ورھاڱي کان اڳ سنڌ سرڪار جا نوٽيفڪيشن سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيندا ھئا
سنڌ سرڪار جي انگريزي نوٽيفيڪيشن تي لکيل ھوندو ھو تہ ”سنڌيءَ ۾ بہ ترجمو ڪيو ويندو “
To be translated into Sindhi
پاڪستان ٺھڻ کانپوء سنڌي ٻوليءَ کي هن وقت تائين منظم طريقي سان نظرانداز ڪيو ويو آهي. اسان سنڌ سرڪار کان مطالبو ٿا ڪريون تہ سموريون سرڪاري نوٽيفيڪشنون/ پڌرايون ۽ سنڌ حڪومت جون ٻيون پريس پڌرايون سنڌيءَ ۾ جاري ڪرڻ جو بندوبست ڪن.

علي گُل ميتلو
ورهاڱي کان اڳ سنڌ سرڪار جا نوٽيفيڪيشن انگريزي سان گڏوگڏ سنڌيءَ ۾ بہ ڇاپي پڌرا ڪيا ويندا هئا، جيئن هن پوسٽ ۾ 16 آگسٽ 1920 جي هڪ سرڪاري پڌرائيءَ ۾ ڏيکاريل آهي. ساڳي ئي نوٽيفيڪشن ۾ انگريزي سان گڏوگڏ سڄو متن سنڌيءَ ۾ ب شامل ڪيو ويندو هيو.
يا وري انگريزيءَ ۾ ڇاپيل نوٽيفيڪشن جي مٿان ئي اهو لکيو ويندو هيو تہ
To be translated into Sindhi….
جيئن هتي 1 جون 1946 جي نوٽيفيڪيشن ۾ لکيل آهي. پوءِ اها ساڳي نوٽيفيڪيشن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڇپائي جاري ڪئي ويندي هئي.
پاڪستان ٺھڻ کانپوء سنڌي ٻوليءَ کي هن وقت تائين منظم طريقي سان نظرانداز ڪيو ويو آهي.

اسان سنڌ سرڪار کان مطالبو ٿا ڪريون تہ سموريون سرڪاري نوٽيفيڪشنون/ پڌرايون ۽ سنڌ حڪومت جون ٻيون پريس پڌرايون سنڌيءَ ۾ جاري ڪرڻ جو بندوبست ڪن.
ساڳي وقت اسان سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ عبد الماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگويج انجنيئرنگ جي ذميوار انتظاميائن کي گذارش ڪريون ٿا تہ اهي ان ڏس ۾ پيش قدمي ڪري روز جي بنياد تي جاري ٿيندڙ سرڪاري پڌرائين جا سنڌي ترجما ڪري سوشل ميڊيا تي رکن. سرڪاري پڌرائين جو متن جو فارميٽ لڳ ڀڳ هڪ جهڙو هوندو آهي. رڳو نالا تاريخون، عهدا، ريفرنس نمبر وغيرا بدلبا رهندا آهن. هن جديد ٽيڪنالاجي ۽ مشيني ذهانت/Artificial Intelligence جي دور ۾ اهو ڪم، انهن ٻنهي ادارن لاء ڪو وڏو ڪم ڪونهي، پر ان جو ڪارج تمام وڏو آهي. ساڳيو ڪم 100 سال اڳ بہ بنا جديد ٽيڪنالاجي ۽ مشيني ذهانت جي ٿيندو هيو. هاڻي تہ هر ڪم ڪار ڪرڻ سولو آهي. مهرباني ڪري اهو ڪم ڪري ڏيکاريو.
____________
علي گُل ميتلو جي فيس بُڪ وال تان کنيل




ها، ڪو شڪ ناهي ته سنڌي کي 1952 ۾ سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو هو. شايد مون 1860 ۾ پوليس ڪيپٽن لارڪانو خير خواهه پريس پاران وڏيرو ڪماريو کي هڪ خط ڏٺو هو، ڪمشنر پريس ڪراچي سان گڏجي سڀني سرڪاري نوٽس ليٽر هيڊ سرٽيفڪيٽ ڇپائي رهيو هو. مون وٽ هڪ درجن کان وڌيڪ خط آهن جيڪي منهنجي ڏاڏي وڏيرو غلام قادر دايو قادري رتوديرو 1899 190w 1913 1909 1918 1912 کي لکيا ويا آهن ۽ ڪيترائي جيڪي انگريزي ۽ سنڌي ٻنهي ٻولين ۾ ڇپيل آهن.
Correct 1852 for 1952