ڳايا ۽ محمد يوسف سان گڏ دوگانا به ڳايا. هُن جڳ مشهور صوفي شاعر مولانا روميءَ بابت لنڊن ۾ ٺهندڙ فلم لاءِ به ڳايو. هوءَ سنڌيءَ کان سواءِ اردو، سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۾ به بهترين اُچارن سان ڳائي ٿي. سندس لفظن جي ادائگي چِٽي هُئڻ سان ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن کي جھومائي ۽ مست ڪري ڇڏيندي آهي. عابده پروين کي ٻڌڻ فقط موسيقي ٻڌڻ ناهي پر اهو هڪ روحاني سفر آهي. سندس ڳائڻ ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪو صوفي درويش ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ ۾ پل بڻجي بيٺو هجي. جڏهن هوءَ ”هو جمالو“ جهڙو لوڪ گيت ڳائي ٿي ته خوشيءَ جا رنگ ڇلڪي پون ٿا ۽ جڏهن صوفي ڪلام پڙهي ٿي ته دل اندر سُڪون جي ندي وهي ٿي.

سندس آواز کي ڪيترائي نقاد ”روح جو سڏ“ سڏين ٿا، ڇو ته اهو ڪنن سان گهٽ دل سان وڌيڪ ٻڌبو آهي. عابده پروين نه رڳو سنڌي يا ڏکڻ ايشيا جي گلوڪاره آهي پر هوءَ دنيا جي صوفي موسيقيءَ جي علامت بڻجي چڪي آهي. عالمي اسٽيجن تي جڏهن هوءَ ڳائي ٿي ته زبانن جا فرق ختم ٿي وڃن ٿا، ڇو ته سُر جي ٻولي هر دل سمجهي ٿي. هن ثابت ڪيو آهي ته موسيقي سرحدن جي محتاج ناهي اها ته آسمان جيان وسيع ۽ سمنڊ جيان اڻ کٽ آهي. 2000ع ۾ آمريڪا جي شهر نيويارڪ جي هڪ پارڪ ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک ماڻهو جڏهن عابده کي ٻُڌي رهيا هُئا ته اتي ٻڌندي ٻڌندي انگريز اُٿي نچڻ لڳا ۽ مٿن وجداني ڪيفيت طاري ٿيڻ سبب اهي نچندي نچندي بيهوش ٿيڻ لڳا.
عابده دنيا جي ڪيترن ئي مُلڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو، جن ۾ آمريڪا، انگلستان، فرانس، مراڪش، هالينڊ، جاپان، جرمني، ڪئناڊا، ڀارت، تنزانيا سر فهرست آهن. سندس شخصيت به سندس آواز وانگر وقار، سادگي ۽ روحانيت جو سنگم آهي. هوءَ اسٽيج تي اچي ٿي ته لڳي ٿو ڄڻ ڪو صوفي بزرگ محفل ۾ آيو هجي. بنا ڪنهن بناوٽ جي، فقط سُرن جي طاقت سان محفل کي وجد ۾ آڻڻ سندس خاصيت آهي. کيس لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، سِگا سُهڻي ايوارڊ، پاڪستان سرڪار جو ”پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ“ ۽ ”ستاره امتياز“ سميت ڪيترائي مڃتا ايوارڊ مليا آهن. کيس ”راڳ جي راڻي، سنڌ اُم ڪلثوم ۽ مارئي“جا لقب به مليا آهن. هوءَ 1996ع ۾ پنهنجي مُڙس شيخ غلام حسين جي لاڏاڻي کان پوءِ ڪراچي ڇڏي ٻارن سميت اسلام آباد هلي وئي. هن کي هڪ پُٽ سارنگ لطيف ۽ ٻه نياڻيون سِنڌُو ۽ پرهه آهن. سندس اولاد کي به فن سان دلچسپي آهي.

عابده پروين جو فن ڪنهن هڪ دور يا نسل تائين محدود ناهي. هوءَ اهڙو سُر آهي جيڪو وقت جي درياهه ۾ لهر بڻجي هميشه وهندو رهندو. سندس آواز کي ٻڌڻ ائين لڳندو آهي، ڄڻ ڪو ماڻهو اونداهي رات ۾ اوچتو چنڊ جي چانڊاڻ ڏسي ۽ سندس دل روشن، روح مطمئن ۽ ذهن پرسڪون ٿي وڃي. بنا ڪنهن شڪ جي، جيڪڏهن موسيقيءَ کي روح جو آئينو چئجي ته عابده پروين ان آئيني جو سڀ کان روشن عڪس آهي، هڪ اهڙو عڪس، جيڪو عشق، سچ ۽ سُر جي لازوال روشني سان سدائين چمڪندو رهندو.
______________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو
mushtaqtanwari@gmail.com



