Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چين ۾ پنڻ تي بندش پر آفريقي ماڻھن خيرات وٺڻ جو ڊجيٽل طريقو ڳولي ورتو

چين ۾ پنڻ تي سخت پابندي آهي. هنن يارن پنڻ جو جديد طريقو اختيار ڪيو آهي ته موبائيل جهلي بيٺا هوندا، جنھن کي خيرات ڏيڻي هوندي، اهو سندن موبائيل سان ڪنيڪٽ ڪندو آهي ۽ ٻه چار يوآن خيرات طور ڊجيٽل ذريعي ڏياري موڪليندو

يوسف سنڌي

ارڙھين آڪٽوبر 2024: جڏهن هتي آيو هئس ته مون وشال کي چيو هو ته مون کي زو zoo ضرور وٺي هلج جو مون کي ’پانڊا‘ ڏسڻا آهن. پانڊا جو نسل فقط چين ۾ ملي ٿو ۽ نھايت ئي دلچسپ جانور آهي. منھنجي خيال ۾ ته چين جو قومي جانور به آهي، هو بانس جي ٻيلن ۾ رهي ٿو ۽ سندس کاڌو به بانس جا پتا ۽ لٺيون آهن. بس الائجي ڇو مون کي پانڊا ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ پانڊا صابڻ تي آءٌ پانڊا جي تصوير ڏسندو رهندو آهيان.

طبيعت ۾ مزو نه هئڻ سبب پھرين مون سوچيو ته وشال کي چوان ته اڄ نه ٿا هلون، پر کشين ۽ سندس ماءُ تيار ٿي رهيون هيون ۽ سندس راتوڪيون ٻئي ماسيون به اتي اچڻيون هيون. سو نه چاهيندي به اٿي تيار ٿيڻ لڳس.

تيار ٿي پنج ئي ڄڻا آءٌ وشال ماڻهنس، کشين جي ماءُ ۽ کشين اچي ڪار ۾ ويٺاسين. مريم ته هونئن به اسان کان ڌار نه هئي. کشين ڪار جو اسٽيرنگ سنڀاليو ۽ ڪار نئننگ جي رستن تي ڊوڙڻ لڳي. زو zoo ايترو پري نه هو، پندرهن منٽن جي ڊرائيونگ کان پوءِ اتي پھچي وياسين. کشين جون ٻئي ماسيون اڳ ۾ ئي اتي پھچي چڪيون هيون.

پارڪنگ ۾ ڪار پارڪ ڪري اسان هيٺ لٿاسين ۽ ٿورو هلي زو جي گيٽ تي پھتاسين. جتي مٿي چيني ۽ انگريزي ۾ لکيل هو. Nanning zoo ان دوران کشين ٽڪيٽون وٺي آئي، جيڪي خود ڪار مشين سان ٽچ ڪري اسان اندر گهڙياسين. سامھون ئي کشين جون ٻيئي ماسيون، ٺھيون جُڙيون، روايتي چيني لباس ۾ ٽوپلا پايو بيٺيون هيون. هو موبائيل سان فوٽوگرافي به ڪري رهيون هيون. ساڻن ٽي ڀيڻ کشين جي ماءُ گڏي ته سندن خوشي ڏسڻ وٽان هئي. اسان ٿورو اڳيان وڌي هڪ هنڌ بيٺاسين ته ٽيئي ڄڻيون، سامھون ٺھيل هڪ ڪمري ۾ گهڙي ويون. ٿوري دير کان به اهي ۽ هڪ ٻي مائي سندن ئي جھڙي ڊريس ۾ اچي اسان جي اڳيان بيٺيون، جنھن تي مون وشال کان پڇيو ته، ”کشين جي ماءُ ڪيڏانھن ويئي.“ جنھن تي وشال وراڻيو، ”هيءَ ته تنھنجي ڀر ۾ بيٺي آهي.“ مون کيس غور سان ڏسي وٺي ٽھڪ ڏنو. اصل ۾ هوءَ ڪمري ۾ وڃي ڀيڻن جھڙو لباس ۽ مٿي تي ٽوپلو پائي آئي هئي، تنھنڪري مون نه سُڃاتي مون کي ٽھڪ ڏيندي ڏسي وشال ۽ ماڻهنس سميت هو ٽيئي به کلڻ لڳيون. البت کين اهو نه ٻڌايوسين ته اسان ڇو کليا آهيون.

انهن ٽنهي ڀيڻن جي پاڻ ۾ وڏي پريت هئي. اسان ٿورو اڳتي وڌي وياسين، پر هي ٽئي پاڻ ۾ کلنديون، کجڪا ڪنديون، فوٽوگرافي ڪنديون ڄڻ ڪي الهڙ ڇوڪريون هجن، پنھنجي منھن گهمڻ لڳيون. اسان جڏهن ڪافي اڳتي هلي پانڊا ڏسي، ٿڪي ٻاهر اچي پھتاسين ته هي ٽيئي پري کان کلنديون، ٽوپلا پايو اچي پھتيون. منھنجي مٿي تي پگهر جا ڦڙا ڏسي کشين جي ماءُ پھرين پنھنجي نرڙ ڏانھن پوءِ منھنجي نرڙ ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ”ڏس تون پگهريو پيو آهين، پر منھنجي مٿي تي پگهر جو ڦڙو به ڪونهي.“

دل ۾ چيم مايون سڳوريون اوهان آهيو بنا ملاوٽي ۽ سچن گيهن ۽ سخت محنت ۽ ڊسيپلين ۾ پليل نپيل ۽ اسان آهيون اسلامي ڀائيچاري واري ملڪ ۾ ملاوتي کاڌن تي پليل، سو اسان جي ايمان جي سلامتي آهي، باقي اسان جا ٽپڙ پورا آهن. سو اوهان سان ڪير پُڄي.

ان مھل مون ٽنھي ماين سان گڏجي فوٽو ڪڍايو، جيڪو پوءِ فيس بوڪ تي ’پنھنجي چيني مائٽياڻين سان گڏ‘ جي عنوان سان رکيم ته دوستن ڏاڍا دلچسپ ۽ مزيدار تبصرا ڪيا. ’مسافر هاليپوٽي‘ ته مرڳي ان تي بيت جوڙي ورتو:

دڙي جون دانھون، ويون توکان وسري،

ڪيئن چوان آءٌ ته چاهه نه رکو چينين سان.

انهن ٽنهي جي پاڻ ۾ اهڙي پريت ڏسي منھنجي گهر واريءَ چيو، ”هنن ڀيڻن ۾ ڪيتري نه محبت آهي، هڪ اسان جون ڀيڻيون آهن، جيڪي ڳالهه ڳالهه تي ڇتيون ٿيو پون.“

جنھن تي مون کان وڏو ٽھڪ نڪري ويو ۽ چيومانس، ”هي مايون وانديون ويھن ڪونه، سڄو ڏينھن ڪم ڪار ۾ رڌل ۽ جڏهن ملن ٿيون ته وڙهڻ بدران خوب انجواءِ ڪن ٿيون. ڏٺئي ڪونه ته ڪھڙيون نه بود ۾ ڀريل آهن.“

انهن ماين کي پويان ڇڏي اسان اڳتي هلڻ لڳاسين. ڀولڙا، بدڪون ۽ ٻيا جانور ڏسندا پنڌ ئي پنڌ… زو zoo تمام وڏو ۽ تمام سھڻو ۽ صاف سٿرو آهي، هنڌ هنڌ تي ٽوائليٽ، ٽڪ شاپ، ويھڻ لاءِ بئنچون رکيل ۽ سھڻيون عمارتون ٺھيل آهن ۽ وري وڻن ۽ گلن جو جھان ئي الڳ. صفائي سُٿرائي ته ڄڻ هنن جو سڄو ايمان هجي. اهڙي وڻندڙ ماحول ۾ سچ پچ ته ماڻهو مست ٿيو پوي. اسان رستو ڏيئي اڳتي وڌياسين، پر هاڻ هلڻ نه پي پُڄيو. زو ۾ گهمندڙن کي وزيٽر گاڏيون به کڻي گهمائي رهيون هيون. هو هڪ ايندڙ گاڏي کي هٿ ڏنوسين. بيٺي ته ڊرائيور مائي کان پُڇيوسين ته کڻي هلندينءَ. هن هائوڪار ڪئي. ٽڪيٽ جا پئسا ورتائين ۽ اسان چئني جي ڪرائين ۾ هڪ پٽو ٻڌائين. جيئن سڃاڻپ ٿي سگهي ته هنن ٽڪيٽ ورتي آهي. گاڏي ٿورو اڳيان هلي ۽ هڪ هنڌ بيٺي ته ڊرائيور مائيءَ اشارو ڪيو ته سامھون ڏسي اچو. اسان ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو لٿا. زو zoo جو اهو پورشن ڏيڏرن، ڪڇن ۽ نانگن جو هو. اسان اهو ڏسي موٽياسين ته گاڏي نه هئي، جنھن تي پريشان ٿي وياسين. وشال چيو ته گاڏي کڻڻ ايندي، اسان ان آسري ۾ اتي بيھي رهياسين. ان وچ ۾ ٽي چار گاڏيون آيون ۽ لنگهي ويون، پندرهن ويھه منٽ گذري ويا، پر اسان واري گاڏي نه آئي. تيسين هڪ ٻي گاڏي آئي. ان مان ڪجهه ماڻهو لٿا ته ڊرائيور مائيءَ اسان کي اشارو ڪندي چيو ته هلو ٿا. اسان چيو ها ته ڪرائي مٿي ڪيائين ته پٽو ڏيکاريو. پٽو ڏيکاريوسين ته چيائين اچو ويھو. اسان وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين، وشال چيني ۾ ڪجهه پڇيس ته چيائين ”اوهان ٽڪيٽ جا پئسا ادا ڪري چڪا آهيو، هاڻ ڪنھن به گاڏي ۾ چڙهي سگهو ٿا.“ جنھن تي اسان ”شي شي“ چئي سندس مھرباني مڃي.

”واهه واهه چڱو ٿيو جو محترمه تو اسان جي رهنمائي ڪئي نه ته اسان بيھي بيھي ڪاٺ ٿي وڃون ها.“

رستي تي ڪيترائي ماڻهو، مرد، عورتون ۽ ٻار پنڌ به وڃي رهيا هئا ۽ ڪيترن ئي اسڪولن جا ٻار به پنھنجي پنھنجي اسڪولن جي ڌار ڌار ڊريسن ۾ پنھنجن استادن ۽ استادياڻين سان گڏ زو گهمي رهيا هئا. ٻارڙا نھايت ڊسيپلين ۾ ۽ قطارن ۾ پي هليا، نه ڪو هُل نه هلڙ بازي. ڪٿي ڪٿي ته استاد ٻارن کي ڪسرت به ڪرائي رهيا هئا. چيني ٻارن کي ڏسي سچ ته خوشي ٿي، مِنا، چُونچا، ڄڻ سڀ هڪ ئي سانچي مان نڪتا هجن.

اسان هڪ هنڌ لٿاسين، جتي زرافه ۽ زيبرا هئا. زرافه کي اڳ ۾ رڳو جاگرافي چينل تي ڏٺو هئم، سندن ڪنڌ ڊگها ۽ ٽنگون سگهاريون، رنگ پٽا پٽي. ڏاڍو خوبصورت جانور هو. اتي ڪيترائي ننڍا وڏا زرافه هئا، جن کي سندن قدرتي ماحول ٺاهي رکيو ويو. ٿورو اڳيان وڌياسين ته مسٽر زيبرا تي نظر پئي، اهو گڏهه جيڏو جانور به خوبصورت هو. پٽاپٽي. ائين اسان پوءِ ڪافي هنڌ ڏسندا اڳتي وڌڻ لڳاسين. سڄو زو ڏسڻ لاءِ سڄو ڏينھن کپي. سو مون وشال کي چيو ته ’هاڻ گرمي ٿيندي پئي وڃي. هل ته پانڊا ڏسون، پوءِ گهر هلئون، جو جمع جي نماز تي به هلڻون آهي.‘

پوءِ اسان مسٽر پانڊا وٽ پھتاسين. جتي ٻاهر پانڊا جا پشم جا گڏا وڪجي رهيا، اندر گهڙياسين ته هڪ وڏي هال نما جاءِ ۾، جنھن جي ڏسڻ واري پاسي شيشا لڳل هئا ۽ اندر بلڪل پانڊن جي رهڻ جھڙو ماحول ٺاهيو ويو هو، هڪ وڏو پانڊو وڻ تي چڙهيو آرام فرمائي رهيو هو ۽ اڳيان وري ٻيو وڏو پانڊو ويٺو بانس چٻاڙي رهيو هو.سندس اکيون تمام ننڍيون هيون، انهن جي چوڌاري وڏا ڪارا گول هئا. سندس اکيون نظر نه پي آيون. بھرحال چين جو اهو عجوبو جانور ڏسي خوشي ٿي. فوٽو به ڪڍياسين ۽ مووي به ڀريسين. انهن جي پاسي ۾ هڪ بانسن جو ننڍو ٻيلو ۽ ان جي وچ ۾ ڍنڍ ٺاهي ويئي هئي. ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ به پانڊا هجن، پر ان مھل نظر نه آيا.

هاڻ اسان جي واپسي هئي. اسان سڀ هوريان هوريان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هلڻ لڳاسين. ٻاهر نڪري کشين جي ماسين موڪلايو، کشين جي ماءُ به انهن سان رواني ٿي ۽ اسان گهر روانا ٿياسين. واپسي ۾ آءٌ چينين کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس ته هنن پنھنجي عوام جي وندر ۽ ورونھن لاءِ ڪھڙو نه سٺو زو Zoo ۽ پارڪ ٺاهيو آهي. اسان وقت جي تنگيءَ سبب زو جو فقط ڪجهه حصو ڏسي سگهياسين، پر اهو يقين اٿم ته دنيا مان ڪٿان به ڪو جانور يا پکي هٿ چڙهيو هوندو، اهو هن زو ۾ ضرور موجود هوندو.

واپس اچي هوٽل وٽ لٿاسين ۽ وشال مون کي چيو ته هتي ويھه ته گهران ڪپڙا بدلائي اچان ته نماز تي هلئون. آءٌ اتي ئي ويھي رهيس. اڌ ڪلاڪ اندر وشال موٽي آيو ۽ ٽئڪسي گهرايائين ۽ اسان نماز لاءِ مسجد روانا ٿياسين. ان مھل سوا هڪ ٿي رهيو هو ۽ نماز پوڻين ٻين بجي ٿيڻي هئي، وقت تي نظر رکندي وشال چيو، ”نماز تي مشڪل پھچون.“ پر ٽئڪسي واري کي تيز هلڻ جي لاءِ به چئي نه ٿي سگهياسين، جو ٽئڪسي مقرر رفتار کان تيز هلي ها ته مٿس ڏنڊ پئجي وڃي ها. بھرحال، جماعت سان نماز اسان جي نصيب ۾ هئي، مسجد پھتاسين ته خطبو پي پڙهجيو، اسان وضو ڪري اندر گهڙياسين ته نماز به شروع ٿي وئي. مون الله جو شڪر ادا ڪيو، جنھن پنھنجي وسيع ڪائنات جي هڪ ٽٻڪي زمين تي پنھنجي ملڪ کان هزارين ميل پري نئننگ ۾ مون کي اڄ ٻيو ڀيرو جمع جي نماز پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

نماز پڙهي ٻاهر نڪتاسين ته ڏٺم هڪ آفريقي ۽ ٻه ٽي ٻيا همراهه پنھنجي موبائيل جهليو بيٺا هئا. وشال منھنجو انهن ڏانھن ڌيان ڇڪرايو ته ”ابو هي خيرات پيا وٺن.“ مون هنن ڏانھن ڏٺو، پر ڳالهه نه سمجهيم، تيسين هڪ همراهه آفريقن سان پنھنجي موبائيل سامھون ڪري ڪنيڪٽ ڪئي ۽ هليو ويو. ”ابو، چين ۾ پنڻ تي سخت پابندي آهي. تنھنڪري هنن يارن پنڻ جو اهو جديد طريقو اختيار ڪيو آهي ته موبائيل جهلي بيٺا هوندا آهن، پوءِ جنھن کي خيرات ڏيڻي هوندي آهي، اهو سندس موبائيل سان ڪنيڪٽ ڪندو آهي ۽ کيس ٻه چار يوآن خيرات طور ڊجيٽل ذريعي ڏياري موڪليندو آهي.“

”واهه! خيرات وٺڻ جو جديد ۽ سائنسي طريقو.“ مون چيو، ”تڏهن ته چوندا آهن، ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي.“

___________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button