Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ 900 کان وڌيڪ شاگردياڻيون اُميدوار

حيدرآباد، عمرڪوٽ، سکر ۽ ڪوئٽا واري انٽري ٽيسٽ مرڪزن تي 5707 اُميدوار ويٺا جن ۾ 905 شاگردياڻيون ھيون. حيدرآباد واري مرڪز ۾ ئي شاگردياڻين جو انگ 741 ھو

ٽنڊوڄام، سنڌ

سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرامم ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ اڄ آچر ڏينھن  ٿي جنھن لاءِ يونيورسٽي ۽ ان سان سلھاڙيل خيرپور ڪاليج ۽ عمرڪوٽ ڪيمپس جي انٽري ٽيسٽ ۾ 5,707 اميدوار شريڪ ٿيا. ٽيسٽ ۾ 905  گرلز بہ شرڪت ڪئي.

ٽيسٽ لاءِ ڪوئٽه بلوچستان ۾ هڪ ۽ سنڌ ۾ ٽي انٽري ٽيسٽ مرڪز قائم ڪيا ويا ھئا. حيدرآباد سينٽر ۾ 4,247 اميدوار شريڪ ٿيا جن ۾ 741 گرلز شامل ھيون. عمرڪوٽ سينٽر ۾ 560 بوائز ۽ 66 گرلز انٽري ٽيسٽ ۾ شريڪ ٿيون.

سکر سينٽر تي 640 بوائز ۽ 96 گرلز ٽيسٽ ڏنو جڏھن تہ ڪوئٽه سينٽر ۾ 96 بوائز ۽ 2 گرلز شرڪت ڪئي. انٽري ٽيسٽ 100 منٽن ۾ 100 ايم سي ڪيوز سوالن تي ٻڌل ھئي.

حيدرآباد ۾ 62 بلاڪ قائم ڪيا ويا، جن ۾ 11 گرلز بلاڪ شامل آھن. پري ميڊيڪل جا 49 ۽ پري انجنيئرنگ جا 12 بلاڪ ترتيب ڏنل ھئا.

داخلا لاءِ مين ڪيمپس لاءِ 1,785 سيٽون، عمرڪوٽ لاءِ 318 ۽ ٻين مرڪزن لاءِ 220 سيٽون رکيون ويون. چئن ئي مرڪزن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام، واڪ ٿرو گيٽ ۽ پوليس مقرر ھئي. يونيورسٽيءَ جي پنھنجي سڪيورٽي ٽيم به خاص ڊيوٽي تي موجود ھئي. (پريس رليز)

________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button