Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

نجم عباسي جي ناول بلنديون تي ھڪ نظر

نجم عباسي سڀ کان اوليت  ڪھاڻين کي ڏني آھي. پر ھو اُنھن سڀن ڪھاڻين کان اڳ ھڪ شاعر بہ آھي

رشيد احمد خاصخيلي

نجم عباسي جي تخليق جا ڪيترائي روپ آھن. جن ۾ شاعري، ڪھاڻيون،  ناول، مضمون، ترجما ۽ آتم ڪٿا وغيره شامل آھن.! ھن جا ڇپيل ڪتاب طوفان جي تمنا، پٿر تي ليڪو، ڳاڙھو لال ٽين، جيڪي منھنجي من ۾ آھي، ناچڻي، ايڏو سور سھي، مون پڻ ڳايو ھو، ڏٺم اڻ ڏٺل، رشتا ناتا، اڪيلا ناھيون، سور ۾ ھوندي مرجھايل، للڪار، پھاڙن ۾ پڪار، اوچا ڳاٽ پھاڙن جا، پيار ڪھاڻي بلنديون، تلاش، پروفيسر، دارو ھن ديواني جو، ڪھاڻي جو قافلو، گاندي، ماسترياڻي، تصوف جي چير ڦاڙ، زلزلو، دوکو، مٿي سنڌ سڪار، لينن جي انقلابي ڪھاڻي، ۽ سوچون ھڪ سچار جون، وغيره .

ڏٺو وڃي تہ ھن سڀ کان اوليت  ڪھاڻين کي ڏني آھي. پر ھو اُنھن سڀن ڪھاڻين کان اڳ ھڪ شاعر بہ آھي، جيڪو اسان جي اڳيان پنھنجي ڪتاب (مون پڻ ڳايو ھو ) ۾ نظر آيو. رسول ميمڻ جو چوڻ آھي” سٺو نثر نويس اھو آھي جيڪو بنيادي طرح شاعر آھي، ڇو جو شاعر وٽ لفظن جا انبار آھن، لفظن جي استعمال جو ڏانءُ آھي.“ رسول ميمڻ جي لفظن جي مريادا رکندي اھو چئي سگھجي ٿو تہ ممڪن آ نجم عباسي جي نثر تي ھن جي بنيادي شاعري جا اثر ھُجن. ڇو جو ھن وڏي ڏانءُ سان ڪيترين ئي ڪھاڻين کي وڏي سليقي سان ذھن مان پنن تي اتاريو آھي. جن ننڍين ننڍين ڪھاڻين مان اڳتي ھلي ھن جي ناولن جنم ورتو آھي، جن ۾ بلنديون اوچا ڳاٽ پھاڙن جا، ۽ تلاش شامل آھن. ناول بظاھر ھڪ مرڪزي ڪھاڻي سان گڏ ڪيترين ئي ننڍي ڪھاڻين جو نالو آھي. نجم عباسي جو چوڻ آھي” ڪھاڻي ۽ ناول ۾ فرق ننڍ وڏائي ۽ ٿورائي گھڻائي جو آھي. ڪھاڻي ۾ ھڪڙو مکيہ واقعو ٿيندو آھي ۽ ناول ۾ ڪيترائي. ڪھاڻي ۾ ھڪڙو خاص ڪردار ھوندو آھي ۽ ناول ۾ ڪيترائي. ڪھاڻي ۾ جيون جو ھڪڙو پھلو بحث ھيٺ ايندو آھي ۽ ناول ۾ ڪيترائي. ڪھاڻي ۾ ھڪڙي مسئلي پنگتي ۽ راڄنيتي يا ٻئي قسم کي کڻڻو آھي، ۽ ناول ۾ ڪيترن ئي مسئلن جو وجود موجود ھوندو آھي. ناول ۾ ھڪڙي مرڪزي  ڪھاڻي ھوندي بہ گھڻيون ننڍيون ڪھاڻيون ھونديون آھن.“

اھڙيون گھڻيون ئي ڪھاڻيون ھن جي ناول بلنديون ۾ پڻ آھن. جيڪي ڪھاڻيون ايران جي ڪردستان علائقي جي ماٿري ديالا نھر جي ڪنديءَ کان شروعات ڪن ٿيون. ھن علائقي لاءِ ناول نگار ڄاڻائي ٿو تہ ” ھتان جون زمينون زرخيز آھن جيڪي ڪڻڪ جو سون، ڪپھ جي چاندي  ۽ ميوي  جا مانارا اُپائينديون آھن.!  ھتان ديالا نھر وھي ٿي، ھتان جا رھاڪو  ڪنھن ڇوڪريءَ جي سُونھن ۽ جُوڀن جي انتھا  لاءِ چوندا آھن تہ  ھن جي جواني ائين ڀرپور آھي جيئن ديالا نھر.“ ناول کي جيڪڏھن اختصاري لفظن ۾ ھتي بيان ڪجي تہ

ناول جي شروعات علائقي جي حسين منظر نگاري کان پوءِ مانجھيءَ نالي ڇوڪري جي ڪردار کان شروع ٿئي ٿي. جيڪو ڇوڪرو ڳوٺ ڏي ورندڙ سنھڙي پيچري کي لتاڙيندي ذھن ۾ ڪيترائي خيال ڊوڙائيندي ڳوٺ ڏي ھڪاريندو اچي ٿو تہ وڏيرو وڏيري جو پٽ ۽ ھن جو ماءُ پيءُ ھن جا ڳوٺائي ۽ مُکڙي(ھن جي ننڍ پڻ جي دوست ڇوڪري) ھن سان آخر ڪيئن پيش ايندا. ھو آخر بہ تہ ٻن  سالن جي وڇوٽي پڄاڻان شھر کان ڳوٺ ڏي اچي رھيو ھو. ھيءُ پيءُ کان فقط ان ڪري رُسي شھر وڃي دوائن جي ڪارخاني ۾ مذدوري لاءِ ڀرتي ٿيو ھو تہ ھن جي پيءُ ھن کي مُکڙي جو سنڱ نہ پئي وٺي ڏنو. ڇو تہ مُکڙي جو سنڱ اڳواٽ ئي ڳوٺ جي وڏيري پنھنجي پُٽ (لقمان ) لاءِ گُھريو ھو.! مانجھي جي پيءُ نہ پئي چاھيو تہ مُکڙي جو سنڱ گُھري وڏيري سان دشمني ڪجي آخر بہ ٻني ٻارو  ۽ ڳوٺ وڏيري جو ھو.!

 مکڙي نالي ڇوڪري سان مانجھيءَ جي دوستي حادثاتي طور ننڍ پڻ ۾ ٿئي ٿي اھو ائين تہ مانجھي جي گھر جي اڱڻ ۾ ھڪڙي ٻير ھُئي جيڪا ھر آئي سال ٻيرن سان جھجي پوندي ھئي ۽ مانجھي ھڪڙي صبح اڃا ننڍ ۾ الوٽ ھو تہ مکڙي ھن جي گھر جي اڱڻ ۾ ٻير ٻُھاري رھئي ھئي. جڏھن مانجھيءَ جون اکيون کليون تہ ھن مکڙي کي ٻيرن ميڙڻ کان روڪيو ۽ ڌڙڪا ڏنا جنھن تي مانجھي کي ھن جي امڙ سمجھايو تہ نياڻي آھي، جي ڪجھ ٻير ميڙي ٿي تہ ان کي ميڙڻ ڏي. پر مانجھي ضد تي اٽل رھيو تان جو آخر ماءُ ھن کي چيو ڀلا ھئين ڪر تون ئي ھن کي پنھنجي ھٿن سان ڪجھ ٻير ميڙي ڏي ۽ مانجھي ائين ئي ڪري ٿو پوءِ تہ ساڳي ڪار روز جو معمول بڻجي وڃي ٿي ۽ مکڙي ۽ مانجھي ننڍ پڻ ۾ ئي سٺا دوست ٿي وڃن ٿا. اڳتي ھلي اُھا دوستي پيار ۾ بدلجي وڃي ٿي.! مُکڙي دل جي ديار دل ھُئي ھن ننڍ پڻ ۾ ڳوٺ جي وڏيري جي پُٽ (لقمان) کي ٻير آڇيا جنھن تان ھو ڪاوڙجي پيو تہ آئون ڪو فقير ٿورئي آھيان ۽ مکڙي کي ڌڪو ڏنائين جنھن تان مانجھيءَ جو جذبو ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ ھن وڏيري جي پٽ کي سٺي مار ڏني تان جو اچي وڏيري جي نوڪرن ھن کي ڇڏايو ۽ مانجھيءَ کي سٺو ڪٽڪو ڏنائون. پر ڳالھ اتي بہ ختم نہ ٿي ھن وجھ وٺي ڳوٺ جي ٻاھران ھڪ دفعو ٻيھر وڃي وڏيري جي پٽ کي مار ڏني.! تان جو اُھا دشنمي اڳتي ھلي ضد ۾ بلدجي وڃي ٿي، تہ جي مُکڙي جو سڱ وٺندو تہ وڏيري جو پٽ وٺندو.! محض ان لاءِ تہ مانجھيءَ جي ھر حال ۾ ھار وڏيري جي پُٽ جي سُوڀ ھُئي ۽ ھن کي پروڙ ھُئي تہ مانجھي مُکڙي کي وڏي شدت سان چاھي ٿو.!

ناول کي اڳتي وڌائيندي ليکڪ اُھو بہ ڏيکاري ٿو تہ ھڪ لڱا ڳوٺ جي وڏيري ڪنھن واٽر ڪورس جي کاٽيءَ لاءِ بيگر جي ڪوٺ ڏني ۽ ان سڏ تي مانجھيءَ جو پيءُ وڃي نہ سگھيو ان لاءِ سبب ھو تہ ھو سخت بيمار ھو. جنھن ڳالھ تان ڳوٺ جو وڏيرو مچرجي پيو ۽ ھن کي اوطاق تي گُھرائي نيٽ جي لڪڻ سان مار ڏنائين ان سڄي ماجرا تي ڳوٺ جا سڀ ھاري خاموش رھيا ڪنھن ڪجھ بہ نہ چيو ۽ نہ ئي ڪنھن مانجھيءَ جي پيءُ کي ڇڏايو مانجھي بہ پيءُ سان گڏ ھو ۽ ھن جي عمر تنھن وقت ڏھن سالن جي لڳ ڀڳ ھُئي. ھن کي پيءُ جي بيعزتي تي ڪاوڙ اچي وئي ۽ ھن جنب کڻي وڏيري کي وھائي ڪڍي. جنھن تي وڏيري ھن جي پيءُ کي ڇڏي ھن کي اچي نيٽ جي لڪڻ سان ورتو تان جو ھي بيھوش ٿي ويو.!

ناول ۾ ڄاڻايل آھي تہ جيئن جيئن مانجھي ۽ مُکڙي وڏا ٿيندا ويا تہ ھنن جي وچ ۾ ملاقاتن جي حسرتن جي ديوار  بہ حائل ٿيندي وئي، ڪڏھن مُکڙي سينھون مٿي تي رکي دلي کي سجائي پنھنجي ساھيڙي سُکان سان گڏ  پاڻي ڀرڻ لاءِ کوھ تي ويندي ھئي تہ ھن جون ملاقاتون مانجھيءَ سان ٿي پونديون ھيون نہ تہ مکڙي ھن جي گھر اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو ھو.! ليکڪ اُھو بہ ڏيکاريو آھي تہ مانجھي ۽ مکڙي جي ملاقاتن ۾ تڏھن بہ رکنو پيو ھو، جڏھن ڳوٺ جي وڏيري ھن جو نالو بدمعاش طور پوليس ۾ ڏياريو ھو ۽ ھي جيل ياتارا تي ھليو ويو ھو پوءِ ڪيس ھليو ۽ ھن کي ٻارنھن مھينا ڏيپ ڏئي ڇڏيائون.! جيل ۾  مانجھي کي ڪيترائي بيڏوھي ساٿي مليا جن مان سومر نالي ڇوڪرو بہ ھڪ ھو. جنھن ھن کي انياءُ ۽ نياءُ بابت ۽ وڏيرين جي ظلم ۽ دادگيري بابت ڪيتريون ئي ڳالھيون ٻڌايون جن ڳالھين جو ھن جي ذھن تي گھڻو ئي اثر پوي ٿو ۽ ان اثر ھيٺ رھندي ھي مانجھي ناول جي اختتام تائين جدوجھد جي جستجو ۾ رھي ٿو  ۽ پنھنجي خيالن جو اظھار ھي ڳوٺ جي وڏي ننڍي جي ذھنن تائين پڄائي ٿو.

  ناول ۾  اُھو بہ ڏيکاريل آھي تہ سومر جو تعلق ھڪ ھاري تنظيم سان وابسطا آھي جيڪا ھارين جي حقن لاءِ متحرڪ آھي. جيڪا تنظيم پنھنجي سرگرمين کي نوجوانن جي ذريعي ڳوٺ ڳوٺ ۾ جاري رکي ٿي، ۽ واپسي ۾ انھن نوجوانن تي دھرائپ جا الزام بہ ڳوٺن جا وڏيرا پنھنجي ڪمدارن ذريعي عائد ڪرائيندا رھن ٿا! اھڙن نوجوانن مان لطيف نالي بہ ھڪ نوجوان آھي جيڪو پڻ مانجھي جي ڳوٺ جو ئي آھي جيڪو تعليم پرائڻ لاءِ شھر ڏانھن ويل ھو جڏھن تعليم پوري ڪري ڳوٺ اچي ٿو تہ ھي بہ ھارين جي حقن لاءِ جدوجھد ۾ مشغول ٿي وڃي ٿو.! ناول جي آخري حصي ۾ آخر ڪار مانجھي ۽ مُکڙي جي شادي ٿي وڃي ٿي. ۽ ڳچ عرصو ڳوٺ رھي ھي شھر ڏانھن منتعقل ٿي وڃن ٿا ۽ شھر ۾ عورتن جي اڳواڻ طور مُکڙي اڀري اڳيان اچي ٿي. اڳتي ھلي ٻوليءَ جي حوالي سان فساد ٿين ٿا ۽ شھر ڪرفيو جي ور چڙھي وڃي ٿو. ليکڪ اُھو بہ ڄاڻايو آھي تہ ان ڪرفيو دوران يا چئجي فسادن جي سمي ۾ اٺ عورتون پڻ جيل ياترا ڪن ٿيون جيڪي ھيٺين طبقي جي حقن لاءِ سراپا احتجاج ھيون.! اختتام دوران مائوزتنگ جا قول وغيره ورجائي ناول کي پڄاڻي تي پھچايو ويو آھي.!

بلنديون ناول ۾ نجم عباسي  سماجي عڪاسي ھارين جي رھڻي ڪھڻي ۽ انھن مٿان ٿيندڙ وڏيرن جو ڏاڍ ھاري سنگت جي نوجوانن جي  جستجو ۽ جدوجھد جيڪا ڏيکاري آھي اُھا تہ نج سنڌي سماج جو آئينو آھي.!(جنھن کي آئون اڳتي ھلي سندس جي ناول مان ئي دليل سان واضح  ڪندس تہ ھي ناول ڪردن بجاءِ سنڌين تي لکيو ويو ھو! ) پوءِ آخر ليکڪ اڳيان ڪھڙيون رڪاوٽون ھُيون جن جي ڪري ھن سنڌي سماج جي آئيني دار ناول کي ھرڀرو ايران جي ڪردستان جي علائقي جي ماٿري ۽ ديالا نھر جي ماڻھن سان منسوب ڪيو.؟ جڏھن تہ ھيءُ ھڪ بردبار ليکڪ طور اسان سڀن اڳيان آيو آھي، جنھن جو چٽو مثال ھن جا ٻہ ڪتاب آھن( تصوف جي چير ڦاڙ ۽ سوچون ھڪ سچار جون!)

ناول ۾ اداري پاران ۾ لکيل آھي” ھي ناول  ايراني ڪردن سان ٿيندڙ  ظلم ذبردستي ھنن جي انھيءَ  ڏمر ڏاڍ خلاف لاڳيتي جدوجھد ۽ انھيءَ جي نتيجن ۾ حاصل ٿيندڙ  ڪاميابين جي بنياد تي ٻڌل ھڪ دلچسپ  فڪر انگيز ۽ اثرائتو ناول آھي.“

پاڻ  موٽي ٿا اچون دليلن ڏانھن سڀ کان پھريان جيڪڏھن ھي ڪردن تي چٽيل ناول آھي تہ مُکڙي گھران مٿي تي سينھون سجائي دلو کڻي ڳوٺ جي ٻاھر کوھ ان ڪيئن ٿي ڀري اچي.! ڇا سينھون ۽ دلو ڪردن جي نشاني آھي يا سنڌين جي؟ ان کان اڳتي مانجھيءَ جو پيءُ ڏاند جوٽي ٻني ھر ڪاھي ٿو.! ڇا ڏاندن تي ھر ڪاھڻ سنڌين جي نشاني آھي يا ڪُردن جي.؟ وڏيرو ڳوٺ جي ھارين کي بيگر جي ڪوٺ ڏي ٿو ۽ کاٽي لاءِ سڀئي ھاري نڪري پون ٿا.! ڇا اُھا سنڌي وڏيرين جي نشاني آ يا ڪُردن جي.؟ خير مڃي بہ وٺجي تہ اُھي سڀئي نشانيون ڪرد ھارين ۾ بہ آھن تہ پوءِ انھن غلطين کي ڪٿي رکجي جيڪي نہ چاھيندي بہ ليکڪ کان ناول مان ڪٽڻ وسري ويون آھن.  جنھن مان واضح آھي تہ ناول کي ھرڀرو ڪٽي سٽي سنڌين بجاءِ ڪردن سان منسوب ڪيو ويو آھي.! اُھي غلطيون اوھان پاڻ پڙھي وٺو ليکڪ ناول جي ص نمبر 34 تي لکي ٿو ” مانجھي جڏھن شھر کان ڳوٺ ڏانھن موٽي آيو ھو تہ ھن سڀن گھر ڀاتين لاءِ سوکڙيون آنديون ھُيون پيءُ ۽ ڀائرن واسطي ٻہ پُڙا اجرڪ ماءُ ۽ ڀينرن لاءِ اڇي ڇيٽ ۽ سُٿڻ لاءِ  سٺو سوسي جو ڪپڙو“ مٿي اسان سوکڙيون پڙھيون ڇا اُھي سوکڙيون سنڌ جي ثقافت جو حصو آھن يا ڪُردن جي ثقافت جو.؟ اجرڪ ڪڏھن کان ايراني  ڪُردن جي نشاني رھيو آ.؟ خير اڳتي پڙھو نجم عباسي صاحب ناول جي ص نمبر 65 ۽ 66 تي لکي ٿو  ” لطيف (ناول جو ھڪ ڪردار)جنھن بہ ڳوٺ  ۾ ويندو ھو تہ اتي سوچيل سمجھيل پروگرام ٺاھيندو ھو. ٻھراڙي جون  رانديون جھڙوڪ ٻلھاڙو، ونجھوٽي، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ملھ ڪرائيندو ھو.!“

مٿي جيڪي اسان رانديون پڙھيون ڇا اُھي سنڌين جون رانديون آھن يا ايراني ڪُردن جون.؟ خير اڃا بہ اڳتي پڙھي ڏسو ” لطيف جڏھن سومھڻي جي ڪچھري لڳائيندو ھو تہ شروعات لوڪ گيت ھو جمالو سان يا ڪنھن ٻئي لوڪ ناچ سان ٿيندي ھُئي. ھو پاڻ سان آندل پنھنجو ٽيپ رڪارڊ (آواز بند ) وڄائيندو ھو. ان ۾ ھو جمالو يا ٻيا گيت ڀريل ھئا.!  دھل شرنايون يا آواز بند شروع ٿيڻ تي ڳپل ڳوٺاڻان دائرو ٺاھي ھو جمالو ناچ نچڻ لڳندا ھا.!“

اسان مٿي پڙھيو تہ لطيف جڏھن بہ ڪو پروگرام ٺاھيندو ھو تہ ان جي شروعات ھو جمالو يا ڪنھن ٻئي لوڪ ناچ سان ٿيندي ھُئي. ڇا ھو جمالو سنڌين جو لوڪ ورثو ناھي يا ان تي سنڌين بجاءِ ايران جا ڳوٺاڻان گول دائرو ٺاھي رقص ڪندا آھن.؟ سوچجي نجم عباسي جھڙي ڏاھي ماڻھون ائين آخر ڇو ۽ ڇا لاءِ ڪيو  جو نج سنڌي ناول کي ڪُردن جي ھارين جي رھڻي ڪھڻي ۽ جدوجھد سان منسوب ڪيو.؟ آخري ڪھڙي اھڙي ڳالھ ھُئي جو ھن پنھنجي ناول کي سنڌي سماج مان ڪڍي ايراني ڪُردن جي خاتي ۾ درج ڪيو.؟ ڇا ڏاھپ واقعي مونجھارا پيدا ڪندي آھي.؟  جيئن مٿين ناول ۾ مونجھارا آھن.؟ جئي واقعي ڏاھپ مونجھارن جو رستو بہ وٺندي آھي، تہ پوءِ اسان کي رسول ميمڻ جي ھن ڳالھ سان اتفاق ۽ ان جي سچائي کي  مڃڻو پوندو. جيڪا ڳالھ ھن پنھنجي ڪتاب (وطن پرين ۽ موت) ۾ ھن طرح لکي آ ” واقعي ئي ڏاهپ انسان کي مونجهارو عطا ڪيو آهي، ڏاهپ جي وصف مڪمل نہ آهي، ڏاهپ معنا بدلائي ٿي، ڪڏهن سچ ڏاهپ جي اڳواڻي ڪري ٿو، ڪڏهن ڪوڙ ڏاهپ جو علمبردار آهي، سچ ۽ ڪوڙ جاڙا ڀائر آهن، جيڪي همشڪل آهن، هڪ کي ڳولهيو ٻيو ملي ٿو، ٻئي کي ڳولهيو پهريون ملي ٿو، چوراهي تي بيٺل انسان ڏاڍو منجهيل آهي، رستن جي رهنمائي ڪندڙ تير جي نشان جا نٽ ڍلا ٿي چڪا آهن، اهو هوا تي رخ بدلائي ٿو.“

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. This article took be back almost 50 years…….DR Najam abbasi had a clinic near home and whenever there was fever 🤒 we used to go to him……..What a simple soul he was A soft spoken person . Thanks for sharing his article

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button