Editor's pickMain Slideڪالم

سماج کي سٺو ڪيئن بڻائي سگھجي ٿو ؟

سماج کي سڌارڻو آهي تہ سڀني کي پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو، ان کان سواءِ سماج ۾ ڪا ترقي ممڪن نہ آھي. سماجي زندگي ھميشہ روايت تي ھلندي آھي، سٺي روايت قائم ڪئي ويندي تہ سٺو سماجي ماحول جڙندو ۽ بري روايت قائم ڪئي ويندي تہ خراب سماجي ماحول جڙندو. اھڙي طرح ماڻھوءَ جو ھر عمل ڪنھن نہ ڪنھن طرح ان ڏي واپس اچي ٿو.

پروفيسر مدد علي جهتيال

اھا ڪھڙي شئي آھي جيڪا سماج کي سٺو بڻائي سگھي ٿي ؟ ان جو جواب ھڪ ئي آھي تہ ماڻھن جو سٺو ڪردار ئي سماج کي سٺو بڻائي سگھي ٿو، جنھن سماج ۾ ماڻھن جو ڪردار سٺو نہ ھوندو اھو سماج ڪڏھن بہ سٺو نہ ٿو ٿي سگھي، سٺو ڪردار ڪھڙو ٿي سگھي ٿو ۽ خراب ڪردار ڪھڙو ٿي سگھي ٿو، ان جي سڃاڻپ تمام آسان آهي. سٺي ڪردار وارو انسان اھو آھي جيڪو جھڙي قسم جو سلوڪ پاڻ چاھي ٿو اھڙي قسم جو سلوڪ ھو ٻين سان بہ ڪري، بري ڪردار وارو ماڻھو اھو آھي جيڪو پنھنجي لاءِ ڪجھ ٻيو پسند ڪري ۽ ٻين لاءِ ڪجھ ٻيو.

ھڪ  ماڻھو گھران نڪري ڪنھن بازار وڃي ٿو، اتي ان سان ڪنھن غلط ڳالھايو يا ڪا بدتميزي ڪري ٿو جنھن تي کيس ڪاوڙ اچي ٿي، ھو ان سان وڙھي پوي ٿو، جنھن کان پوءِ ھو پنھنجي پاڙي يا گھٽيءَ ۾ اچي ٿو ۽ پاڻ بہ ڪنھن سان ڏندچڪ ڏئي ٿو يا گھر وارن سان ساڳيو سلوڪ ڪري ٿو. کيس اھو بازار ۾ تجربو ٿي چڪو آهي تہ پوءِ کيس سوچڻ گهرجي تہ بد ڪلامي ۽ بد اخلاقي ٻين کي ڪيئن وڻندي، جڏھن سندس خواھش آھي تہ ماڻھو ساڻس سٺو برتاءُ ڪن.

سماج ۾ ماڻھو اڪيلو نہ ٿو رھي سگھي. انسان پنھنجي فطرت ھٿان مجبور آھي تہ ھو گھڻن ماڻھن سان ملي جلي زندگيءَ گذاري. سڀني جي ڪاميابين ۾ ھڪ جي ڪاميابي آھي ۽ سڀ جي برباديءَ ھڪ جي برباديءَ آھي، ماڻھو جڏھن ٻين سان سٺو سلوڪ ڪري ٿو ڄڻ ھو سماج ۾ اھڙو ماحول پيدا ڪري ٿو. اھڙي قسم جي روايات قائم ڪري ٿو تہ ٻين کان بہ کين سٺو برتاءُ ملي ٿو.

ھڪ ماڻھو ڪوڙ ڳالھائي تہ سمجھو اھو ٻين کي بہ ڪوڙ ڳالھائڻ جي ترغيب ڏئي ٿو، ھڪ ماڻھو جڏھن ٻئي جي شئي ھڙپ ڪري ٿو تہ ھو پنھنجي ان عمل سان سماج ۾ ناجائز قبضي جي روايت قائم ڪري ٿو، ھڪ ماڻھو جڏھن واعدو ڪري ۽ وقت اچڻ تي وعدي خلافي ڪري تہ ان جو مطلب آھي تہ سموري سماج کي وعدو ٽوڙڻ جي ترغيب ڏئي ٿو.

سماجي زندگيءَ جو رخ طئہ ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اھم شئي روايت آهي، سماجي زندگي ھميشہ روايت تي ھلندي آھي، سٺي روايت قائم ڪئي ويندي تہ سٺو سماجي ماحول جڙندو ۽ بري روايت قائم ڪئي ويندي تہ خراب سماجي ماحول جڙندو. اھڙي طرح ماڻھوءَ جو ھر عمل ڪنھن نہ ڪنھن طرح ان ڏي واپس اچي ٿو، ماڻھوءَ جي سٺي ڪردار سان سماج ۾ سٺيون روايتون جنم وٺن ٿيون، جنھن جو نتيجو ان کي بہ مختلف صورتن ۾ ملي ٿو، اھڙي طرح ماڻھوءَ جي خراب ڪردار سان سماج ۾ خراب روايتون قائم ٿينديون، جنھن جا اثرات مختلف صورتن ۾ ان جي ذات تائين پھچي ويندا.

سٺي ڪردار جو پھريون فائدو اھو آھي جو ماڻھوءَ کي روحاني سڪون ملي ٿو، ان جو ٻيو فائدو اھو آھي تہ ھڪ سٺو سماج بڻجي ٿو. جنھن ۾ کيس ۽ سندس گهرڀاتين کي رھڻو آھي، اھڙي طرح خراب ڪردار جو پھريون نقصان اھو آھي تہ ماڻھوءَ کي روحاني سڪون نصيب نہ ٿو ٿئي، ان جو ٻيو نقصان اھو آھي جو کيس رھڻ لاءِ اھڙو سماج ملي ٿو جو سماج ۾ رھڻ جنجال ٿي وڃي ٿو. پھرين صورت ۾ ئي سماج بھتر ۽ اعلي سماج ٿي سگھي ٿو، ٻي صورت ۾ ان جو سماج ڪنڊن جي سيج ٿي وڃي ٿو.

اوھان بہ اھڙي طرح رھڻ شروع ڪريو جيئن دنيا ۾ ٻين ملڪن جا ماڻھو رھن ٿا. اسان کي صرف اھو ڪرڻو آهي انھيءَ نموني کي پنھنجي زندگيءَ ۾ اپنايون. اوھان سج ۽ چنڊ کي ئي ڏسي وٺو، اھي بنا ڪنهن مت ڀيد فرق جي سڀني کي روشني ۽ انرجي پھچائي رھيا آھن، ڀلي ڪير سج چنڊ کي گھٽ وڌ ڳالھائي، کين فرق ئي نہ ٿو پئي، اھو ئي آفاقي اخلاق آھي ۽ اھو ئي آفاقي اخلاق اسان کي بہ اپنائڻو پوندو. اسان کي ھر ڪنھن لاءِ فائديمند بڻجڻو آهي، اسان کي ھر ڪنھن کي ڏيڻ وارو ٿيڻو پوندو، ڀلي ٻين جي طرفان موٽ ملي يا نہ ملي.  اسان جو اخلاقي معيار ايترو بلند ھجڻ گھرجي جو دشمن کي بہ دوست جي نظر سان ڏسون ۽ غير سان بہ پنھنجن جھڙو رويو رکون. اوھان وڻ کي ڏسو اھو ڇا ڪندو آھي؟ اوھان جي ساھ واري نڙي مان نڪرندڙ ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ پاڻ ۾ جذب ڪري اوھان کي ان جي بدلي ۾ آڪسيجن ڏئي ٿو جيڪي اوھان جي تندرستي ۽ توانائي جو سبب بڻجي ٿي.

ڪائنات جو ھڪ نظام آھي. نانگ بلائون ۽ جيت جڻيا بہ انھيءَ نظام ھيٺ ھلن ٿا. چوڻ ٿا تہ ڪنھن علائقي ۾ ھڪ ڊاڪٽر ھر قسم جا نانگ پاليندو، انھن ناگن سان کيڏندو رھندو ھو. ڪنھن ماڻھوءَ کيس چيو ڊاڪٽر صاحب اوھان کي ھنن زھريلن نانگن مان ڊپ نہ ٿو لڳي. ڊاڪٽر کيس چيو: مونکي انھن مان ڪو خوف نہ ٿو لڳي، ڇو تہ ھي بہ فطرت کي فالو ڪن ٿا. اھي صرف ان وقت اوھان کي چڪ ھڻندا جڏھن اوھان انھن کي تنگ ڪندا، جيڪڏهن اوھان ھنن کي ڪو ڏک نہ ڏيو تہ ھي ڇو ڪاٽيندا ڪنھن کي. اھڙي طرح ماڻھو بہ ڪنھن کي نہ ڏکوئي تہ ٻيو ڇو ان کي ڏکوئيندو، ماڻھوءَ کي پڪ ٿي وڃي تہ اوھان کي ڪو ڌوڪو ڏيڻ وارو نہ آھي، امانت ۾ خيانت ڪرڻ وارو ڪو نہ آھي، ڪڏھن بہ ڪو پنھنجي اختيارن کي غلط استعمال نہ ڪندو، اوھان ڪنھن جي ڪمزوري جو فائدو نہ وٺندا، تہ ٻيو ماڻھو ايئن ڇو ڪندو.

حاصل مقصد اھو آهي تہ سماج کي سٺو بڻائڻو آهي تہ سڀني کي پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻو آهي، ان کان سواءِ سماج ۾ ڪا ترقي ممڪن نہ آھي، ماڻھو جڏھن ٻئي کي تڪليفون ڏئي ماريندو تہ فطرت جو قانون آھي انھن تڪليفن کان وڌيڪ تڪليفون کيس مرڻ وقت اينديون. اچو تہ واعدو ڪريون تہ اھڙو سماج جوڙيون جنھن سان فطرت راضي ٿئي اسان لاءِ آسانيون پيدا ڪري.

 ______

Madad Jhatial-TheAsiaN

پروفيسر مدد علي جھتيال، حيدرآباد

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button